جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Wednesday, 19 November 2014

اديون عبدالطيف چئي

* اديون عبد اللطيف چئي
جَيڪَا ڪَندي مَنجُهه, مُون جيئَن ٻَارَوچَن سين
مَٿَان ڳَلَن هَنجُ, سَا ڪينَ لَاهيندي ڪَڏهين.
سُرُ حُسَيني - سَسُئي
ڏکين لفظن جي معني'
مَنجُهه = راز, ڳجهه, اندر جو احوال
هَنجُ = لُڙڪُ, ڳوڙهو - هنج لفظ هنجون مان ورتو ويو آهي جنهن جي معني' لڙڪن لارون آهي.
بيت جو پس منظر
~ جيڪا مون جيئن پنهنجي اندر جا راز ۽ ڳجهيون ڳالهيون ٻين سان سليندي.
~ سندس ڳلن تان لڙڪن لارون سُڪَنديون ئي ڪونه.
سمجهاڻي
هر انسان وٽ سوچ ۽ شعور آهي, اهيا سوچ ئي دراصل اندر جي لوچ, پيڙا, ڀوڳنا ۽ اذيت آهي. جانور سوچي نٿو, انسان سوچي ٿو ۽ اهيا سوچ ۽ ولوڙ انسان کي باقي مخلوقات کان مختلف, منفرد ۽ اوچو مقام عطا ڪري ٿي.
ان سوچ, احساسن, نازڪ, نفيس ۽ ڪومل جذبن کي ڀلا جنهن تنهن سان ته اظهاري نٿو سگهجي نه. اندر جا ڳجها راز, ڪي لڪيل ڳالهيون, ڪا cometment ڀلا سڀني سان ڪيئن سلي
سگهجي ٿي؟
هن بيت ۾ ڀٽائي سسئيءَ جَي اندر جَي رازن ۽ ڳجهين ڳالهين کي ٻين تائين پهچائڻ پوءِ پڇتائڻ ۽ ويهي روئڻ وارين ڳالهين تان پردو کنيو آهي. سسئي هندو هئي ۽ ٻانڀڻياڻي هئي, سا ڳالهه جڏهن پنهونءَ جي مائٽن تائين پهتي ته هنن سسئيءَ کي قبول
نه ڪيو.
سو ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو ته پنهنجي اندر جا راز ۽ ڳجهيون ڳالهيون ڪڏهن عام سان نه سليو نه ته اوهان کي به سسئيءَ جيان سڄي زندگي پڇتائڻو ۽ روئڻو نه پئجي وڃي.
پنهنجو خيال رکندا ڪيو
صبح جو سلام

سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ وال تان کنيل.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

1 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔