Tuesday, 25 July 2017
ڪهاڻي تمنا جو موت
ڪهاڻي
سائل مهراڻ
تمنا جو موت
قسط ٻيئن
“ڪجهه ڪونهي” هن نه چاهيندي به ڳالهه کي لڪائڻ چاهيو
“پر اوهان وڌيڪ پريشان پيا لڳو” ڀيرو هن جي چهري ڏانهن نهاريندي چيو، جنهن مان گومون
جي پريشاني واضح نظر اچي رهي هئي
“ها ڳالهه ئي اهڙي آهي” گومون سنجيدگي سان جواب ڏنو
“اهڙي ڪهڙي آ ڳالهه جو ايڏو پريشان ٿجي، وسيم کي جواب ڏئي ڇڏينداسين ته اسان وٽ ٻيو مال
ڪونهي” ڀيرو هن جي لڪيل ڳالهه تائين پهچڻ لاءِ مهرو اڇلايو
“پر وسيم چئي ويو آهي ته راڌا”..... هن راڌا لفظ چئي ته ڇڏيو پر ان
جو ضمير هن کي ملامت ڪرڻ لڳو ته ڇا تو ايترو نيچ ٿي ويو آهين جو پنهنجي زال جي ته
دلالي ڪرين ٿو پر هاڻ پنهنجي ڌي جي به
دلالي ڪري ان کي به هن اوڙاه ۾ اڇلڻ ٿو
چاهين. ڇا تو کي خدا هٿ پير نه ڏنا آهن جو پنهنجي ڌيءِ کي ڪنوارپ ۾ ئي گهڻ مڙسي جو
ڏهاڳ ڏيڻ ٿو چاهين ،ڇا پنهنجي ڌيءِ جي سينڌ ۾ سنڌور سنوارڻ نٿو چاهين.
“راڌا”.... ڀيرو ڳالهه کي سمجهندي حيرت مان چيو هن جو وات ڦاٽي ويو.
گومو ڪچي ٺري جو گلاس کڻي هڪ ڳيت سان پي ويو.
“ها راڌا جو چئي ويو آهي ته رات جو منهنجي حوالي ڪجان” هن جو رت
ٽهڪي پيو، هن جي حالت ڪُٺل ڍور جهڙي ٿي
وئي هئي. ڀيرو ڪنڌ هيٺ ڪيو الائي ڪهڙين سوچن ۾ پئجي ويو هو، گومون مٿي اٿي ڪچي
ٺري جو ٻيو گلاس ڀري ساڳي ڳيت سان پي ويو ۽ ٽيون ڀري اچي ساڳي جڳهه تي ويٺو، چونئري
جو ماحول قبرستان جهڙو ماٺو ٿي ويو هو ، گومون کي بس هڪڙي
ئي سوچ هئي ته راڌا کي وسيم اڳيان پيش نه ڪندس ڀلي ڇا به ٿئي، جڏهن ته ڀيرو جي سوچ صبح پنهنجي پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ پئسن جي بندوبست جي هئي ان ڪري هن پڇيو
“پئسا ڪيترا
ڏيندو”
نشي ۾ ٻڏل
گومون نظرون کڻي هن ڏانهن نهاريو ، چپن کي ڄڻ سبي ڇڏيو هجي ڪو لفظ نه ڳالهايو هن
ڏانهن نهاريندي هن سوچيو ڪاش هي ڀاءُ به پنهنجي ڀيڻ
کي بچائي
ڪاش مونکي به ڪجهه خدا ملڪيت ڏي ها ته مان پنهنجي ڌي کي اهڙي آزمودي جي باري ۾ نه
سوچيان ها ، هن کي پنهنجي جواني جو
اهو واقعو ياد اچي ويو جڏهن ڳوٺ هڪ شريف خاندان جي ڇوڪري جي پويان پيو هو، تقريبن مهينو ڪوشش ڪرڻ سان پنهنجي حوس جي اڃ
اجهائڻ لاءِ راضي ڪري ورتو هو
.
اڄ اهو ساڳيو
ڏينهن پنهنجي ڌيءُ تي آيل ڏٺو ته پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي هئس هن هڪ دفعو وري
ڀيرو ڏانهن ڏٺو پوءِ جلد ئي پنهنجي ڀرسان رکيل گلاس کڻي هڪ ڳيت سان پي ويو ، هن گلاس کي زور سان پٽ تي اڇلي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي
پر ڪامياب ٿي نه سگهيو .
واپس پنهنجي
جڳهه تي ويهي رهيو. هن جي جلدي اٿڻ جي ڪري هن تي نشي جا گهيرٽ وڌيڪ ٿيڻ لڳا هن هڪ
نظر وري ڀيرو تي وڌي جيڪو اڄان ساڳي حالت ۾ ويٺو ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم هو
هن تي نشو
جيئن پوءَ تيئن اثر ڪرڻ لڳو جواني کان وٺي ايستائين ڪچو ٺرو پيءِ پيءِ هن جا گڙدا
ختم ٿي ويا هئا سو اڄ سوايو پيئڻ جي ڪري هن کي تڪليف ٿيڻ لڳي جيئن نشي جا اثر وڌيا
ٿي هن تڪليف اوتري ئي وڌي ٿي، آخر هن کان تڪليف برداشت ٿيڻ کان وڌي وئي ته هن رڙ
ڪري ڀيرو کي سڏ ڪيو
“ڀيرو”............. ۽ ان رڙ سان گڏ بيهوش ٿي ويو
ڀيرو جي سوچن
جو سلسلو ٽٽي ويو ۽ اضطرابي حالت ۾ اٿيو
“بابا”............ڊوڙي اچي
پيءُ کي سڌو ڪيائين
“بابا اکيون کوليو”...... “امان، راڌا بابا کي” .......... اضطرابي لهجي ۾ الائي ڇا
ڇا چوندو پئي ويو هن کي ڪو خبر ڪونه ٿي پئي ته ڇا ڪيان حواس هن جو ساٿ ڇڏي ويا هئا
نشن جا گهيرٽ کن پل ۾ لهي ويا هئا
. ڪملا ۽ راڌا هن جي رڙين
تي ڇرڪ کائي اٿيون هنن ماحول جو جلد ئي جائزو وٺي آوازن طرف ڌيان ڏنو ، جلد اچي هنن وٽ اچي ويون.
“ڇا ٿيو”؟ ٻنهي ڄڻين
پريشان ٿيندي پڇيو ۽ ڀيرو جي هٿن ۾ گومون جو بيحس وجود ڏٺو ته رڙ نڪري وئي
“ائي گهوڙا
ڇا ٿيو هن کي” ڪملا کي پريشاني وڌي وئي
“بابا اکيون کوليو راڌا” هن جي ڀر ۾ جلدي سان ويهندي سڏ ڪيو
“اکيون کوليو ڇا ٿيو اوهان کي” ڪملا به هن جي ڀر ۾ ايندي چيو
“ٺرو گهڻو پئي ويو آهي” شايد هن ڪري بيهوش ٿي ويو آهي” ڀيرو به
پريشان ٿيندي چيو
“راڌا لسي
رکي پئي آ کڻي اچ” ڪملا راڌا کي چيو ۽ پاڻ
گهڙي ڏانهن ڊوڙ پاتي جلد اتي رکيل دٻي ۾ پاڻي وجهي واپس ورڻ لڳي ته راڌا به لسي
کڻي پهتي، هن جلد ئي پاڻي جو دٻو هن مٿي اونڌو ڪيو ۽ راڌا کي ڏيندي چيو “ڀري اچ” راڌا ڊوڙ ڪڍي
پاڻي ڀرڻ وئي، پويان ڀيرو پيءُ کي سڌو ڪري جهليو ۽ ڪملا زوري لسي پيارڻ لڳي، ايتري
۾ راڌا به پاڻي ڀري آئي وري پاڻي ڇنڊڻ ۽ لسي پيئڻ سان گومون جي حالت ڪجهه بهتر ٿي. هن اکيون
کوليون ته سامهون سڀني کي پريشان بيٺل ڏٺو ،
هن
هڪ نظر راڌا تي وڌي وري اکيون بند ڪري ڇڏيون هن کي اڃان شراب جو نشو لٿو ڪونه هو ۽
گڙدن جي تڪليف به گهٽي ڪونه هئي پر ان کي برداشت ڪرڻ لڳو اوچتو هن کي الٽي اچي وئي
ته گهر وارن کي ڪجهه حوصلو ٿيو ته هاڻ نشا لهي ويندا، انهن کي خبر
هئي ته صبح جو ڪجهه کائڻ کان سواءِ نيراني آنڊي شراب پيئڻ سان حالت خراب ٿي سگهي
ٿي پر هنن جي.لاءِ ته روز جي روٽين هئي
الٽيون ڪري هن
پنهنجي اندر اوتيل شراب کي ٻاهر ته ڪڍيو پر گڙدن جي تڪليف کان پاڻ ڇڏائي نه سگهيو ، هن سمجهيو ته اهو سور صرف نيراني آنڊي شراب پيڻ
جي ڪري ٿيو آهي ان ڪري ان کي سنجيده وٺڻ جي ضرورت ڪو نه محسوس ٿي ، هن کي ڀيرو ۽ ڪملا
سهارو ڏئي کٽ تي ليٽايو ، اچي ٺري کي ويجها ٿيا جو هن جا به آخري لمحه هئا. هنن ٻنهي جي
وچ ۾ گهڻي تائين خاموشي رهي پر ڀيرو کي اها اڻ تڻ رهي ته “بابا امان سان اها ڳالهه
ڪئي هوندي الائي نه”، سو سامان کي بٺي تان لاهيندي هن آخر ڪار پڇي به
ورتو
“امان بابا کي رات وسيم ڪجهه چئي ويو آهي ڇا”؟
“ڪملا به اهو پئي سوچيو ته ڀيرو کي اها خبر پئي الائي نه مان پڇي
ٿي وٺان ”
“نه نه خبر هوندي، ايستائين پيءُ سان گڏ
هو. ضرور ٻڌايو هوندو هن کي”
اوچتو هن کي
ڀيرو پڇيو سو انهن سوچن مان نڪري آئي هڪ وچٿري نظر ڀيرو تي وڌي چپن مان ڀڻڪي “هن
کي خبر پئجي وئي آهي”
“ها چئي ته ويو هو ته اڄ رات جا ڪجهه مهمان ايندا ان ڪري رات رنگين
ڪرڻ جو بندوبست ڪري” اصل حقيقت لڪائيندي
هن چيو سوچيو “جي هن کي خبر هوندي ته پاڻهي چوندو ڇو ته ڀيرو به هو ته هن جي پيٽان
پيدا ٿيل آهي پر هن ڌنڌي ۾ پيءُ کان دلالي ڪرڻ جا گر سکي پنهنجي ئي ماءُ جي دلالي
ڪندو هو ڇو ته چوندا آهن ته بک ۾ بصر به مٺا سو هنن جي پيٽ جي بک ئي هن ڌندي سان
اجهائڻي هئي ان لاءِ اهو ڌندو هو نه ڪي دلالي” رئيس فلم ۾ شاهه رخ خان جو هڪ فقرو
آهي ته ڌنڌي کان وڏو ڪو ڌرم.ڪونهي سو اهو هنن جو ڌرم بڻجي ويو هو
“ها بابا به اها ڳالهه ڪئي پئي” هڪ دفعو نظر کڻي ماءُ جي چهري تي
آندي ۽ ڪنڌ جهڪائي اڳيان ڳالهايو.
“ته وسيم راڌا جو چيو پئي” هن جو ڪنڌ مسلسل جهڪيل هيو ته متان ماءُ هن جي
چوڻ جو برو ڀلو نه چوي
ڇو ته چوندا
آهن عزت ڀولڙي کي به پياري هوندي آهي هي ته وري به انسان ئي هئا ها هنن جو ڌنڌو
ڪچو ٺرو ۽ جسم فروشي هو ان جي سبب هن جي
پيٽ جي بک اجهائي ٿي جيڪو هن جون اکيون کولڻ کان پهريان کان هلندو پئي آيو پر هتي
هڪ ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي عزت هئي ته هڪ ماءُ ۽ ڌي جي به عزت هئي ته پيءُ ڌي جي به پر ان
عزت تي اڄ هڪ ڌاڙو لڳڻو هو جنهن ڪري پورو خاندان پريشان هو
“ها چيو ته مو نکي به هو پر بابا نٿو چاهي ته وسيم راڌا جي جسم سان
کيڏي“ هن جي لهجي ۾ زهر ڀرجي آيو هو
“آئون به ايئن ئي چاهيان ٿو ته راڌا وسيم جي ويجهو نه وڃي پر”...........
هن ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ماءُ ڏانهن ڏٺو.
“پر ڇا ٿو ڪري سگهجي هن جا قرضي به آهيون ٻيو اهو ڊڄي ڪنهن کان ڪونه
ڪٿي راڌا کي کڻي نه وڃي”
هن جي اکين
اڳيان ان وحشي آدم خور جو چهرو تري آيو جيڪو هن ننڍپڻ ۾ ڏاڏي کان ٻڌل آکاڻين ۾
تصوراتي جوڙيو هو سو پريشاني واري لهجي ۾
چيو، راڌا جيڪا اٿي هن ڪم مان فارغ ٿيندي چانهه ٺاهڻ وئي هئي سان اچي هن جي اڳيان
چانهه رکي پاڻ به چانهه پيئڻ لڳي ان ڪري هن جي.ڳالهين جو سلسلو ٽٽي ويو
چانهه پيءِ
ڀيرو ڳوٺ ڏانهن نڪري ويو، ڪملا ۽ راڌا گهر جا ڪم اڪلائڻ لڳيون هنن جو ڌيان گومون
ڏانهن ويو ڪونه هنن سمجهيو ٿي ته هن کي صرف ٺري جا نشا آهن اهي نشا ختم ٿيندي ئي
هي تيار ٿي ويندو
ايئن صبح جا
ڏهه ٿي ويا تڏهن ڪملا اچي گومون کي ڏٺو جيڪو اڃان به ساڳي حالت ۾ هو، هن کي نشا ته
گهڻا گهٽجي ويا هئا پر سور جي شدت وڌي وئي هئي، هن جي اها حالت ڏسي ڪملا راڌا کي
سڏ ڪري لسي پياري ۽ وري هن جي ڀر ۾ ويهي رهي پر هن جي حالت نه پئي سڌري آخر ڪار
ڏينهن جا ٻه ٿيا ته ڀيرو آيو هن گومون جي ساڳي حالت ڏسي گهٻرائجي ويو ۽ ڳوٺ ۾
رهندڙ هڪ رٽائر ڊسپينسر کي وٺي آيو جيڪو پنهنجي تجربي تحت هن کي دوائون فرسٽ ايڊ
طور ڏئي هن کي شهر جي اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ چيو، ڊسپينسر ته مشورو ڏئي هليو ويو پر
هنن کي اها اڻ تڻ لڳي ته هن کي ڪهڙي نموني شهر ڏانهن کڻي وڃون ڇو ته هنن وٽ پئسو
هو ئي ڪونه جو کڻي وڃن. ها رات واري هزار جي نوٽ
سان ته گاڏي جو ڪرايو ئي پورو نٿي ٿيو سو انهي سوچن.۾ گم ٿي ويا، فرسٽ ايڊ جي ڪري
گومون جي حالت ته گهڻي قدر ٺيڪ ٿي وئي هئي پر جيڪو ڊسپينسر هنن جي دل ۾ وهم وجهي
ويو هو اهو هنن کي چين سان ويهڻ نه ٿي ڏنو ،
هي
خاندان جا فرد ڄڻ ان جا داڻا هئا جيڪي جنڊ جي ٻن پڙن جي وچ ۾ پيسجي رهيا هئا ۽ هن
جي ڏک جا ڀاڱي ڀائيوار جهريل لوڙهي ۽ پراڻن چونئرن کان سواءِ ڪير هو جو هنن جي ڏک
۾ ڀائيوار ٿئي
جڏهن انسان
مايا جي موهه ڦاسجي پوندو آهي ته هن کي پوري سنسار سکي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. انهن جي
اڳيان سڀ شاهوڪار نظر ايندا آهن جيڪڏهن ڪو اچي هنن
کان ڪو
مدد گهري ته اهي صرف پنهنجي مفاد جي خاطر تڏهن ئي مدد ڏيندا آهن جڏهن هنن کان اها
مدد واپس وٺڻ لاءِ ڪا شيءِ هجي، هنن وٽ ڇا هو سواءِ لوڙهي جي، اوچتو ڀيرو کي وسيم واري
ڳالهه ياد اچي وئي هن جي اکين اڳيان اميد جو روشن ڏيئو جرڪڻ لڳو
ڀيرو نظر کڻي سامهون ويٺل ماءُ ڏانهن نهاريو ، ڪملا اڃان ساڳئي انداز سان سوچن ۾ الائي ڪٿي گم
هئي هن پنهنجي ماءُ کي چپن ۾ ڀڻڪڻ جيان سڏ ڪيو.
“امان”
ماءُ ڪنڌ کڻي
هن ڏانهن ڏٺو “ڇا”؟ هن مختصر ئي پڇيو
“وسيم اڄ ايندو نه”؟ ڀيرو جو لهجو اجنبي جهڙو ٿي ويو
“ها پر تون اهو ڇو ٿو پڇين”؟ ماءُ هن جي ايئن اوچتي پڇڻ تي شڪ پئجي
ويو هو
ڀيرو
پراعتماد لهجي ۾ چيو “پئسا هو ئي ڏئي سگهي ٿو
ٻيو ڪير ٿو ڏئي سگهي”
ڪملا حيرت
مان ڏسندي چيو “ته تنهنجو مطلب اڄ راڌا به انهن جو ساٿ ڏي”
“ها ٻيو ڪٿان به اميد ڪونهي” ڀيرو پريشاني واري لهجي ۾ چيو
ڪملا گهڻي
تائين ڪو جواب ڪونه ڏنو ۽ سوچن ۾ پئجي وئي، گهڻي دير
گذري وڃڻ کان پوءَ هن ڪنڌ مٿي کڻي چيو
“اڄ راڌا به
هنن جو ساٿ ڏيندي ان لاءَ پئسا وڌيڪ وٺجان متان هزار پنج سو ۾ هٿ ڪڍين” هن پر
اعتماد لهجي ۾ چيو پر اندر ڀري ڀور ٿي ويو،اندر ۾ هڪ جنگ شروع ٿي وئي جنهن ۾ ٻنهي
پاسن کي هار ٿيڻي هئي، هڪ طرف عزت جي هار ته ٻئي پاسي بک جي به هار
“ها ڪوشش پوري ڪندس” هن به ماءُ جي لهجي جو اثر محسوس ڪندي ڌيرج
سان جواب ڏنو
“ٽائيم ڇا ٿيو آهي”؟ ڪملا پڇيو
ڀيرو پنهنجي
ٻانهن موڙي گهڙي ۾ ٽائم ڏٺو
“ٽي ٿيا آهن”؟
“رات جو يارنهن وڳي ايندو تيستائين تون ڀر واري ڳوٺ مان ڊاڪٽر جيڪو
سُيون لکي ڏئي ويو آهي اهي وٺي اچ” هن رات
وارو هزار جو نوٽ ڪڍي هن ڏانهن وڌائيندي چيو ،
هن
هٿ وڌائي پئسا ورتا ۽ اٿي روانو ٿيو ۽ هن جون خالي نظرون ڀيرو جو تعاقب ڪنديون
اوستائين ويون جيستائين هو نظر نه اچي، پوءَ گهڻي دير هي ڪنهن
اونهي سوچ ۾ پئجي وئي ته راڌا به چاچي گهر مان اچي وئي
“امان ڪٿي آهين“ هن اوٽي تي چڙهندي پڇيو
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
سائل مهراڻ جون ڪهاڻيون
Subscribe to:
Post Comments (Atom)













رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔