Tuesday, 25 July 2017
ڪهاڻي تمنا جو موت
ڪهاڻي
سائل مهراڻ
تمنا جو موت
قسط ٽيئن
قسط پهرين“مان هتي آهيان راڌا” ۽ هو ڊڪندي پنهنجي ماءُ وٽ پهتي هئي، کٽ تي
پيل پنهنجي پيءُ کي ڏسي گهڙي کن ۾ پيڙا جي بار هيٺيان دٻجي وئي، ايتري ۾ ڪملا اٿي بيٺي
“چانهه ڪر سڄو ڏينهن هنن ڳڻتين مان جان ئي نٿي ڇٽي” هن ٿڪل لهجي ۾
چيو
“ها امان ڪريان ٿي” هن ڌيرج سان جواب ڏنو ۽ هڪ نظر پيءُ تي
وڌي ۽ چونئري کان نڪري وئي
هن جي.نڪري
وڃڻ کان پوءِ ڪملا به ٻاهر نڪري آئي گهر جي ڪم ڪار ۾ لڳي وئي هي اڃان ڪم ڪري رهي.هئي
ته راڌا چانهه کڻي آئي ، راڌا چانهه جو ڪوپ وٺندي هڪ نظر هن ڏانهن وڌي ، وري سوچن ۾ پئجي وئي “آئون راڌا سان ڳالهه ڪيان يا نه”؟ پنهنجي
ساءِ ڀڻڪي
“نه نه ڪونه ٿي ڪيان متان”......
“جي ڪئي ته ڇا ٿي پيو گهر تي هن ئي ڌنڌي تي ته هلي ٿو”
“پر راڌا ڇا سوچندي.ته ماءُ به ڪريل آ جو پنهنجو پاڻ کي ته وڪڻي ٿي
پر پنهنجي ڌيءُ کي به اهو ٿي چوي
“
ماءُ جي ممتا
جاڳي پئي پر مڙس جي بيمار ٿيڻ جي اوچتي خبر ۽ ان جي علاج لاءِ گهربل رقم جي اڳيان
بيوس بڻجي وئي. ها ڇا ٿي ڪري سگهي اُن کان وڌيڪ، ايترا ڏينهن ته هن جي جواني
به هن جو ساٿ ڏيندي پئي آئي پر هاڻ ته جواني به ويندي ٿي رهي پراڻن ايندڙن به هاڻ هن ڏانهن نظر کڻي ڪونه ٿي نهاريو باقي
هنن جو گذران بس وڃي ٺري تي ئي بيٺو هو، هن
نظر کڻي سج ڏانهن وڌي جيڪو هاڻ پنهنجي سفر جي آخري منزل به پار ڪرڻ تي هو شام جا
پاڇا ڊگها ٿي آيا هئا، هن وري هڪ نظر راڌا تي وڌي جيڪا ڪوپ کڻي چونئري ڏانهن وڃي
رهي هئي، هن هڪ اونهو ساهه کنيو وري ڳڻتين ۾ پئجي وئي،
“راڌا کي وڃڻو ئي پوندو اڄ وسيم وٽ پيٽ بک اجهائڻ لاءِ نه سهي پر پيءُ
جي علاج خاطر ئي...!
مون به ڀيرو جي علاج خاطر جمن وٽ وئي هئس نه” پنهنجي
چپن ۾ ڀڻڪندي چيو ۽ اهو سوچيندي هي ڄڻ ڪنهن وزن جي هيٺيان دٻجي رهي هئي ، اهو وزن ئي هو نه جيڪو پنهنجي عزت صرف پئسن جي
اڳيان وڪڻي ٿي ڇڏي، چاهي اها مجبوري تحت ئي
ڇو نه هجي، جتي وجود داغدار ٿي ويندو آهي
اتي روح جو بچڻ ڪٿي ٿي ٿو سگهي هن جو به روح داغدار بڻجي ويو هو صرف هڪ مجبوري تحت ، جڏهن انسان جي عزت داغدار بڻجي وڃي تڏهن هن کي پوري سنسار به
پنهنجي جيان اگهاڙو بڻجي عزت لٽائيندي نظر اچي ٿو. هن کي به ايئن محسوس ٿيو هو پر اهو هڪ خواب هو جيڪو تڏهن
ٽٽو جڏهن هي ڀيرو جي علاج واسطي وئي هئي اتي ڊاڪٽرالله نواز هن جي جواني تي هرکجي پيو هو،
ڪجهه ڏينهن هي اسپتال ۾ ئي رهيا ته ڊاڪٽر هن سان
ويجهڙائي رکڻ ۾ ڪامياب ويو هو اها به هن جي مجبوري ئي هئي جنهن ڪري هن کي ڊاڪٽر جي
اڳيان به وڃڻو پيو، ان دوران هن پڇيو هو ته
“ڊاڪٽر تنهنجو اولاد گهڻو” هن سنجيدگي سان پڇيو
“الحمدالله ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ آهي” هن پراعتماد لهجي ۾ جواب ڏنو
“ڌيءُ جي عمر گهڻي آهي” هن ساڳي لهجي ۾ پڇيو
“تقريبن اٺ سال
” ڊاڪٽر هن جي چهري ۾ نهاريندي
جواب ڏنو
“اڇا وڏي ٿي، ان کي مون
وانگي ڪٿي تون ڏسي سگهندين” هڪ اهڙو جملو جيڪو دنيا جو هر فرد هڪ ٻئي لاءِ سوچي ته
سگهي ٿو پر چوڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي اهو چئي وڌو ، هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ هن جو
خواب شيشي وانگيان ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو تڏهن هن کي خبر پئي هئي ته عزت صرف ڏسڻ ۾ اچڻ
وارن جي ئي وڃائجي ٿي باقي نه ڏسڻ وارن جي عزت ڪٿي به وڃائجي ڪونه ويندي آهي، هن پنهنجي ڳل تي هٿ
ڦيريو لڳو هن کي ڄڻ هينئر ئي ڪنهن زوردار ٿڦڙ هڻي ڪڍي هجي
“پاڻي” گومون جيڪو بيحس پيو هو تنهن پاڻي گهريو ته هي اٿي هن کي
پاڻي پياريو، ايتري ۾ ڀيرو به اچي ويو ۽ گڏ هن ڊسپينسر کي به وٺي آيو، سو هي وري
گومون کي دوائون وغيره ڏيڻ لڳا دوائون وغيره هڻي ڊسپينسر ته هليو ويو، سج لهي وڃڻ
جي ڪري انڌارو ٿي ويو هو سو هن سيلن تي هلندڙ هڪ هٿرادو ٺاهيل بلب ٻاري گومون جي
ڀرسان ويهي رهي ۽ ڀيرو ٻاهر اچي ويو هو ڇو ته هاڻ شريف انسانن کي ڪچو ٺرو وٺڻ اچڻو هو
ڀيرو هڪ گلاس
۾ ٺرو وجهي ٻاهر کٽ تي ويهي پيئڻ لڳو ۽ جيڪو به گراهڪ آيو ٿي تنهن کي ٺرو به ڏيندو
ٿي ويو راڌا وري ماني پچائڻ جي ڪم ۾ لڳي وئي. ماني تيار ڪري هن گومون کي ماني
پهچائڻ لاءِ چونئري جي در تي پهتي ته ماءُ جو آواز ڪنن تي پهتو
“راڌا کي وسيم وٽ وڃڻو ئي پوندو نه ته اوهان جو علاج ڪٿان ڪرائبو” هن جي هٿن مان برتن ڪرندي بچيا هن پاڻ سنڀالي
قدم اڳتي وڌايا پر لڳو هن جي پيرن ۾ ڪنهن وزندار شيءِ ٻڌي ڇڏي آهي، هن کي ايندو
ڏسي ماءُ خاموش ٿي وئي ۽ گومون هن ڏانهن نهارڻ لڳو، هن برتن ڇڳل کٽ تي رکندي ماءُ
ڏانهن ڏٺو، ٿوري تائين خالي نظرن سان ڏسندي رهي
“امان اوهان بي فڪر رهو اها ته عزت آهي بابا جي علاج واسطي مان جان
به ڏئي ڇڏيندس” هن جي چوڻ سان گڏ هڪ سڏڪو نڪتو جيڪو هن جي نڙي ۾
ئي اٽڪي پيو ۽ خاموش لڙڪ هن جي اکين مان نڪري هن جي چهري تي پهچي ويا هي ساڳئي
قدمن سان ٻاهر نڪري آئي، هي چونئري ۾ پهچي
روئڻ لڳي بس گونگا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي هئي رڙ يا سڏڪي جو ڪو تاثر به نه هو
“هيلو ڪٿي
آهين پيارا”؟ وسيم فون تي ڳالهائيندي سامهون واري کان پڇيو
“هتي ئي اوهان جي بادشاهي ۾“ پريان کان سنجيدگي سان جواب آيو هو
“يار گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن منهن ته ڏيکار” وسيم التجا ڪئي
“ها ڪلهه ئي آيو آهيان حيدرآباد مان باقي ملڻو مونکي به هو تو سان
گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن” “ٿي سگهي ته ٻن ٽن ڏينهن
کان پوءِ ايندس تو ڏانهن” سامهون واري ساڳي
لهجي ۾ جواب ڏنو
“تو وري ڪهڙيون ٿو ڪوڏرون هڻين جو ٽائيم ئي نٿو ملي” وسيم طنز ڪئي
“بس يار ڪم ته ڪونه ٿو ڪيان پر”........
....
وسيم جملو
ڪٽندي هجت مان چيو
“پر پر ڇڏ سڀاڻي ڪنهن به حالت ۾ مون سان ملڻ اچجان”............
“يار ڏسان ٽائيم ملي ٿو يا نه”.
“ٽائيم ڪنهن کي ٿو ملي، هرڪو مصروف آهي پر ٽائيم ڪڍڻو پئي ٿو” “باقي تون نه
ملڻ چاهين ته تنهنجي مرضي” وسيم هن کي مجبور ڪندي چيو هن آخر ڪار هٿيار فٽا ڪيا
هئا
“چلو بابا سڀاڻي ايندس بس هوندين ڳوٺ نه”
“ها ها ڳوٺ ئي آهيان بي فڪر رهه”،
“ته ٺيڪ آ سڀاڻي”......
“رُڪ رُڪ هڪ اهم ڳالهه ٻڌايان ٿو سڀاڻي رات جو مون وٽ ئي رهڻو پوندو”
“ڇو ڀلا”
........ سامهون واري حيرت مان پڇيو
هو
“اهو ڇڏي ڏي هينئر ٻڌايو پوءَ سرپرائيز ڪهڙي ڪم جو” وسيم ڄڻ ڪو اهم
راز ٻڌائڻ ٿي چاهيو
“جيئن تنهنجي مرضي پر سرپرائيز سٺو هجي نه ته منهنجي توکي خبر ٿئي
آ اهڙو حشر ڪندوسان جو تاقيامت ياد رکندين” سامهون واري حيرت ۽ پنهنجي پراڻي عادت
دهرائي
“اهو تو سان واعدو آ سرپرائيز اهڙو ڏيندس جو تنهنجي ٻئي ڪنهن دوست اهڙو
ڪونه ڏنو هوندو” وسيم فخريه لهجي ۾ چيو
“اهو صبح تي ڇڏيون ٿا” سامهون واري سنجيده ٿيندي چيو “هاڻ جان ڇڏيندين
يا نه بابا سڏ پيو ڪري اوڏانهن وڃان” ۽ آخريون جملو هجت ۽ بيزاري جي گڏيل لهجي ۾
چيو
“مهربانيون جو اوهان پنهنجي قيمتي وقت مان چند گهڙيون اسان کي
ڏنيون اسين ٿورائتا“ وسيم سامهون واري جو لهجو محسوس ڪندي طنزيه چيو ۽ ڪال ڪٽي ڇڏي، فون ڪٽي واپس ٿي وريو ته مدحيه سڏ
ڪيو
“دانيال”.........
..
“جي آپي اچان پيو” هن تڪڙا قدم کڻندي مديحه ڏانهن وڌيو ته سامهون مديحه اچي وئي
“هيٺ هل ته خبر پئي ڊاڪٽر صاحب ڪاوڙيا ويٺا آهن”... مديحه ٻارن کي
ڊيڄارڻ جيان چيو
“هلان ٿو ڏسان ڊاڪٽر صاحب ڇا ٿو ڪري” هن لاپرواهي ۾ چوندي ڏاڪڻيون لهڻ لڳو ۽ پويان مديحه
به لهڻ لڳي
“هيلو ڊيڊ گُڊ ايوننگ ”
“هيلو ڊيئر گُڊ ايوننگ، طبيعت ڪيئن آهي، دير ڪئي” ڊاڪٽر الله نواز
هن جي دير ڪرڻ تي پڇيو
“ڊيڊ دوست جي ڪال آئي هئي هن سان پئي ڳالهايو ان ڪري دير ٿي وئي” هن جواب ڏيندي پيءُ جي ڀرسان ڪرسي تي ويهي رهيو ، ايتري ۾ گهر جو ڪم ڪندڙ ماسي چانهه کڻي آئي هي
چانهه پئڻ لڳا چانهن پئندي هن جون نظرون
سامهون ويٺل ڀيڻ جي چهري تي کپي ويون
“ڇا ٿو ڏسين” مديحه هن کي
ايئن نهاريندي ڏٺو ته پڇيو
“ڪجهه ڪونهي” هن نظرون چهري تان هٽائيندي چيو “ٿورو کائيندي ڪر ڪمزور ٿي وئي آهين” مديحه جيڪو
اڳي کان گهڻي ٿلهي لڳي رهئي هئي سو هن طنز ڪندي چيو
“ڊيڊ مان ڪمزور ٿي ڏسڻ ۾ اچان”، هن جي طنز کي سمجهندي پيءُ سان شڪايتي لهجي ۾ پڇيو ۽ ڪاوڙ مان اکيون ڦونڊاريندي
هن ڏانهن ڏٺو
“نو بيبي تون بلڪل صحتمند آهي” پيءُ مديحه جو پاسو وٺندي چيو
“اوڪي بيبي تون بلڪل صحتمند آهين ايئن ته نه نهار جهڙو ڪچو کائي ٿي
وڃين” هن مديحه ائين نهارڻ تي طنز ڪئي
“ڊيڊ”....... مديحه جو
چهرو لهي ويو، ڪاوڙ ۾ پيءُ ڏانهن ڏسندي شڪايت ڪئي
ڊاڪٽر ۽ هن
جي ماءُ جيڪي ٻنهي جي شرارت تي خوش ٿي رهيا هئا ٻنهي جي چهري تي مرڪ تري آئي
“دانيال ڇڏ” ماءُ به مديحه جو پاسو کڻندي دانيال کي ٽوڪيو “ڇو ٿو
تنگ ڪرين”
“موم آئون ڪٿي ٿو تنگ ڪيان هي ئي ايئن نهاري تنگ ٿي ڪري نه” دانيال
مديحه جي اکين ۾ اکيون اٽڪائي مرڪندي چيو جنهن تي مديحه کي چڙ لڳي رهئي هئي
هنن جي ڪچهري
هلندي رهي ڇو ته دانيال جي حيدرآباد وڃڻ کان پوءِ ايئن گڏجي ڪڏهن ڪونه ويٺا هئا جي
ويٺا به ته اهڙو مزو نه ٿي آيو ۽ اڄ مديحه ۽ دانيال جي پاڻ ۾ لفظي جنگ به شروع ٿي
وئي هئي سو اڄ نه ڊاڪٽر جي دل ٿي چيو ته
اٿان نه ماءُ جي دل، جڏهن ته دانيال کي اڄ ڀيڻ کي چيڙائڻ ۾ مزو ٿي آيو ته مديحه کي وري هن تي ڪاوڙ ڪرڻ ۾، هنن
جي ڪچهري هلندي ٽائيم جي خبر ئي نه پئي جو ماسي اچي ماني لاءَ سڏڪيو ، ڊاڪٽر واچ ۾ ٽائيم نهاريندي اٿيو ته سڀ اٿي اچي
دسترخوان تي ماني کائيندي به مذاق مستي جاري رهيا، ماني کائي هي سڌو ٻاهر نڪري آيو
ٿوري تائين تازي هوا کائي اچي سمهي رهيو، سمهڻ سان ئي ننڊ کڻي وئي
صبح جو
تقريبن اٺ وڳي هن جي اک کلي، اٿي تيار ٿي ناشتو ڪري ٻاهر نڪري ويو، ٻاهر دوستن سان
ڪچهري ڪندي ٽائيم گذرندي دير ئي نه ٿي، تقريبن
ٽي وڳي هن کي وسيم جي ڪال آئي، هن فون اٽينڊ ڪيو، پريان وسيم جو
آواز
“ آيو ڪٿي
آهين” وسيم سنجيدگي سان پڇيو
“اڃان ته شهر آهيان” هن به سنجيدگي سان جواب ڏنو
“واعدو ڀلجي وئين ڇا” وسيم طنز ڪئي
“نه بس نڪران ٿو”
“ڪهڙي ٽائيم” وسيم وري سنجيده ٿي ويو
“اندازن پنج وڳي هتان نڪرندس” هن نارمل لهجي ۾ جواب ڏنو
“ٺيڪ آ تون ڪلاڪ ۾ پهچي ويندين ڇهه وڳي ملنداسين”
“اوڪي ” هن موڪلائندي فون جيب ۾
رکيو ۽ دوستن کان موڪلائي سڌو گهر آيو ،
گهر
اچي ماءُ پيءُ کان موڪلائي پنج ڌاري روانو ٿي ويو ،
سڌو
وسيم وٽ پهتو ، هن وسيم جي اوطاق اڳيان بريڪ هڻندي پريشاني ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، وسيم جا
ڇاڙتا هٿن ۾ رائفلون کڻي بيٺل هئا
هن
هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته پريان کان وسيم کي ايندو ڏٺو، هي اهو ساڳيو ئي وسيم هو
جيڪو ننڍپڻ ۾ هن جو دوست هو، گڏ پڙهيا. هڪ ٻئي سان بهتر دوست ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا
پر اڄ هن جي اڳيان هڪ ڌاڙيل جي روپ ۾ وسيم کي ايندو ڏسي هن کي حيرت گهٽ پريشاني
وڌيڪ ٿي رهي هئي
“او پيارا ڪٿي غائب آهين نه ملڻ نه جلڻ” وسيم هن کي ڀاڪر وجهندي
شڪايت ڪئي
“بس يار ڪاليج جي پڙهائي مان ٽائيم ئي نٿو ملي” ٻئي گلوگير ٿي
ويا
“پر يار هي ڇا؟ تون ته ڌاڙيل پيو لڳين” دانيال حيرت مان پڇيو
“بس يار اهو ڇڏي ڏي اڄ ڪلهه هن دنيا لاءِ ايئن ڪرڻ بهترين علاج آهي”
وسيم سنجيده ٿيندي جواب ڏنو
“اندر هلندين يا هتي ئي ايئن بحث ڪندين” وسيم هن جي ڪلهه تان ٻانهن ورائي چيو ، هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري جڳهه جو جائزو ورتو ۽ اڳتي وڌيو خوبصورت
ڪمرن تي ٻڌل بنا انجنيئرنگ جي ٺاهيل لائن ۾ ڪمرا انهن جي اڳيان ورانڊو، ورانڊي جي
اڳيان يڪو احاطو هو، احاطي ۾ رکيل کٽون جن تي ٽڪن واريون رليون وڇايل هيون، هڪ
پاسي ٽيبل رکيل هئي هن تي ڪولر ۽ گلاس رکيل هئا. هن جي ڀرسان ئي ٻي ٽيبل رکيل هئي
جنهن تي بيئر ۽ وهسڪي جون بوتلون، جام ۽ نمڪو وغيره رکيل هئا، هن هڪ نظر اُن تي
وڌي ۽ وڃي کٽ تي ويٺو
“ڏي خبر لڳي ٿو تون وڏو کڙپيل ٿي ويو آهين”. وسيم ڏانهن ڏسندي هن طنز ڪئي
“نه يار ڪهڙا کڙپيل، مڙئي زماني کي منهن ڏيڻ حيلا هلايون ٿا” وسيم
به طنز محسوس ڪندي مذاق ۾ جواب ڏنو
“پر هي هٿياربند بيهاري پاڻ کي وڏو کڙپيل پيو ثابت ڪرين” هن وري به
ساڳي انداز ۾ چيو پر هن جي چهري تي سنجيدگي جا آثار نمايان نظر اچڻ لڳا هئا
“ذوالفقار” وسيم هن جي ڳالهه ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ هڪ همراه کي سڏ ڪيو کن
پل ۾ ئي هڪ ڀريل جسم ۽ وڏن وارن وارو همراه هٿ ۾ رائفيل کڻيل اچي هن جي اڳيان بيٺو
“جي” هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو
“وڃ ڀيرو کي چئو مال کي هيڏانهن وٺي اچي” هن تحڪماني لهجي ۾ چيو
“جي سردار” چئي هن سيني تي
هٿ رکي روانو ٿيو
“يار تون ته سچ ڌاڙيل بڻجي ويو آهين” دانيال ذوالفقار جي وڃڻ کان
پوءِ سنجيدگي سان چيو
“نه يار ڌاڙيل نالي سان مون کي ڪوفيت آ” وسيم به سنجيده ٿيندي جواب
ڏنو
“پوءَ اهو ويس اهو ڍنگ ڇو اپنايو اٿئي“ دانيال هن جي ائين چوڻ تي
حيران ٿيو، وسيم اٿندي جواب ڏنو
“ يار آئون
انسانيت جو پوڄاري آهيان مون هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته ڪنهن به انسان کي منهنجي ذات
سان تڪليف نه پهچي” ٽيبل وٽ پهچي هن هڪ اونهو ساهه کڻي ڳالهه پوري
ڪئي
“ڇا پيئڻ چاهيندي وهسڪي يا بيئر ” وسيم دانيال ڏانهن
نهارندي پڇيو
“يار آئون ته اهڙي عياشي ڪونه ڪيان باقي تنهنجي مرضي جيڪو پيئڻ
چاهين پيءِ” دانيال نارمل لهجي ۾ جواب ڏنو
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
سائل مهراڻ جون ڪهاڻيون
Subscribe to:
Post Comments (Atom)













رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔