جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Sunday, 17 April 2016

سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ

مختصر ڪهاڻيسوڙ آهر پير ڊگهيرڻسائل مهراڻاندر مان اٿندڙ واحساسن کي ڪنهن طرح سان ٻئي پاسي هٽائڻ لاءِ ٻين يادگيرين ڏانهن ٿيڙهڻ لڳو پر بيچين من ۾ وسوسن جو گهنٽڙيو وڃڻ بند نه ٿيون، ۽ آهستي آهستي قدم کڻي پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان هو چوڏينهن جي چانڊوڪي واري جي ڀٽن تي پنهنجي حسن جا تجلا ڇڏي رهي هئي ۽ رات جي ٿڌڙي هير هن جي پگهر ۾ سل ٿيل بدن کي عجب محسوس ٿي رهي هئي ۽ هي ڀٽڪيل ڪنهن وجود جيان واري جا دڙا لتاڙندو پئي ويو. ڳوٺ جي ويجهو پهچڻ تي ڳوٺ مان ايندڙ آواز هن جي آس پاس جي سانت کي ٽوڙڻ لڳا ۽ هن جي ڳوٺ وارن جي چوڻ وارا جملا ذهن ۾ ڀالا بڻجي لڳندا رهيا هن جو پيءُ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ هي دنيا ڇڏي وڃي سرڳ پڌاريو هو ۽ هي هن جو اڪيلو پٽ هئڻ ڪري هن جي ڪريا ڪرم تي ايندڙ خرچ ڀرڻو هو، ڳوٺ وارن اٿندي وهيندي هن کي ڪريا ڪرم جي خيرات ڌام ڌوم سان ڪرڻ جو چيو پئي.سارنگ: تنهنجو پيءُ هڪ نيڪ بخت ماڻهون هو، هن ڪڏهن به ڪنهنجي دل آزاري نه ڪئي هئي توکي هن پويان ڦلاڻو طعام ڪرڻ گهرجي.صالح: تنهنجو پي ڪنهن کي ڪنهن به ڪم جو جواب ڪونه ڏيندو هو، دل جو دريا ماڻهون هو توکي سٺي خيرات ڪرڻ گهرجي.۽ هي سڀني جي منهن ۾ نهاري ايترو ضرور چوندو هو ته جهڙو منهنجو حال آهي اهڙي خيرات ضرور ڪندس.پر ڪرياڪرم کي اڃان ٻه ڏينهن هئا ته ڳوٺ جي سڀني ماڻهون هن تي زور ڀرڻ لڳا.ادا مٺو ڪئين ٿو ڪري؟ اسين تو ڏانهن پيا نهاريون.مٺو : مون وٽ آهي ڇا جو ايڏو خرچ ڀري سگهندس.هنئر ڪنهن کان قرض ڇو نٿو کڻي پوءِ ڀري ڇڏجان.مان ته اڳ ئي قرضي آهيان وري قرض ڪير ڏيندو.قرض ته ملي ويندو پر جي دل ۾ هوندي چڱي خيرات ڪرڻ جي ته.ڪير چوندو ته پنهنجي پوئينرن جي لاءِ خيرات چڱي نه ڪجي مان اهو ٿو چاهيان. ته سڀاڻي شهري وڃي ڪنهن کان هنئير سامان وٺي آ پوءِ قرض لاهي ڇڏجان.ٻئي ڏينهن صبح جو وڃي شهر پهتو ۽ وڃي پنهنجي سڃاڻ واري سيٺ سان ڳالهه ڪيائين سيٺ هن جو حال ڏسي چيو پٽ هڪ ته تنهنجو پيءُ وفات ڪري ويو آهي ٻيو وري مٿان اهڙا طعام وغيره ڪرين تنهنجي شادي ٿو ڪرين ڇا؟ ماڻهون آهن کائڻ وارا اڄ کائي سڀاڻي واه واه ڪندا، قرض توکي لاهڻو آهي هن ڪري سادي خيرات ڪر، ائين هڪ ته هن وٽ روڪ پئسو هو ڪونه مٿان وري سيٺ جي سمجهائڻ کان پوءِ ڪجهه سامان لکائي واپس وريو ماڻهن هن جو انتظار پئي ڪيو ته سامان ٿو وٺي اچي ته طعام ٿا کائون ته ايتري ۾ هن کي خالي هٿين ايندو ڏسي سڀ اکيون ڦاڙي هن ڏانهن ڏسندا رهيا



هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔