Wednesday, 3 December 2014
روهيڙي جي رتن گلن جھڙو مُک تي سدائين مرڪ رکندڙ سنڌ جو شاعر سائين ملزم سومرو صاحب
روهيڙي جي رتن گلن جھڙو مُک تي سدائين مرڪ رکندڙ سنڌ جو
شاعر سائين ملزم سومرو صاحب
سائل مهراڻ
مٺي ٿرپارڪر
انسان
ازل کان ائين ڀوڳيندو اچي چورياسي جوڻن جو چڪر ڪاٽيندو، پر جڏهن اهو معصوم ٻار جي
وهي ۾ هجي ٿو تڏهن نه ڪا درد جي خبر هجي ٿي نه ڪنهن ڏک جي خبر، اهو معصوم جڏهن
سمجهه ريو ٿئي ٿوتڏهن ان کي درد به محسوس ٿين ٿا ته ڏک به پوءِ اهو ساڳيو ٻار وڏو
ٿي، ڪو سياستدان بڻجي ٿو ته ڪو ڊاڪٽر، ڪو
انجنئير يا ڪو ڪنهن شعبي جو آفيسر بڻجي وڃي ٿو، اهو هن دنيا جي دولت ڏسي ٿو ته خوش
ٿئي ٿوپر زندگي جي هن هلندڙ سواري ۾ اهڙن موڙن تي اچي وڃي ٿو، جو هو ڌن، دولت مال،
ملڪيت هوندي به مايوس ۽ نراسائي ۾ وقت گذاري ٿو. اها نراسائي ۽ مايوسي پنهنجي
ملڪيت جي به هوندي آهي ته پنهنجي جان جي حفاظت جي به، پر ڪي اهڙا ماڻهون به پنهنجي
ملڪيت کي ڪجهه به نه سمجهندي صرف ۽ صرف انهن غريبن ۽ مظلومن جي دردن، پيڙائن کي
پنهنجو درد سمجهندا آهن ۽ انهن جي ۾ دردن کي لڪائڻ انهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي
آهي ۽ انهن جي اندر جو آواز ٻاهر نڪرڻ شروع ٿيندو آهي جيڪو مختلف رنگن سان ظاهر
ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڪو افسانو هوندو آهي ته ڪو ناول، ته ڪو آواز ڪهاڻي هوندي آهي ته
ڪو آواز وري شاعري جي روپ ۾ کهنبا ويس ڍڪي نشابر ٿئي ٿو
سنڌ ڌرتي
ڪيترائي شاعر پيدا ڪيا آهن، اڄ به سنڌ ڌرتي تي اهڙا ڪيترائي تخليقڪار موجود آهن
جيڪي پنهنجي شاعري جي ذريعي انهن ماروئڙن جا درد پنهنجي لفظن ۾ پوئي ظاهر ڪن ٿا
جئين سائين عبدالغفار ”تبسم“، ادل سومرو ،اياز گل،حليم باغي، امر اقبال، جميل
سومرو، مظفر منگي، وسيم سومرو ۽ ٻيا هڙيئي خوبصورت نانءُ.
جيڪي شاعر سنڌ ڌرتي تي رهي
هتي جا درد بيان ڪري رهيا آهن اهي پنهنجي ڏات سان جيڪو پرکين ٿا اهو بيان ڪن
ٿا، انهن جيان سنڌ ڌرتي جي آخري ڇيڙي جو هڪ پيار ڀريو نانءُ محترم سائين شاعر ملزم
سومرو صاحب سنڌي ادبي سنگت
ڏهرڪيءَ جو مک ڪردار(جنهن شاخ جو بنياد رکيو ۽ الحاق ورتو ۽ اخلاقي توڙي علمي تخليقون سرجي شاخ ڏهرڪيءَ کي سموري سنڌ ۾
متعارف ڪرايو ) پنهنجي اندر مظلومن جي دردن جي ڀڙڪندڙ باهه
پنهنجي احساسن سان ائين ٿو ظاهر ڪري جئين بس هاڻ ان جي اندر ۾ باهه ڀڙڪي رهي آهي پنهنجي حبيب کي
عرض ٿو ڪري ته:
هاءِ هاءِ هڻان هٿڙا ، سُڻي سڏ ورناءِ ،
ناهي حجت جاءِ ، اچج هاڻ حبيب تون
ناهي حجت جاءِ ، اچج هاڻ حبيب تون
سائين جن ڪڏهن مظلومن کي پنهنجو پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪرائڻ لاءِ
انهن کي هئين به چون ٿا:
ڇڏ
پير پروڪن پانڌين جا
رخ موڙ اڄوڪين آنڌين جا
رخ موڙ اڄوڪين آنڌين جا
تون
ساٿ جي ڏيندين او پيارا
سڀ سور هي لهندا ماندين جا
سڀ سور هي لهندا ماندين جا
ها
نيٺ ته ايندي آزادي
۽ طوق به ٽٽندا باندين جا
۽ طوق به ٽٽندا باندين جا
هتان جي مسڪين
ماروئڙن تي بي راهه روِش ٿيندڙ ظلم ڏسي وري وقت جي حڪمرانن کي حقيقت جي ڳالهه هن
ريت ٻڌائي کيس انهن جي ستل ضمير کي سڄاڳ ڪرڻ لاءِ جهنجهوڙي ٿو ۽ پنهنجي تخليق ۾
هيٺين ريت بيان ڪري ٿو:
هتي روز معصوم اڇليا
وڃن ٿا
ڪتن
جي چڪن ۾ سي گهليا وڃن ٿا
غريبن
جو نياڻيون ننگي سر ڏٺيونسين
ٽڪن
تي نماڻيون سي وڪبيون ٻڌيونسين
سر عام عزت جو نيلام
ٿئي ٿو
يتيمن کي کاڌو نه ڪنهن به کارايو
نه ئي انگ اگهاڙ ن لٽو ڪنهن پارايو
اسان آهي پيغام
هر جاءِ پڄايو
پر شاعر ڪڏهن ڪڏهن
پنهنجي تخليق ذريعي اندر جي ولوڙ جو ڪارڻ جا حال به اوريندا آهن. سائين ملزم سومرو
به پنهنجي اندر جا حال اوريندي هڪ هنڌ لکي ٿو ته
مڃان ٿو تون حريف
آهين، مگر حرفت ڪندي ڦاٿين،
حرڪتون سڀ ڪري ڄاڻين، ائين حرڪت ڪندي ڦاٿين.
اهو ئي عشق اعليٰ
ٿي،
ڪيا داناءِ ديوانا
جنهن،
ٿي سمجهيئي راند ٻاراڻي، مگر محبت ڪندي ڦاٿين!
پر ڪڏهن سائين
پنهنجي ڳوڙهن احساسن ۽ اندر جي وارتا کي ڪنهن سان سلڻ جي ڪوشش ڪري ٿومگر دنيا ۾
اهڙو ڪوبه نه ٿو سُجهي جنهن سان جيون جي هلندڙ چرخي ۾ ڪنهن سان پنهنجي اندر جو حال
اوري تنهن جي باري ۾ لکي ٿو:
اسين
حال ڪنهن سان ڀلا اوريون،
خبر
ناهي ڪٿ ۽ ڪئين ٿا جيئون.
ڪڏهن ڪڏهن انتظار
ايترو وڌي وڃي ٿو جو اهو مايوس ۽ پريشان ڪرڻ شروع ڪري ٿو ائين سائين وري ڪنهن جي
لاءِ انتظار جون گھڙيون ساري ساري نيٺ ٿڪجي هئين چوي ٿو:
الهي
ويا چنڊ تارا، بيٺي رڳو صحن ۾
هڪ
ديد آ دڳن ۾ ٻي دي آ گگن ۾
ڇڙواڳ
محبت جي موسم آئي آ موٽي
محبوبن
ماهِ لقا ڇو ايڏي وڌي وڇوٽي
يادن
سنگيت ڇيڙيا مُلزم عجيب من ۾
انتظار ڪندي ڪندي
ڪڏهن ڪڏهن ته زندگي جو ڏيئو به اجهامي وڃي ٿو. پر آس اميد نه لاهڻ سائين کان سکجي
جيڪا سائين مٿين گيت جي بند ۾ بيان ڪئي آهي ته چنڊ، تارا لهي ويا اڃان به اميد صحن
۾ بيٺي آهي ۽ نظر وري هن محبوب جي اچڻ جون راهون پئي نهاري ته ڪڏهن ٿو واپس وري.
هر شاعر به عجيب ٿئي ٿو جيڪو ڪڏهن محبوب سان ملڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو ته ڪڏهن هن جي
فراق ۾ روڄ راڙو ڪري ٿو. سائين جڏهن سونهن کي سَرِعام بازارن ۾ ٽڪي تي وڪامجندو
ڏسي ٿو ته دل جي ڪنهن ڪنڊ مان اهو آواز اچي وڃي ٿو ته ڀلين سونهن پئسن تي وڪامجي
ٿي پر دليون ڪير به خريد ڪري نه ٿو سگھي پوءِ ڀلين اهو چاهي لکن جي دولت رکندو
هجي:
سونهن پئسن تي وڪامي ٿي مڃيم
پر نه ڪو دليون خريدي آ سگهيو
پر نه ڪو دليون خريدي آ سگهيو
ڪڏهن ڪڏهن ته سپنن
جي اهڙي دنيا گھڙي وٺبي آهي جيڪا ڪڏهن به پوري نه ٿيڻ جهڙي هوندي آهي، پر اهڙا
خواب هوندا آهن جيڪي ساڀيان به ٿيندا آهن پر ڪي وري اهڙا خواب هوندا آهن جيڪي
ساڀيان ٿيندي ٿيندي رهجي ويندا آهن جيئن سائين جا پنهنجا ڏٺل خواب به اڌورا رهجي
وڃن ٿا ته هئين به چوي ٿو ته
خواب
سارا اڌورا ئي رهجي
ويا
نيڻ منهنجا اڃارا
ئي رهجي ويا
بي
رخي ساڻ ڏيندي وئي تون هلي
رنگ
چهري تي نيارا ئي رهجي ويا.
چاهتن پويان ڊڪڻ ڪا
عام ڳالهه نه آهن اڄ ڪلهه هرڪو چاهت پويان ڊڪي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن اها چاهت ملي به
ويندي آ. جڏهن ته چاهتن پويان ڊڪڻ سان من جي راحت وڃائجي ويندي آ، پر چاهت ڪنهن
خوشقسمت کي نصيب ٿيندي آهي جڏهن ته سائين به پنهنجي من کي چاهتن جي پويان ڊوڙڻ جي
منع ڪندي هئين به چوي ٿو ته
چاهتن
پويان ڊڪين ٿو ڇو چريا:
جي
ويا تن جي پٺيان ناهن
وريا:
شام
ڌاري راهه جنهن جو ٿو ڏسين،
هوءِ
نه ايندي هن مهل تو ڏي چريا.
۽ جڏهن ڪنهن سونهن
جي ويجهو وڃي ٿو ته هتي به پهرا ڏسي ٿو تڏهن دل مان اها دانهن نڪريس ٿي ته
ڀلا ڀلن تي ڏين ٿا پهرا:
ڀنڀا گلن تي ڏين ٿا پهرا:
پرين
جا ڪا ڪل لڳن ڪاريهر،
ويهي
ڪلهن تي ڏين ٿا پهرا.
چنڊ جي چانڊوڪي ڀلا
ڪنهن کي نه وڻندي آهي! هرڪو چنڊ جي شاهي رات ۾ پنهنجا سور کڻي چنڊ کي ٻڌائيندو
آهي، جئين سائين جڏهن هر طرف کان سڀ ڪجهه ٿيندي ڏسي ٿو ته هو چنڊ ڏانهن نهاري ڪجهه
حسن جو جلوو پسڻ گهري ٿو پر چنڊ هر هر ڪڪرن جي پويان لڪي وڃي ٿو ته هو چنڊ کي ميار
ڏئي چوي ٿوته
روز
ڪڪرن پٺيان تون ڊڪين چنڊ ٿو
نت
نوان ناز ڪنهن کان سکين چنڊ ٿو
حال
ان جا ڪڏهن به نه مونسان سليئي
راز سيني ۾ سانڍي رکين
چند ٿو
اڄ ته
مون کي ڀلا هل وتيون پاڻ سان،
ڇو
اڪيلو ئي چسڪا چکين چنڊ ٿو!
دردن جو ٻوجهه
سائين پنهنجي شاعري ذريعي هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر درد هڪ ڀيرو وري گهيراءُ ڪن
ٿا جڏهن پنهنجا دل گهريا دوست پنهنجو اباڻو ديس ڇڏي پرديس وڃن ٿا، پنهنجي ڌرتي ڏور
پرديش ۾ رهڻ ڪو سولو ناهي پر اهو به ڪنهن مجبورين تحت ڇڏين ٿا جئين ڀٽائي سرڪار به
پنهنجي وطن کان ڌار ٿيندڙن کي ڏوراپو ڏيندي چوي ٿو ته
سڄڻ ۽
ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري
حيف
تنين کي هوءِ وطن جن وساريو
تئين سائين ملزم
سومرو صاحب پنهنجي ڌرتي کان ڌار ٿيندڙن کي به ميار ڏئي ٿو ۽ ڌرتي کان ڌار نه ٿيڻ
جي ڳالهه ڪري ٿو
ڌرتي
کان تون ڌار ٿين جي ڳالهه نه
ڪر
ڏيهه ڇڏي پر
ڏيهه لڏڻ جي ڳالهه نه
ڪر
هونئن
ته سموري سنڌ
آ سبحان الله پر
شهر
ڏهرڪي، سونهن سڄڻ جي ڳالهه نه ڪر
هرڪو پنهنجن پورن سورن ۾ پورو
ڪنهن
سان ويهي سور سلڻ جي ڳالهه نه ڪر
سائين جي شاعري ۾
سنڌ جي پيڙاءُ آهي، ته سڄڻ جون ڳالهيون به آهن، دم دلاسا آهن ته درد ۽ پيڙائون به
آهن. سائين پنهنجي ڌرتي جي درد کي پنهنجو درد سمجھي ٿو، جتي هر طرف جابر وڏيرا
پنهنجي مڇن کي وٽ ڏيندي سهڻي ڌرتي تي ٿيندڙ ظلم ڏسي چپ رهن ٿا ۽ ڪنهن ڪنوار جي
سُهاڳ راتين جا خواب چڪنا چور ٿين ٿا پر اهي محسوس نه ٿا ڪن پر سائين انهن جي ستل
ضمير کي جھنجوڙڻ لاءِ وڏي واڪي اها تخليق سرجي ٿو. اچو ته کيس نظم جون ڪجهه سٽون
پڙهي ڏسون!
سهاڳ راتين جا خواب
وڇڙيا
چپن چمڻ جا ثواب وڇڙيا
اسان کان چنچل هوائون وڇڙيون
پرينءَ کان پياريون ادائون وسريون
گلابي نيڻن کان ناز وسريا
دلين کسڻ جا انداز وسريا
رُتون بسنتي وري نه موٽيون
نه ئي اکين ۾خمار جاڳيا
ڪوئي به سپنو ٿيو نه ساڀيا
نه ئي سچيون ٿيون هٿن لڪيرون
اچو ته گڏجي ڪا لاٽ ٻاريون
وري وصل جي ڪا واڳ واريون
پکين_پرن تي لکي سنديسا
فضا ۾ ٽڙندڙ ٽهڪ اماڻيون
لبن تي مرڪون ڦِرن ٿِي پوپٽ
امن جا دل ۾ گلاب پوکيون
هوا جي سُر سان سنگيت جوڙي
ڊنل اکين ۾ خمار اوتيون
جيئين نظر سان نظر ملائي
چپن جي چرپر بنه ٻڌائي
خوشيون خوشين سان ڳراٽيون پائي
الهڙ وهيءَ جا حجاب ٽوڙي
لهن رخن تان نقاب سارا
پٻن تي جوانيون ڀڃي ڪا آرس
کُلئي گگن ۾ ٿي مست جهومن !!
چپن چمڻ جا ثواب وڇڙيا
اسان کان چنچل هوائون وڇڙيون
پرينءَ کان پياريون ادائون وسريون
گلابي نيڻن کان ناز وسريا
دلين کسڻ جا انداز وسريا
رُتون بسنتي وري نه موٽيون
نه ئي اکين ۾خمار جاڳيا
ڪوئي به سپنو ٿيو نه ساڀيا
نه ئي سچيون ٿيون هٿن لڪيرون
اچو ته گڏجي ڪا لاٽ ٻاريون
وري وصل جي ڪا واڳ واريون
پکين_پرن تي لکي سنديسا
فضا ۾ ٽڙندڙ ٽهڪ اماڻيون
لبن تي مرڪون ڦِرن ٿِي پوپٽ
امن جا دل ۾ گلاب پوکيون
هوا جي سُر سان سنگيت جوڙي
ڊنل اکين ۾ خمار اوتيون
جيئين نظر سان نظر ملائي
چپن جي چرپر بنه ٻڌائي
خوشيون خوشين سان ڳراٽيون پائي
الهڙ وهيءَ جا حجاب ٽوڙي
لهن رخن تان نقاب سارا
پٻن تي جوانيون ڀڃي ڪا آرس
کُلئي گگن ۾ ٿي مست جهومن !!
حقيقت ۾ سائين جيڪا به تخليق سرجي ٿو اها پنهنجو مٽ پاڻ
آهي، سائين جي دل مان اٿندڙ درد، پيڙائين تي مان ڇا لکان مون وٽ نه لفظ نه ڪا ڏات
جنهن سان اڃا وڌيڪ ڀيٽا ڏئي سگھجي.
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
سنڌ جي شخصيتن کي ڀيٽا
Subscribe to:
Post Comments (Atom)













رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔