Tuesday, 25 July 2017
ڪهاڻي تمنا جو موت
ڪهاڻي
سائل مهراڻ
تمنا جو موت
قسط ڇهين
“وعليڪم سلام” ڊاڪٽر سلام جو جواب ڏنو ۽ دانيال ڪنڌ موڙي پويان ڏٺو
۽ هن به سلام جو جواب ڏنو ايندڙ شخص دانيال جي ڀرسان ڪرسي تي ويهي رهيو
“ڊاڪٽر صاحب ٻڌو آهي ته گومون جو آپريشن اوهان ڪيو ٿا” دانيال هن اجنبي شخص کي
ڏٺو پر چهرو ڍڪيل هئڻ ڪري سڃاڻپ نٿي ڪري سگهيو
“جي بلڪل آپريشن مان ڪيان ٿو”
“۽
گڙدو وري هن جي ڌيءِ ڏي ٿي” اجنبي شخص پراعتماد لهجي ۾ چيو
“جي بلڪل سهي چيو
” ڊاڪٽر پراعتماد لهجي ۾ جواب ڏنو
“مان نٿو
چاهيان ته منهنجي دادلي ڀائٽي ننڍپڻ ۾ اهو ڪسٽ سهي ان ڪري مون ٽيسٽون ڪرايون آهن مان پنهنجو گڙدو ڏيندس”
دانيال جي
چهري تي آيل خوشي ٿوري تائين معدوم ٿي وئي ۽ هن جڳهه تي حيريت جا آثار نمايان هئا
“۽ هي ٽيسٽون ڏسو بلڪل ميچينگ آهن هن مريض لاءِ”
“ڊاڪٽر ٽيسٽون ڏسي چيو بلڪل اوهان درست چيو آ سائين”
“ته پوءَ ڪيتري دير کان پوءِ آپريشن شروع ٿيندو”
“اڄ ته ڪونه ڪبو ٻه ڏينهن مريض کي ڪجهه دوائون وغيره ڏيڻيون آهن ان
کان پوءِ هڪ ڏينهن اندر آپريشن ڪنداسين”
“اوڪي اوهان جو خرچ مڪمل ملي چڪو آهي يا اڃان رهيل آهي”
“مڪمل ملي چڪو آهي سائين”
“اوڪي منهنجو نمبر نوٽ ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن آپريشن ڪيو مونکي ڪال ڪجو
مان پهچي ويندس”
ڊاڪٽر پاڻ
ڊائري تي نمبر نوٽ ڪيو ۽ پنو ٽوڙي دانيال ڏانهن وڌايو ۽ اهو اجنبي شخص اٿي “اوڪي ڊاڪٽر صاحب هاڻ اجازت”
چئي هٿ ملايو ۽ دانيال ڏانهن متوجه ٿيو “ جينٽل مين ٿينڪ يو ” چئي
ٻاهر نڪري ويو
دانيال هن جي
وڃڻ کان پوءِ حيران ۽ خوش ٿيندو ٻاهر نڪري آيو ،
هي
واقعو اچي ڀيرو ۽ ڪملا ۽ راڌا کي ٻڌايو جيڪي پڻ حيران ٿي ويا، ايتري ۾ وسيم به
پهتو گومون جي عيادت ڪئي تقريبن ٻه ڌاري ڊاڪٽر الله نواز هنن سڀني جي ماني کڻي آيو ڊاڪٽر هنن
سان گڏ هلندي جڏهن ڪمري ۾ پهتو ته ڇرڪ کائي بيهي رهيو ۽ چپن مان ڀڻڪو نڪري ويو
“مديحه” دانيال اهو ڀڻڪو ٻڌي ورتو
“بابا مديحه ڪونهي اها راڌا آهي، مون اوهان کي چيو هو ته جيڪڏهن
اوهان ڇوڪري کي ڏسندا ته اوهان کي يقين ايندو ته مون راڌا کي ڀيڻ ڇو چيو”
“پر........” ڊاڪٽر ڪجهه
چوڻ چاهيو پر خاموش ٿي ويو سڀئي ماني کائي فارغ ٿيا تڏهن ڊاڪٽر الله نواز راڌا جي مٿي تي هٿ رکي چيو
“ ڌيءِ تون به
مونکي مديحه جيان پياري آهي ڇو ته دانيال توکي ڀيڻ چيو آهي ان ڪري تون به منهنجي ڌيءِ آهين”
ڪملا منهن ۾
ڀڻڪي
“پر اها ته تنهنجي ئي ڌيءِ آهي هن آهر (پوڙهي) جي ڪونه آهي”
“هاڻ تون، تنهنجي ماءُ ۽ دانيال گهر وڃي آرام ڪيو ٿوري تائين
تيستائين آئون ۽ وسيم اتي آهيون، گومون کي سنڀالي ويٺا
آهيون” پر ڪملا وڃڻ کان نابري واري ڇڏي ڀيرو به انڪار
ڪيو ته صرف دانيال ۽ راڌا ٻئي هليا ويا ، گهر پهتا ته
دانيال جا ننڍوا ڀاءُ، مديحه، ۽ هن جي
ماءُ حيران ٿي ويا ته هي مديحه جي همشڪل
ڪير آهي ، سڀني حيران ٿيندي دانيال
ڏانهن سواليه نظرن سان نهاريو
“امي هي راڌا آهي”
“اوه هن گومون جي ڌي جيڪا تون آپريشن لاءِ ڪوٺي آيو آهين”
“جي امي هن کي مون ڀيڻ ڪئي آهي ”
دانيال جي
ماءُ هن ڏانهن وڌندي چيو “ها تنهنجي پيءُ ٻڌايو هو” ۽ هن کي گراٺڙي پائي مٿي تي چمي ڏني
“هوبهو مديحه جهڙي آهي منهنجي ڌي” چوندي هن کي
وٺي آڻي صوفي تي ويهاريو
مديحه جيڪا هيستائين حيران بيٺي هئي ڊوڙي اچي هن کي
ڀاڪر وڌو ۽ شرارت مان هن جي ڳل کي ڇڪيو
“بيبي مهمانن سان ائين ٿورو ئي ڪبو” ماءُ مديحه کي ٽوڪيندي چيو
“امي هي منهنجي ڀيڻ آهي مهمان ٿورو ئي آهي” مديحه
ناراض ٿيندي چيو
دانيال ٽهڪ
ڏئي کلي پيو ۽ هن جي ماءُ جي چهري تي مرڪ تري آئي
“راڌا تون امي وارن سان ڪچهري ڪرين ته به مرضي واري آهين جي آرام
ڪرين ته تنهنجي مرضي مان ته آرام ٿو ڪيان”
“ادا توهان ڀلي آرام ڪيو مان ماسي ۽ مديحه سان ڪچهري ٿي ڪيان”
“اوڪي ايز يو وش”
چئي دانيال آرام ڪرڻ هليو ويو ۽ هي وري ڪچهري ڪرڻ
لڳي مديحه جي شرارت تي گهڙي گهڙي ٽهڪ ڏئي کلي رهي هئي ته ڪڏهن اهڙي ڳالهه ٿي
ڪيائين جو ماءُ ڌي کلڻ ٿي لڳيون گهڻي دير تائين دانيال جي ماءُ هن جي چال چلت کي
نوٽ ڪندي رهي هن کي ٿورو شڪ ضرور ٿيو پر
خاموش رهي ۽ هنن کي ڪو شڪ پوڻ ڪونه ڏنو، ايئن دانيال ٻه ٽي ڪلاڪ ننڊ ڪري اٿيو چانهه
پي اسپتال وارن لاءَ چانهن کڻي روانو ٿيو ۽ راڌا کي هتي ئي ڇڏي ويو. سڌو
اسپتال پهچي گومون جي طبعيت پڇي واپس آيو ته ڊاڪٽر الله نواز هنن کان موڪلائي روانو ٿيو اڃان
اسپتال جي در کان ٻاهر ئي ڪونه نڪتو ئي هو سو ڪا ڳالهه ياد اچي وئي هي واپس اچي
دانيال کي سڏ ڪيو ، دانيال هن وٽ پهچي چيو
“جي ڊيڊ”
“ٻاهر هلي ڳالهايون ٿا” چئي ٻئي اڳتي وڌڻ لڳا ٻاهر نڪري اسپتال ۾ ٺهيل
پارڪ جي هڪ بينچ تي ويهي رهيا
“دانيال راڌا کي تون ڪٿي ڏٺو”
“بابا ڪلهه وسيم چيو مون وٽ اچ ته ڪچهري ڪيون گهڻا مهينا ٿي ويا
هئا ملي کي ان ڪري هن وٽ ويو هئس ته هي آئي هئي وسيم کان مدد گهرڻ اتي مون هن کي
ڀيڻ چيو هو مديحه جي همشڪل ڏسي ” هن پوري
حقيقت لڪائيندي چيو
“اڇا” هن جون نظرون دانيال جي چهري جو طوائف ڪرڻ لڳيون هيون!
“جي ڊيڊ”
“پٽ تو هڪ غريب جي مدد ڪري وڏو ڪم ڪيو آهي مونکي تو تي ناز آهي جو
غريب جي مدد ڪئي” ڊاڪٽر الله نواز کي جي لهجي ۾ بلڪل ناز هو، مان هو
“ڊيڊ ان ۾ منهنجو ته ٽڪي جو ڪم ڪونهي اوهان پئسا ڏئي هڪ وڏو ڪم ڪيو
آهي”
“نه پٽ مون پئسا ڪونه ڏنا آهن”
“ڇا”؟ هن حيران ٿيندي چيو
“ها هڪ مسيحا آيو هو هن جڏهن گومون کي ڏٺو تڏهن هن جي مدد ڪرڻ جو
سوچڻ لڳو مان جڏهن واپس اوهان کان موڪلائي ويس پئي ان ٽائيم هن مونکي روڪي ورتو،
هن کي مون پوري تفصيل ٻڌائي تڏهن چوڻ لڳو مان هن جي مدد ڪندس پر اها خبر صرف چئين
ماڻهن کي هجي ۽ نالو صرف ڊاڪٽر ۽ مونکي ٻڌايو آهي ۽ قران جو قسم ڏئي ويو آهي ته
اهو ڪنهن کي به ٻڌائيجان نه” دانيال
جي چهري تي حيراني جا تاثرات وڌڻ لڳا
“تڏهن مون
سوچيو ته هڪ انسان پنهنجو عضوو به ڏئي ٿو ۽ گڏوگڏ مالي مدد ڪري ٿو اهو هڪ وڏو پر
انتهائي وڏو انسان آهي، جنهن ڊاڪٽر عبدالعزيز جي ڪٺور دل کي به ميڻ جيان رجهائي
ڇڏيو هن اڌ رقم ورتي آهي ۽ آپريشن مفت ۾ ڪندو”
دانيال کان
ڪو لفظ ڳالهاڻو ڪونه پئي ويو هن جي چهري تي هڪ گهري سوچ نمايان ٿي وئي
“سو
مون سوچيو آهي ته مان به پنهنجي گناهن جو ڪفارو ادا ڪيان ان لاءِ توکي هيڏانهن وٺي
آيس تون مونکي برو سمجهندين يا جيڪو به سمجهين مان پنهنجي گناهن جي هڪ سچي حقيقت
توکي ٻڌائڻ
ضروري ٿو
سمجهان”
دانيال نظرون
کڻي هن ڏانهن نهاريو
“پٽ راڌا منهنجي ڌيءِ آهي” هن ڊي اين اي رپورٽ ڪڍي دانيال ڏانهن وڌائي ته دانيال
پنهنجي جيب ۾ رکيل رپورٽ به ڪڍي ڏٺو چارئي رپورٽ ميچ هيون
“ته ڊيڊ راڌا منهنجي سڳي ڀيڻ آهي”
“ها پٽ اها حقيقت آهي ان کان منهن موڙي نٿو سگهجي”
“پر بابا هن جي پرورش ۽ جنم هڪ هندو جي گهر ٿيو آهي ڇا ان کان مذهب
ڇڏرائي مسلمان ڪرڻو پوندو”
“نه پٽ مان نٿو چاهيان ته هو پنهنجو مذهب ڇڏي بس هو منهنجي ڌيءِ
آهي اهو گهڻو آهي، مان مذهب جي ديوار وچان نٿو آڻڻ چاهيان، مان انسانيت تي ويساهه
رکان ٿو ۽ اهو سبق ڪلهه اهو همراه ڏئي ويو آهي جنهن گومون جو سڀ خرچ ۽ گڙدو عطيو
ڪيو آهي، اهو هڪ انسان سان محبت جو ئي ته درس آهي مان ان انسان جي پيروي ڪندي مذهب
کي ڍال نه بڻائيندس، منهنجي لاءِ مديحه ۽ راڌا هڪ جهڙيون آهن مان وڏو خوشنصيب
آهيان جو مونکي ٻه نياڻيون آهن، مان پنهنجي ڌيءِ جو سمورو خرچ پاڻ ڀرندس هن جي
شادي مان ڪرائيندس”
دانيال جي
اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا هن پنهنجي پيءُ کي ڀاڪر وڌو هن کي خبر پئجي وئي ته انسانيت
ڪهڙي چيز آهي
“هاڻ اٿي ته
هلون وسيم تنهنجو انتظار ڪندو هوندو
” چئي اٿي بيٺو ته دانيال به
اٿيو
“ٺيڪ پٽ تون گومون جو خيال رکجان ڪا ضرورت پئي ته ڪال ڪجان”
“جي ڊيڊ”
“اوڪي باءَ”
“اوڪي باءِ ڊيڊ” هن واپس
ورندي هٿ هلائندي موڪلايو هي اسپتال جو ڪاريڊور پار
ڪري وسيم وٽ آيو وسيم، ڀيرو ۽ دانيال مڙئي ڪچهري ڪرڻ لڳي ويا نرس ۽ ڊسپينسر ٿوري
ٿوري دير سان گومون جي طبيعت ڏسڻ اچي رهيون هيون ،
ايتري
۾ هڪ پٽيوالو آيو دانيال صاحب کي ڊاڪٽر سڏي پيو
هي حيران ٿي
ويو دانيال ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر هي صاحب ڪٿان آيو سوچندي اٿيو ۽ ڊاڪٽر جي آفيس ۾
گهڙيو
“اسلام عليڪم
”
“وعليڪم سلام” ڊاڪٽر ڪاغذن مان نظرون ڪڍي سڌو ٿيندي چيو
“دانيال صاحب ڪجهه صحافين کي اوهان جي هن رضاڪاراڻي خدمت جي خبر
پئجي وئي آهي اهي اوهان سان ملڻ ۽ هن خدمت جي باري ۾ ڄاڻڻ ٿا چاهين ڇا اوهان هنن
سان ملندؤ ”
“ڊاڪٽر صاحب اوهان کي خبر ٿي آهي ته هن پوري ڪيس جي لاءِ ڪير پيو
مدد ڪري ان ۾ منهنجو ڪيترو ڪم آ بس اهو ته مان مريض کي اسپتال تائين وٺي آيس هن
کان وڌيڪ ڇا ڪيو ، ان ڪري مان هن جي باري ۾ ڪجهه ڪونه چوندس”
“چلو ٺيڪ آ مان صحافين کي انڪار ٿو ڪيان ۽ جيڪو اوهان چيو آهي اهو
به سهي چيو آهي حقيقت ۾ اوهان ئي هن ڪيس جا مکيه پارٽنر آهيو جيڪڏهن اوهان مريض کي
هتي نه وٺي اچو ها ته اهو مريض مري وڃي ها ۽ هن ڪيس جا مددگار ڪجهه به نه ڪن ها”
“جيڪو اوهان چئو آئون ڪجهه ڪونه چوندس ڇو ته مون هن ڪيس ۾ ڪجهه ڪونه
ڪيو آهي”
“اوڪي ايز يو وش جينٽل مين”
“اوڪي هٿ ملائيندي ڊاڪٽر کان موڪلايو”
ايئن ٽي
ڏينهن گذري ويا اڄ هن جو آپريشن ٿيڻو هو سو ڪجهه رت جي به ضرورت پيش اچڻي هئي. ٽن ڏينهن ۾ هن ڪيس کي سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ ۽
اليڪٽرنڪ ميڊيا تي کنيو ويو هو سو هن کي ايتري ڊوڙ ڊوڙان ڪرڻي ڪونه پئي رت جو عطيو
ڏيڻ لاءِ نوجوانن جي لائين لڳي وئي صرف ٽن بوتل جي ضرورت هئي ٽي سو کن نوجوان پهچي
ويا آيلن کي ٻڌايو ويو ته صرف ٽي بوتل رت جي ضرورت پر هرڪو چاهي منهنجو رت لڳايو
سو مجبورن سڀني مان رت ڪڍڻو پئجي ويو ۽ هنن کي ٻڌايو ويو ته بچيل رت ٻين ضرورت
وارن مريضن کي ڏنو ويندو، آيل سڀ نوجوان ويٺا رهيا ٻه ڌاري راڌا، مديحه پنهنجي
ماءُ سان گڏ اسپتال پهتي ٿوري دير ۾ ڊاڪٽر الله نواز به سرڪاري اسپتال مان سڌو هتي
آيو هنن ماني کاڌي آيل سڀني نوجوانن لاءِ ڊاڪٽر عبدالعزيز سٺي نموني سان ماني جو
بندوبست ڪيو آپريشن جو ٽائيم ٽي رکيو ويو هو پر اڄ آيلن جي خدمت جي ڪري ساڍا چار
ٿي ويا ، دانيال ٻه وڳي هُن اجنبي جي نمبر تي ڪال ڪئي
“هيلو”
“اسلام عليڪم”
“وعليڪم سلام ادا ڪير پيا ڳالهايو”
“مان
دانيال پيو ڳالهايان، اڄ آپريشن ٿيڻي آهي گومون جي، اوهان چيو هو ته مونکي ڪال ڪجو
هاڻ جلدي پهچي وڃو ”
“ها مان ڪال جي انتظار ۾ هئس بس پهتو پندرنهن منٽن ۾” چئي ڪال ڪٽي ڇڏي، ٿوري ئي دير ۾ ساڳيو اجنبي شخص
پهرين وانڱر منهن تي ماسڪ چاڙهي دانيال وٽ آيو هن سان هٿ ملائي اڳتي وڌي ڊاڪٽر جي
آفيس ۾ هليو ويو، ۽ پويان هڪ عورت ۽ ڪجهه نوجوان ڇوڪرا اندر هليا ويا دانيال هتي
ئي بيٺو رهيو ٿوري تقريبن ساڍي چار وڳي آپريشن ٿيٽر ۾ گومون کي وٺي ويا ۽ ٻه ڪلاڪ
آپريشن هليو ٻن ڪلاڪن کان پوءَ ڊاڪٽر
اچي سڀني کي ڪامياب آپريشن جون مبارڪون ڏنيون ،
نوجوانن
ڊاڪٽر کي ڪلهن تي کڻي ورتو
ڊاڪٽر الله
نواز، دانيال، ڀيرو، مديحه ۽ هن جي ماءُ، ڪملا ۽ راڌا جي اکين ۾ خوشي جا لڙڪ لڙي پيا.
ٿوري دير کان
پوءِ آيل سڀ هليا ويا تڏهن دانيال ۽ ڊاڪٽر الله نواز ۽ ٻيا سڀ آءِ سي يو ۾ گومون
کي ڏسڻ ويا هتان ٿي سڌا هن اجنبي وٽ ويا ڪملا، راڌا ۽ ڀيرو هن جي پيرن کي ڇهي ٿورو مڃيو ۽ گهڻي تائين هنن وٽ ويهي
ڪچهري ڪئي پوءِ سڌا پنهنجي ڪمري ۾ آيا ته ڊاڪٽر عبدالعزيز هنن وٽ اچي ويو .
هن سڀني کي
چانهه جي دعوت ڏني جيڪا سڀني دل سان قبول ڪئي ۽ ٿوري دير ۾ هن جي آفيس جي هڪ
خوبصورت ڪمري ۾ چانهن جو بندوبست ڪيو ويو سڀني چانهن پيتي ۽ گهڻي تائين ڪچهري ڪندا
رهيا ۽ پوءِ اٿي ٻاهر آيا ته ڊاڪٽر الله نواز پنهنجي زال کي چيو هاڻ ڪملا کي به
گهر وٺي هل ۽ راڌا کي به سو مجبورن ڪملا کي وڃڻو پيو ائين رات جو ڀيرو به ڊاڪٽر جي
گهر آرام ڪرڻ ويو هليو هتي صرف دانيال ئي رهيو
هفتي کان
پوءِ ڊاڪٽر موڪل ڏني ته ڊاڪٽر الله نواز گومون وارن کي وٺي پنهنجي گهر آيو ائين
هفتو کن هتي
اڄ هنن واپسي
گهر وڃڻ لاءِ زور ڀريو هو سو مجبورن دانيال ۽ ڊاڪٽر کي هنن جي ڳالهه مڃڻي پئي. ڊاڪٽر ٿورو پريشان ڏسڻ اچڻ لڳو هو. هي
موقعي جي تلاش ۾ هو ته ڪملا سان ڪيئن ملجي ها ائين ته روز ملي ويندا هئا سڀني جي
سامهون پر اڪيلائي ۾ ملڻ لاءِ ڊاڪٽر بيچين بڻجي ويو، اتفاق سان ڪجهه دوائون کٽي
ويون هيون انهن کي وٺي اچڻ لاءِ ڪملا پرچو کڻي دانيال کي ڳولڻ لڳي پر دانيال ڪنهن
ڪم سان ٻاهر نڪري ويو هو سو ڪملا سڌو ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ هلي آئي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي وڃڻ جي
تياري ڪري رهيو سو هن کي ايندو ڏٺو سو ٿورو اڳيان وڌيو هن جو ڪنڌ شرم وچان جهڪيل
هيو
“ڪملا دوائن جو پرچو اڳيان وڌايئيندي چيو ٿوريون دوائون کٽل آهن
اهي گهرائي ڏيو” هن پرچو وٺي نهاريو ته ڪملا وڃڻ لڳي
“ڪملا” ڊاڪٽر سڏ ڪيو
“جي ڪملا اتي بيهي رهي”
“مونکي معاف ڪجان، معافي گهرڻ تي سولي آهي پر معاف ڪرڻ انتهائي ڪٺن
ڪم آهي پر مان اميد ٿو ڪريان ته تون مونکي معاف ڪندين ”
“ڊاڪٽر انسان جي مجبورين ۾ اها به هڪ حقيقت آهي ته جڏهن انسان جي
جسم سان ميلاپ جو سوچندو آهي تڏهن اهو پوري سنسار کي انڌو محسوس ڪندو آهي. سو
اوهان جو ڪو ڏوه ڪونهي اهو جنسي ميلاپ جو انڌ هو جيڪو عورت توڙي مرد ٻنهي تي سوار
ٿئي ٿو، ها جيڪڏهن هتي منهنجي مجبوري هئي ته اوهان سان ميلاپ ڪيان تيستائين ضرور
پيڙا مان گذري هئس پر ميلاپ جي وقت جيتري اوهان لذت محسوس ڪئي اوتري مون به سو هن
گناه ۾ اوهان جو ڪو ڏوه ڪونهي”
ڊاڪٽر حيران
ٿي ويو ته ٻهراڙي جي اڻ پڙهيل عورت سيڪس کي ايترو سمجهي سگهي ٿي
“اها به حقيقت آهي ان ميلاپ سان اوهان کي جيڪو ٻار حمل ٿيو هو سو
راڌا آهي”
ڪملا تي ڄڻ
وڄ ڪري پئي هن بمشڪل پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو
“ها اهو ڄاڻان ضرور ٿي پر”.... هن جملو ڪٽي پريشاني ۾ ڊاڪٽر ڏانهن
نهاريو
“ها مان سمجهان ٿوته توهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته راڌا کي منهنجي
حوالي نه ڪندا سو مان به مجبور نه ڪندس ها ايترو ضرور چوندس ته اوهان راڌا جي شادي
وغيره جي خرچ جي باري ۾ ڪجهه نه سوچجو ان جو بندوبست مان ڪندس ۽ هن جو پورو خرچ
مان ڀرندس”
ڪملا ڪنڌ جهڪائي چيو “جيڪا اوهان جي مرضي” هن کي
پنهنجي گهر جي حالت جي خبر هئي سو هن انهي ٽائم ئي جواب ڏنو
“۽ ها اوهان اهو جسم فروشي شراب وغيره ٺاهڻ ڇڏي ڏيو، ڀيرو لاءِ مان
ڪٿي نوڪري ڳولي لڳائي ڇڏيان ٿو ته جئين اوهان جي گهر جو خرچ انهي پگهار تي هلايو”
“۽ مان به ڪجهه رقم ڏيندس ته جيئن اوهان جو گهر سٺي زندگي گذاري”
مديحه جي ماءُ ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو
ڊاڪٽر پريشان
ٿي ويو ته هاڻ معاملو خراب ٿي ويندو پر هن جي زال سڌو ڪملا کي گراٽڙي پائي چيو
“ڀيڻ جڏهن به
ضرورت پئي هلي اچجان منهنجي گهر جا در توهان لاءِ هميشه کليل رهندا”
ڪملا جي اکين
مان خوشي جا لڙڪ لڙڻ لڳا، ڊاڪٽر اڳتي وڌي
آيو
“ڇا تون پوري گفتگو ٻڌي ڇڏي؟”
“ها جيڪو ڪملا چيو اهو به“ هن چيو “ها اوهان کي ڪجهه شرم ڪرڻ گهرجي ها”
ڊاڪٽر پشيمان
ٿيندي چيو “پر ان وقت مان حيوان بڻجي ويو هئس ۽ حيوان وٽ شرم ڪٿان ايندي”
ڪنڌ جهڪائي
ڪمري مان نڪري ويو ڪملا هن سان گڏ ٻاهر نڪري آهي
هي پنهنجو
سامان کي ٿيلهي ۾ وجهي تيار ٿيا ته دانيال به پهچي ويو، هنن سڀني گڏجي ماني کاڌي ۽ پوءِ ڳوٺ روانا ٿيا
ڇهن مهينن
کان پوءَ
“يار گومون واري ڇوري ته قهر ٿي ڪري” وسيم جي ٽولي جي هڪ رڪن بهرام
چيو
“ها يار منهنجي به دل چاهندي آهي ته هن کي پاڻ وٽ قيد ڪري رکان”
ابراهيم جواب ڏيندي چيو
“پر وسيم ۽ دانيال کي جي خبر پئي ته کل ٽڪو به نه لهندي” بهرام کي هنن جو خيال آيو سو ڊڄي ويو
“يار جڏهن ڳالهه عشق جي هجي ٿي اتي ڊپ جو ڪو تصور ئي ڪهڙو” ابراهيم
سمجهائڻ جي نوع ۾ چيو
“پر دانيال هن کي ڀيڻ ڪوٺي آهي ۽ وسيم دانيال جي ڀيڻ کي پنهنجي ڀيڻ
ڪوٺي ٿو” “سو دانيال کان ڀلي نه ڊڄون پر وسيم کان ته ڊڄڻ گهرجي” بهرام وسيم جي ڊپ
کان مسلسل ڊڄندي جواب ڏنو
“تون ڊڄندو رهه تيستائين مان بندوبست ڪري ٿو وٺان” ابراهيم چئي
اٿيو
بهرام ۽
ابراهيم جيڪي مسلسل ڇهن مهينن کان راڌا تي اک رکيو ويٺا هئا سو بس هن جي اغوا جو
منصوبو ٺاهڻ لڳا پر بهرام وسيم جي ڊپ جي ڪري اغوا ڪرڻ جي حق ۾ ڪونه هو،
ابراهيم جي وڃڻ کان پوءِ
گهڻي تائين بهرام هن جي باري ۾ سوچندو رهيو
شام جو
دانيال ڳوٺ آيو ۽ وسيم سان گڏ سڌو گومون وٽ آيو گومون جي ڪمزوري جي باوجود حالت
تمام گهڻي سڌري وئي هئي ايتري قدر جو هو گهڻي تائين گهمي ڦري سگهيو ٿي سو ٻاهر
ٿوري دير لاءِ نڪتو هو هنن کي ايندو ڏسي پاڻ اڳتي وڌي ويو دانيال هن کي ايندو ڏسي ٻئي هيڏانهن وڌيا
“چاچا ڇا حال آهن”؟
“پٽ ٺيڪ ٺاڪ اوهان ٻڌايو.”
“چاچا دعائون آهن اوهان جون”
“هاڻ گهمڻ ڦرڻ ۾ تڪليف ته ڪونه ٿي ٿئي نه؟”
“نه پٽ هاڻ گهڻي دير گهمي ڦري سگهان ٿو”
“اڄ ٻنهي ڄڻن گڏجي پنڌ ڪيو آهي خير ته آهي نه پٽ ” هي گڏ ڪڏهن ڪڏهن ايندا
هئا سو گومون پُڇي ورتو
“چاچا اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون”
“ڪهڙي پٽ” گومون جي چهري تي خوشي تري آئي!
“چاچا دانيال جي مگڻي ٿئي پئي” وسيم جلدي چيو.
“او مبارڪون منهنجي پٽ کي مالڪ توکي خوش رکي” گومون دانيال کي ڀاڪر وجهي پنهنجي خوشي جو اظهار
ڪيو، ڇو ته دانيال به هن کي ڀيرو جيان پيارو هو جنهن ڏکي وقت ۾ هنن جي مدد ڪئي هئي. هن دانيال کي
ڀاڪر کان ڌار ڪري هن سان گڏ گهر ڏانهن وڌيو ،
سڌو
گهر اچي هن پهرين راڌا کي سڏيو
“راڌا او راڌا کنڊ کڻي اچ تنهنجي ڀاءُ جي مگڻي جي خوش ۾ منهن مٺو
ڪراءِ ”
راڌا جيڪا
چونئري ۾ هئي سو يڪدم ٻاهر نڪري آئي
ا“دا اوهان
ڪڏهن آيا” هن کي حيرت ٿي ڇو ته وسيم جڏهن ب ايندو هو ٽي چار ماڻهو هٿيارن گڏ هوندا
هئا ۽ ايندو به هميشه گاڏي ۾ هو ۽ جڏهن ته دانيال
به هميشه
گاڏي ۾ ايندو ۽ ٻيو گڏ ڪڏهن ڪڏهن ايندا هئا يا وسيم پهرين پهچندو هو يا دانيال پر
اڄ ٻئي پيادا ۽ گڏجي هلي آيا نه ماڻهو هئا نه گاڏيون.
“بس هنئير ئي پهتا آهيون” دانيال جواب ڏيندي اٿيو هن جو مٿو پنهنجي
ڪلهي تي رکي ٿپڪي ڏيندي چيو
“راڌا دانيال جي مگڻي ٿئي پئي” گومون پنهنجي خوشي جو اظهار ڪندي
چيو “جلد کنڊ کڻي اچ ته وات مٺو ڪرايون”
ڪملا جيڪو
پريان آئي پئي تنهن ٻڌو سو تڪڙ ۾ چيو “مبارڪون پٽ ڪڏهن ٿي ٿئي مگڻي” سڀني ڇرڪ
کائي هن ڏانهن ڏٺو ته راڌا ڊوڙ ڪڍي کنڊ کڻڻ وئي، ٿوري دير ۾ ئي کنڊ آڻي هنن جو وات مٺو ڪرايو ويو
“بس ماسي سڀاڻي مگڻي جو پروگرام آهي امان چيو آهي اوهان سڀني کي
وٺي اچان سو گاڏي وٺي آيو آهيان”
“پٽ آئون تنهنجي خوشي ۾ شريڪ نه ٿيان ته ڄڻ پنهنجي پٽ جي شادي ۾
شامل ڪونه ٿيو پر ڇا ڪيان هن بيماري ۽ ڊاڪٽر جي چيل ڪري جي ڪري هلي نه سگهندس باقي
راڌا ۽ هن جي ماءُ هلن ته وٺي وڃ ڀيرو به اتي اچي ويندو پر مان هلي نه سگهندس” گومون پنهنجي نه هلڻ جي
مجبوري ٻڌائيندي انڪار ڪيو
“چاچا اوهان جي بيماري کي مان سمجهان ٿو اوهان ڀلي نه هلو پر هنن
کي اجازت ڏيو ”
“ضرور ضرور پنهنجي پٽ جي شادي ۾ وري ڪهڙي موڪل هي ڀلين هلن آئون
ٿورو ئي روڪيندس ”
گومون خوش
ٿيندي چيو
“پٽ تنهنجي چاچي جي دوائون گوريون ڏيڻ لاءِ راڌا يا مونکي هتي رهڻو
پوندو آئون سوچيان ٿي اڄ آئون هلان ٿي اوهان وٽ راڌا ڀلي هتي هجي سڀاڻي ڀيرو سان
گڏ واپسي اچي راڌا کي موڪلندس”
“نه چاچي هلڻو ٻنهي کي پوندو” دانيال ضد ڪيو
“پٽ راڌا جي ماءُ ٺيڪ چئي ٿي ائين ٺيڪ رهندو، هون به مگڻي جي رسم
سڀاڻي ٿيندي ان ڪري راڌا ڀلي سڀاڻي هلي اڄ هن کي وٺ وڃ ” گومون
وچ ۾ ڳالهايو وسيم ٿوري تائين ڪجهه
سوچندو رهو پوءِ چيو
“ٺيڪ آ جيئن اوهان کي صحيح لڳي پر امان ناراض ضرور ٿيندي”
“هن کي مان پاڻهي سنڀالندس” ڪملا جلدي جواب ڏنو
“راڌا چانهه ته ڪر” وسيم جيڪو ايستائين چپ ڪيو ويٺو تنهن ڳالهايو سو
راڌا تڪڙي چونئري ۾ وڃي چانهن ڪرڻ لڳي وسيم پنهنجي ڊرائيور کي ڪال ڪري گاڏي آڻڻ جو
چيو ٿوري دير ۾
راڌا چانهه کڻي آئي ۽ سڀئي چانهه پيئندي
ڪچهري ڪندا رهيا چانهه پيءَ دانيال ڪملا کي وٺي روانو ٿي ويو وسيم ۽ ڊرائيور کي
پنهنجي جڳهه تي ڇڏي ويو
بهرام ۽
ابراهيم ٻئي هن ڏينهن جي انتظار ۾ هئا سو وسيم وٽ اچي ڪوڙو بهانو ڪري موڪل ورتي ۽
پنهنجي لاءِ ٺڪاڻو ڳولڻ لڳا، شهر پهچي جڳهه ڳولڻ لڳا
هنن کي هڪ ويران گلي ۾ هڪ مڪان مهيني لاءِ
ڪرائي تي ملي ويو هن مهيني جي مسواڙ اڳواٽ ڏني جڳهه جي خفي مان آزاد ٿي پنهنجي هڪ
دوست ڊرائيور کي ڪال ڪئي
“هيلو
اسلام.عليڪم ”
“وعيلڪم سلام” موبائيل جي
ايئرپيس تان هڪ ڀاري آواز آيو
“ڪٿي آهين”
“هتي شهر ۾ ڇو ڪم اٿئي ڇا”
“ها يار پراڻو ڌندي جو هڪ مال هٿ ڪيو آهي ”
“اڙي يار واه ڪچو مال کاڌي به گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن”
“بس تون جلد ساگر چوڪ جي پنجين گلي ۾ پهچي ڇهين نمبر گهر وٽ اچ
اسين اتي ويٺا آهيون”
“چڱو مان پندرنهن منٽن اندر پهچان ٿو”
بهرام،
ابراهيم ۽ ڊرائيور خالق پنهنجي هڪ گينگ ٺاهي رکي هئي جڏهن هنن راڌا کي ڏٺو ته هنن
راڌا کي هڪ رات لاءِ استعمال ڪرڻ جو سوچيو پر جڏهن هنن کي خبر پئي ته راڌا وسيم جي
دوست ڀيڻ ڪئي آهي سو هنن منصوبو ٺاهيو ته ابراهيم ۽ بهرام وسيم وٽ وڃي ڪوڙ ڪري هن
جي ٽولي ۾ شامل ٿين جڏهن موقعو ملي خالق کي اطلاع ڏين ته جيئن هو گاڏي کڻي پهچي
وڃي
پر ڇهن مهينن
تائين هنن ڪو موقعو ڪونه مليو اڄ موقعو مليو هو سو پاڻ اچي پورو بندوبست ڪيو ۽
پوءِ خالق کي انفارم ڪيو، پورن پندرهن ۾
خالق به پهچي ويو
“يار ڪهڙو مال آهي اهو ساڳيو ياٻيو ڪو ”
”ساڳيو يار” ابراهيم جلدي
چيو
“اڇا پوءِ ڪهڙي ٽائيم هلنداسين”
“بس رات جو تقريبن نو وڳي هتان نڪري هلنداسين هنئير ست ٿين پيا
تيستائين ماني وغيره کائي وٺون
پوءِ
هلنداسين” ابراهيم پنهنجو منصوبو ٻڌايو “ساڍا نو تائين ڳوٺ پهچي وينداسين پوءِ هن
جي کڻڻ لاءِ ڪنهن جڳهه گاڏي بيهاري ڏهين ڌاري هن جي گهران ضروري کڻبو ساڍا ڏهين
ڌارين هتي هونداسين ۽ پوءِ جيڪو نياڻي جو نصيب” هن آخري لفظ چئي ٽهڪ ڏنو
“ته پوءِ هلون” خالق به ٽهڪ ڏيندي چيو
“هلو” ابراهيم اٿندي چيو
ايتري گفتگو ۾ بهرام هڪ لفظ ڪونه ڳالهايو هن کي گهڙي گهڙي وسيم جو ڊپ ٿي رهيو هو سو خاموشيءَ سان هنن جي
پويان اچي گاڏي ۾ ويٺو خالق گاڏي کي هڪ هوٽل اڳيان روڪي ۽ سڀئي لهي پيا ، ماني کائيندي هنن جي گفتگو ساڳي موضوع تي جاري
رهي، تقريبن نو وڳي پنهنجي منصوبي تي عمل شروع ٿيو، خالق گاڏي کي معمولي رفتار سان هلائي رهيو هو
ساڍا نو وڳي هي ڳوٺ پهچي گاڏي کي لڪائي بهارڻ جو انتظام ڪيو، گومون جي گهر جي
ڀرسان ئي هڪ ديوين جي جهگٽي ۾ گاڏي لڪائي
بيهاري پنهنجي مقرر ٽائيم جو انتظار ڪرڻ لڳا ڏهين ڌاري بهرام کي گاڏي وٽ ڇڏي خالق
۽ ابراهيم گومون جي گهر ۾ ٻلي پيرن سان داخل ٿيا گهر ۾ سناٽو لڳو پيو هو اوٽي جي
وچ تي ٻه کٽون وڇايل هيون هڪڙي تي گومون ۽ ٿوري وڇوٽي راڌا ستل هئي، هنن آهستي
آهستي اڳتي وڌي راڌا جي منهن تي هٿ رکيو راڌا ڇرڪ کائي جاڳي پئي، ڪتا ڀونڪڻ لڳا،
گڏهن جون هينگون، مورن جون رڙيون پوري ڳوٺ ۾ گونجي ويون، آسمان تي تارا چگمگيون
ڪرڻ لڳا، چنڊ پنهنجي چهرو لڪائڻ لاءِ ڪڪرن لاءِ واجهائڻ لڳو، گومون ڇرڪ کائي اٿيو
“راڌا راڌا” سڏ ڪرڻ لڳو پر راڌا جو ڪو به جواب نه آيو هن اٿي
پنهنجي ڀاءُ جي گهر ويو پر اتي سڀ ننڊ ۾ پيل هئا هن جو مٿو چڪرائجي ويو اکين اڳيان
انڌوڪار ڇائنجي وئي ، هي مٿي تي هٿ ڏئي اتي
ويهي رهيو ته وسيم جو آواز پهتو
“چاچا” هن ڪنڌ کڻي پهرين
وسيم ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو اکين مان لڙڪ جو سيلاب جاري ٿيو پيو
“چاچا” وسيم وري سڏ ڪيو هي اٿيو پر اڄ هن جي زندگي جو انتهائي ذلت
ڀريو ڏينهن هو، ها اهڙو ڏينهن تڏهن به ڪونه ڏٺو هو جڏهن پاڻ وڃي پنهنجي زال جي
دلالي ڪري گراهڪ وٺي ايندو هو، تڏهن هي پئسن جي ڪري اهو فرض بخوشي سرانجام ڏيندو
هو پر اڄ ته هن جي گهر اندر گهڙي هن جي اندر ستل انسان کي جاڳائي ويا هئا هن جي
اندر دٻيل غيرت کي جاڳائي ويا هئا پر هي ڪري به ڇا ٿي سگهيو هي شڪسته قدم کڻندو وسيم ڏانهن وڌيو وسيم هن کي آٿت ڏيندي
چيو
“مونکي سڀ خبر پئجي وئي آهي ڪنهن به ماڻهو کي اها خبر ڪانه پوندي ته
رات جو ڇا ٿيو هو منهنجا ماڻهو هنن تائين پهچي چڪا آهن اوهان پريشان نه ٿجو مان
وڃان ٿو راڌا کي وٺي اچان ٿو، راڌا منهنجي به ڀيڻ آهي مان هن جو بدلو ضرور وٺندس” هن کي سهارو
ڏئي وسيم کٽ تي ويهاريو ۽ پاڻ ساڳي پيرن سان واپس وريو
ها گومون ڇا
ٿي ڪري سگهيو سواءِ وسيم تي اعتبار ڪرڻ جي
ٺا....ٺا.....
ٺا...... هڪ گولين جا آواز گونجي ماٺا ٿي ويا
هي بنگلي جي
بالڪوني جي گرل ۾ هٿ وجهي هڪ سگريٽ جو آخري ڊگهو ڪش هڻي سگريٽ اڇلايو
پويان مڙيو
سامهون کان هن جا ساٿي راڌا کي وٺي اچي رهيا هئا هي وڏيون وکون کڻندو راڌا وٽ آيو
راڌا رڙيون
ڪري روئڻ لڳي هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا هن راڌا جو مٿو پنهنجي سيني سان لڳائي
ٿپڪيو
نه ڀيڻ روء نه
سڀ ٺيڪ ٿي ويندو مان جيستائين حياتي آهيان توکي ڪجهه ٿيڻ نه ڏيندس
هن راڌا کي
آٿت ڏيندي چيو ۽ هن کي وٺي ٻاهر نڪتو هن جي پويان پورو جٿو هٿيار تاڻي اچي رهيو هو
فجر جي اڃان
ٻانگ به ڪونه آئي هئي هن کي وٺي گومون جي سامهون آندو گومون راڌا کي گراٽڙي پائي
روئڻ لڳو
هي ٻنهي
کي.آٿت ڏيڻ لڳو ٿوري دير کان پوءَ هن صرف ٻن ڄڻن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ٻين کي وڃڻ
جو چيو
هي صبح تائين
ويٺو رهيو صبح جو ڀيرو ۽ ڪملا پهچي ويا هنن کي پوري
ڳالهه جي خبر پئي ته پريشان ٿي ويا وسيم سڀني کي آٿت ڏئي.پنهنجي ٻن ماڻهن کي هتي
ڇڏي پاڻ جڳهه تي ويو هليو صبح جو هي ڳالهه ماڻهن جو موضوع بڻجي وئي ته ڪلهه وسيم
جي ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو هو ۽ اڄ انهن جا لاش شهر جي ڦلاڻي گهر ۾ مليا آهن ، پوليس لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ
لاءِ اسپتال پهچايا، پوليس هن ڪيس جا پيرا
کڻڻ شروع ڪيا پر هن کي ڪجهه حاصل ڪونه ٿيو، دانيال جڏهن هي خبر ٻڌي سو وسيم کي ڪال
ڪئي وسيم بهانو ڪري سچي ڳالهه ڪونه ٻڌائي ۽ چيو “مان اچان ٿو”
دانيال، ڊاڪٽر الله نواز، مديحه ۽ هن جي ماءُ سڀ
راڌا جو انتظار ڪرڻ لڳا وقت گذرندو ويو پر راڌا جو ڪو پتو ڪونه پيو ته ڪڏهن ٿي اچي
جڏهن ٽائيم
گذرندو پيو ته پوءِ مجبورن هنن کي مگڻي جي رسم پوري ڪرڻي پئي
شرنايون وڄڻ
لڳيون، دهل تي ناچ شروع ٿي، مهمانن پنهنجي ويهڻ جي جاءَ ڳولڻ لڳا، هر طرف خوشي جا
ٽهڪڙا مچي ويا، رسم شروع ٿي وئي
هيڏانهن راڌا
سڄو ڏينهن رات واري واردات تي سوچي پنهنجو پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳي هن کي پنهنجي
زندگي هڪ عذاب نظر آئي، هن پنهنجو پاڻ کي
هن ڌرتي تي بار محسوس ڪيو ، هن ٻاهرن ڪري نهاريو
لانڍي ۾ ڀيرو ۽ وسيم جا ساٿي ويٺا هئا، چونئري ۾ ڪملا گومون جي ڀرسان ويٺي هئي
سڀني جي چهرن تي ڏک جون ريکائون ظاهر هيون ، هن واپس اچي هڪ
پاسي رکيل رسي کڻي چونئري جي مل (هڪ ٿلهي ڪاٺي) ۾ رسي وجهي پنهنجو پاڻ کي ان حوالي
ڪري ڇڏيو ، هن جو وجود ٿوري تائين تڙپي
هميشه لاءِ خاموش بڻجي ويو
آيا
هئاسين خوشيون ملهائڻ دنيا ۾
اي
دنيا تنهنجي ماڻهن عذاب ڪئي زندگي
ٿوري دير
کان پوءِ ڪملا چونئري ۾ داخل ٿي ، هڪ چيخ، هڪ آه اندر مان نڪري وئي. جيڪا پوري
ڳوٺ کي لوڏي وئي هڪ حُسن جي موت پوري ڳوٺ کي شڪتي ۾ آڻي ڇڏيو،
وسيم پهرين
اچي ڀاڪر وجهي دانيال کي مبارڪ ڏني ۽ پوءِ ڊاڪٽر الله نواز ان کان پوءِ پوري
خاندان کي پويان سڀني آيل مهمانن مبارڪون ڏيڻ شروع ڪيون هن رسم مان فارغ ٿي ماني
کائڻ لڳا ته وسيم جي فون تي ڪال آئي هن ڪال اٽينڊ ڪري ٿورو پرڀرو ويو هن پوري ڳالهه
ٻڌندي هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ ڊاڪٽر الله نواز کي سڏ ڪري ڳالهه ٻڌائي، هن جي
پيرن هيٺيان زمين کسڪڻ لڳي هن پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو، پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ لڳا
آخر اهو فيصلو ٿيو ته آيل سڀني مهمانن کي
ماني کائڻ کان پوءَ ڳالهه ٻڌائي وڃي ۽ وسيم وڃي لاش روڪرائي جيئن سڀئي هن جو آخري
ديدار ڪن، هوڏانهن پوليس کي جيئن خبر پئي سو جلد ئي پهچي وئي لاش کي لاهي کٽ تي
رکيو ويو گومون جي حالت تمام خراب ٿي وئي ۽ ڪملا تي بيهوشي جو دورو پئجي ويو ڀيرو
جي به حالت خراب ٿي وئي ڳوٺ جي ماڻهن هنن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ ڪجهه وري تماسو ڏسڻ آيل
هئا
ايتري ۾ وسيم
به پهچي ويو هن ايندي پوليس وارن سان ڳالهايو ۽ لاش جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ اسپتال
نيو ويو وسيم پنهنجي ساٿين مان ڪجهه کي گهر جي ڪم ڪار لاءِ مقرر ڪيو ۽ ڪجهه کي پاڻ
سان گڏ وٺي ويو ڪملا کي پاڙي جي عورتن سنڀاليو هڪ راڌا جي لاش سان گڏ وئي ڀيرو ۽
گومون کي پاڙي وارن سنڀاليو
جيئن ئي لاش
واپسي ڳوٺ پهتو ته وري روڄ راڙو مچي ويو، ايتري
۾ ڊاڪٽر وارا به پهچي ويا ۽ ان سان گڏ ڊاڪٽر عبدالعزيز، اهو اجنبي شخص پهرين وانڱر
چهري تي ماسڪ پائي هن غم ۾ شريڪ ٿيو هو بلڪ ذاروقطار روئڻ لڳو. هر طرف روڄ راڙو
متل هو، لاش جي ڪفن دفن جو بندوبست ٿيڻ لڳو ته هڪ
همراه گومون جي چونئري مان ٻاهر نڪتو، آهستي آهستي قدم کڻندو وسيم وٽ پهتو،
هن وسيم جي ڪن ۾ ڪجهه چيو
وسيم
تي سڪتو طاري ٿي ويو، هن جا ٻئي هٿ وارن ۾ پئجي ويا
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سائل مهراڻ جون ڪهاڻيون
Subscribe to:
Posts (Atom)


رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي