جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Monday, 24 November 2014

جَان جِئَين تَان جَلُ، ڪَانهَي جَاءِ جَلَڻَ رِيءُ
تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪَانهَي وَيلَ وِهَڻَ جِي

سُرُ حُسَيني (سسئي)

جيئَن = جيسين جيئري آهين، جيسين سسيءَ ۾ ساهه ٿي
جَلُ = جلندي رهه، سڙندي پڄرندي رهه
وَيلَ = مهل، گهڙي، وقت

بيت جو پس منظر

~ جيسين جيئري آهين ۽ جيستائين سسيءَ ۾ ساهه اٿئي، تيستائين پرينءَ لاءِ سڙندي پڄرندي رهه.

~ اهو نه ڏس ته ٿڌ آهي يا گرمي هر وقت، هر پل، هر گهڙي اڳتي ڪاهيندي وڌندي هل.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ذريعي سڄي زندگي سوچڻ، لوچڻ، لوڙڻ، اڳتي وڌڻ ۽ جدوجهد ڪندو رهڻ جو ڏس ڏئي ٿو. اُهي فرد يا قومون ڪڏهن به محبوب ۽ منزلون حاصل ناهن ڪري سگهندا جيڪي ٿڪجي ۽ هار مڃي ويهي رهن ٿا.

سنڌي قوم هينئر واڳن جي وات ۾ آهي، گهيري ۾ آهي. هڪ پاسي پنهنجا ويڪائو وڏيرا، پير، مير، جاگيردار،رئيس، ڀوتار ۽ غدار حڪمران سنڌ سان سچا ناهن، ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ رهندڙ جِجو بلاڙا سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ جي سانباهن ۾ آهن.
هوڏانهن وري ڌارين جا ڪٽڪ روز پيا سنڌ ڏانهن ڪاهيندا اچن. ڌاري آبادڪاري ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ان کي ٻنجو ڏيڻ وارا سنڌ دشمن حڪمران مال ميڙڻ ۽ ڪرسي بچائڻ ۾ پورا آهن. سنڌ م مهاجر، بهاري، پنجابي، پٺاڻ، گلگتي، بلتستاني، برمي ۽ ٻيون ڌاريون قومون ڌڙا ڌڙ آباد ٿي رهيا آهن. سنڌي ماڻهون هڙتالن، مظاهرن ۽ پريس بيانن تائين محدود آهن.

اچو ته ڀٽائيءَ جي هن سڏ کي سمجهي هن ذلت کان امن، انصاف ۽ آجپي تائين سک ڇڏي ڏکن جا هيراڪ ٿيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

رَاڻَو ڀَانيَو رَاندِ، وَڃِيَو ڪِئَن وِڙُ رَائِيَين
وَرُ وِڏُوڻَو اِيَهِين، جِئَن پَرُ پُڄِتَوءِ پَاندِ
هَئَي ڀَڳَئي هَيڪَاندِ، سَوڍَو سَارِيندِينءَ گَهڻَو

سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

ڀَانيَو = سمجهئي، تو ايئين سمجهو
وِڙُ = ڪميڻو، بي شرم، جڙتو راڻو
رَائيَين = ريجهائين، ورونهه ڪرين، دل وندرائين
وَرُ = ڪانڌ، ڀتار، مڙس
وِڏُوڻَو = ڏمريو، ڪاوڙيو
پَرُ = ڌاريو، پرائو
پُڄتَوءِ = پلاند ۾
هَيڪَاند = هڪ سان وفاداري، هڪ جو ٿي رهڻ

بيت جو پس منظر

~ او مومل !! تو راڻي جي پيار کي مذاق، مشڪري ۽ ٻاراڻي راند ڪري سمجهيو هو جو پاڻ سان گڏ هڪ غير مرد کي سمهاري پي دل وندرايئي.

~ توسان تنهنجو محبوب تڏهن ڪاوڙيو جو تون ڪنهن پرائي کي پنهنجو ڪيو.

~ هاءِ !! مومل تو راڻي سان ڪيل پنهنجو وچن ۽ واعدو ڀڃي ويٺينءَ هاڻي پئي راڻي کي رويون ياد ڪجان.

سمجهاڻي

راڻي کي جڏهن گهڻيون راتيون پئجي ويون ته مومل اڪيلي سمهي سمهي بيزار ٿي پئي سو سندس وڏي ڀيڻ سومل کي مرداڻا ڪپڙا ۽ پٽڪو پارائي پاڻ سان سمهاريائين. هڪ رات اوچتو جڏهن راڻو آيو ته هي ڏسي حيرت م پئجي ويو ته مومل سان ڪو غير مرد ستل آهي. سو پوئتي موٽي ويو ۽ هميشه جي لاءِ ڪاوڙجي ويو. مومل کي هي مذاق ڳچيءَ پئجي وئي.
ڀٽائي هن بيت م مومل جي ڪيل ٻاراڻي حرڪت ۽ غلط عمل جي نندا ڪندي محبوب سان ڪيل وچن کي ڪا معمولي شئي سمجهي نظر انداز نه ڪرڻ جي هدايت ٿو ڪري.
سو اچو ته پنهنجي پرينءَ ۽ ٻين ماڻهن سان ڪيل واعدي، وچن ۽commitment کي ڪن معمولي ڳالهين تي قربان نه ڪيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

سِرِجِيَسَ تَه سُورَ، سَامَائِيَسِ تَان سُک وِيَا
اِهَي ٻَيئِي پُورَ، نِمَاڻِيءَ نَصِيبُ ٿِيَا

سُرُ حُسَيني (سَسُئي)

سِرجيَسَ = ڄايم، پيدا ٿيس
سَامَاڻي = جوان ٿيس

بيت جو پس منظر

~ سسئي جڏهن پيدا ٿي هئي ته ان وقت ئي سورَ سندس ساٿي بڻيا.جڏهن جوان ٿي ته سُکن کانئس موڪلاڻي ڪئي.

~ باقي رهيل زندگي سورن ۽ دردن سان جهيڙيندي گذاريائين.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ کان گهڻو اڳ ڀٽ فقير، ڀان، مڱڻهار ۽ ٻيا مقامي ڳائڻا سسئي ۽ ٻين عشقيه داستانن کي ڳائي پنهنجو پيٽ گذرانڪندا هئا.ڇا ڀٽائي به رڳو قصي گو شاعر آهي...!!؟ڀٽائيءَ جي دور ارڙهين صديءَ عيسويءَ ۾ اڄ کان سياسي گُهٽَ ۽ ٻُوسَٽَ الائي ڪيترا دفعا وڌيڪ هئي. تنهنڪري ڀٽائيءَ به سنڌ ڌرتيءَ جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جا درد ۽ سور مشهور قصن ۽ ڪهاڻين ذريعي پنهنجي رسالي ۾ علامتي انداز ۾ بيانڪيا آهن.

هن بيت ۾ سسئيءَ جي ڄمڻ کان جواني ۽ پوءِ سڄي زندگي اهنجن، عذابن ۽ اذيتن کي فوڪس ڪري ڀٽائي دراصل هن ڌرتيءَ جي ئي مظلوم، محڪوم ماڻهن مٿان ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جي ڳالهه ڪئي آهي.
سون، ٽامي، گرينائيٽ، يورينم، ڪوئلو، تيل، گيس پنهنجو سمنڊ ۽ درياه هوندي اسان ننڌڻڪا، لاوارث ۽ يتيم ڇو آهيون...!! ؟
اچو ته ڀٽائيءَ جي هن بيت مان درس حاصل ڪيون. ڇا اسان صرف ان لاءِ ڄاوا هئاسين ته پيداواري ذريعن جا مالڪ ڪي ٻيا هوندا...!! ؟
اسان هَٿُ هَٿَ تي رکي خاموش رهنداسين ۽ رڳو خوابن جي دنيا ۾ پيا سير ڪنداسين ڇا...!!؟

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

ڪَجَي جِيئَن ڪَيچِنِ لَئه، تَو تَان ڪِينَ ڪَيَوءِ
وِيجَهائي وِڌَوءِ، وِکَ نَه کَنيَئِي هَيڪَڙِي

سُرُ حُسَيني (سَسُئي)

ڪَيَوءِ = ڪيئي، تو ڪيو

ويجَهائَي = وڌائي، اينگهائي، مُنجهائي

بيت جو پس منظر

~ او سسئي !! جيئن ڪيچن لاءِ ڪشالا، ۽ پنڌ ڪرڻ گهربا هئا تو ان طريقي سان ڪوشش ئي نه ڪئي.

~ رهندو پنڌ کي اينگهائي ۽ مُنجهائي وڌئي پر ڪنهن ڏاهپ، عقل ۽ شعور جو مظاهرو نه ڪيئي.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ سسئيءَ جي ڪيل پنڌن ۽ جدوجهد مان مطمئن نظر نٿو اچي، تڏهن ئي ته کيس ميار ڏيندي چئي ٿو ته جيئن توکي ڪرڻ گهربو هو تيئن تو نه ڪيو.
هن بيت جي پس منظر ۾ جيڪا ڀٽائي سسئيءَ کي تنبيهه ڪئي آهي سو دراصل ڀٽائي اهو ڏوراپو سنڌ جي ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي. اسان سنڌي ماڻهن هيل تائين جيڪا جدوجهد ڪئي آهي سا صحيح رُخَ ۾ آهي..!!؟
سنڌ جڳن کان آزاد وطن جي حيثيت سان سر سبز، خوشحال ۽ آسودي رهي آهي پر اسان جي وڏڙن پنهنجي خسيس ذاتي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ملڪ کي صوبي جي حيثيت ڏياري ڇڏي. اسان آزاد ملڪ جا رهواسي هاڻي صوبي جي نالي ۾ پنهنجي تاريخي حيثيت ۽ سڃاڻپ وڃائي ويٺا آهيون. هاڻي اسان نه رڳو ڌارين جا غلام آهيون پر پنهنجا دلال وڏيرا، پير، مير ۽ غدار حڪمران اسان جي گذر جي وسيلن تي قابض آهن.
سو اچو ته هيل تائين پنهنجي ڪيل غلط فيصلن ۽ ناڪام رٿابندين، حڪمت عملين ۽ جدوجهدن تي نظر ثاني ڪري ڪي نوان گس ۽ رستا تلاشيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

Friday, 21 November 2014

سَاٿِيُنِ سِين نَه جَاڳِيينءِ، پَوءِ ڪُڄَاڙَو رَوءِ
اِيءُ پَرِ ڪُپَرِ هَوءِ، جِيئن هُو سَانگِي تُون سُمِهِين

سُرُ حُسَيني (سَسُئي)

سَاٿيُن = پنهونءَ جا ڀائر ۽ قافلي سان آيل دوست ۽ مٽ مائٽ
ڪُڄَاڙَو = ڇو؟ ڇالاءِ؟ ڇاجي ڪري؟
پَرِ = ڪار، ريت، رويو
ڪُپَر = ڪُريت، ڪُڌو ڪم، اڻ وڻندڙ، خسيس پڻو، هلڪڙائپ، ڪميڻائپ
سَانگي = سفر تي ويندڙ

بيت جو پس منظر

~ او سسئي پنهونءَ کي پاڻ سان گڏ کڻي ويندڙ قافلي وارا جاڳيا، سنڀرن پيا تون ان ويل ڪٿي هئينءَ؟ هاڻي ڇوٿي روئين؟

~ هي ڳالهه ۽ هي ڪم ڪو چڱو ته ڪونه چئبو نه، جو هو سفر جي تياري ڪن ۽ تون سُتيپئي آهين.

سمجهاڻي

هن بيت ۾ ڀٽائيءَ سسئيءَ جي ڪيل غلطيءَ جي نندا ڪئي آهي ۽ کيس تنبيهه ٿو ڪري ته، تون تنهن ويل ڪٿي هئينءَ جڏهن قافلي وارا واپس وڃڻ جي تيارين ۾ لڳا پيا ها. هو وڃن پيا ۽ تون ننڊ پئي هئينءَ، هاڻي روئڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هاڻ ڳوڙها ڳاڙڻ سان ڪو پنهون موٽي ته ڪونه ايندو.

ڀٽائي دراصل سسئيءَ جي ڪيل غلطي ياد ڏياريندي اسان کي سبق ٿو ڏئي ته نڀاڳي ننڊ سسئيءَ کان پنهون ڦرايو. اڄ به سنڌ جا لکين، ڪروڙين ماڻهون غفلت جي ننڊ ۾ آهن. شهر کسجي ويا، سنڌي سمنڊ قبضي ۾ آهي. درياهه تي قبضي جون تياريون هلندڙ آهن، سنڌ جا ٻاويهه معدنيات جا ذخيرا ڌارين جي قبضي ۾ آهن، ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت ختم ٿي رهي آهي. سنڌ کي ورهائڻ جا روز دڙڪا ۽ دهمان پيا ملن.ڪيئي آشا ڪماريون ۽ رنڪل ڪماريون ڪوٽن ۾ قيد ڪيل آهن پر اسان چپ سبي ڇڏيا آهن.

اچو ته ڀٽائيءَ جي هن سڏ کي ورنايون نه ته پوءِ روئڻ ۽ رڙين ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو...!!؟

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

لَيَا ڏِٺَمِ لَارَ، سَانڀَارَا سَاهَڙ جَا
هِنئِيَون هِتِ نَه وِندُرَي، ڌَرَاڙَئُون ڌَارَ
مُنهِنجَو مَنُ مَيهَارَ، پَڳَهِيَو پَاڻَ ڳَرَي

سُرُ سُهُڻي

لَيَا = لَئَي جو وڻ
لَارَ = ليَارَ - هي وڻ ليسوڙيءَ جيان ڦر جهليندو آهي پر ليار ليسوڙن کان گهڻو ننڍا، وڌيڪ مٺا ۽ گهٽ ڳردار ٿين ٿا. سندن رنگ به ڳاڙهسُرو ٿئي ٿو.
سَانڀَارَا = سامهون، اکين آڏو
ڌَرَاڙَنئُون = ڌنارن کان سواءِ
پَڳَهيَو = قابو ڪيو، قيد ڪيو، رسيءَ سان ٻڌي ڇڏيو
ڳَرَي = پاڻ وٽ، پاڻ سان

بيت جو پس منظر

~ سهڻيءَ جي جڏهن لَئَي جي وڻ ۽ ليار تي اک پئي آهي ته کيس ساهڙ ياد اچي ويو آهي.

~ سندس دل ڌنارن کان سواءِ ٻي ڪنهن به شئي سان نٿي لڳي.

~ سهڻي چئي ٿي منهنجي دل ميهار پاڻ سان کڻي ويو آهي، جيئن ڪنهن کي ڪوٽ ۾ قابو ڪبو آهي تيئن ميهار مون کي پنهنجي پيار ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي رومينٽڪ بيت سهڻيءَ جي ميهار سان لازوال محبت ۽ عشق جي عڪاسي ٿو ڪري. محبوب سان محبت جي ڪري سندس گهر، اوڙي پاڙي، شهر، ڳوٺ، ولين ۽ وڻن سان به پيار ٿي ويندو آهي. تڏهن ئي ته جڏهن سهڻيءَ جي اک لئي جي وڻ ۽ ليار تي پئي آهي جيڪي ميهار جي پاسي ڏٺا هُيئين ته کيس ساهڙ ياد پيو آهي.

سهڻي چئي ٿي ته منهنجي دل ڏم، سندس گهر ڀاتين ۽ ٻي ڪنهن به شئي م نٿي لڳي. مون کي ته ڏم جي هر شئي زهر ٿي لڳي.

باقي مَينهُن جي ڌنار ساهڙ سواءِ منهنجو رهڻ ناممڪن آهي ڇو ته منهنجي دل ميهار پاڻ سان کڻي ويو آهي ۽ مون کي پنهنجي پيار ۾ قيد ڪري ڇڏيو اٿئين.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
ڊزائين : سائين سليمان وساڻ صاحب
 
هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

اُڀَي اُڀَارِيَامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَيئِي وَيَا
هِڪُ مَيَو، ٻيَو مَينڌِرَو، رَاتِ سَڄِي سَارِيَامِ
ڳَوڙَهَا ڳَلِ ڳَاڙِيَامِ، سُورجَ شَاخُون ڪَڍِيُون

سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

اُڀَي= بيٺي، اُڀپيرين
اُڀَاريَام = اڀرندي ڏٺام
نَکَٽَ = تارا، ڪتيون، سيارا
نَيئي = لڙي، لهي، گم ٿي
مَيَو = اُٺ - جنهن تي راڻو چڙهي مومل سان ملڻ ايندو هو. ڀٽائيءَ رسالي ۾ اُٺ جا پنجاهه کان وڌيڪ نالا ڏنا اهن جن مان هڪ هي به آهي.
مَينڌرَو = راڻو
سَاريَام = وهايم، هاريم، ڳاڙيم، ٽميم

بيت جو پس منظر

~ مومل ٿي چئي ته :جيئن ئي سانجهي ٿي ته مون رَاڻَي جو انتظار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سڀ ڪتيون ۽ تارا اڀرندي پي ڏٺم. پر هاڻي ته سڀ لڙي پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏانهُنموٽي ويا.

~ هيڏي جبل جيڏي رات ۾ ته رڳو ليئا ۽ جهاتيون پي پاتيون ته ڪٿان ٿو اٺ منهنجي محبوب مينڌري کي کڻي اچي.

~ سڄي رات مون روئندي روئندي ۽ ڳلن تان ڳوڙها ڳاڙيندي گذاري، تان جو صبح ٿي ويو ۽ سجاچي نڪتو.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي رومانس ۽ پيار سان ٽمٽار بيت مومل جي لڇ پڇ، آنڌ مانڌ، اوجاڳي ۽ انتظار ۾ گذاريل رات جي نهايت دلڪش روئيداد ۽ منظرنگاريءَ جي عڪاسي ٿو ڪري.

رات ٿي وئي آهي ۽ هر طرف اوندهه جي ڪاري چادر ڇانئجي وئي آهي. ماڻهون سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار کان پوءِ ٿڪجي، پنهنجي پنهنجي محبوب جي ڀاڪرن ۽ هنجن ۾ ستل آهن. ڪي وري خوابن جي دنيا ۾ وڃائجي ويا هن.

مومل کي ننڊ ناهي راڻو جو اڃان ناهي آيو. آسمان تي تارن جي ٽم ٽم جاري آهي هڪڙا وسن ٿا ته وري ٻيا ٻرن ٿا. هر پاسي سانت ۽ خاموشي آهي پر مومل جي نيڻن کان ننڊ موڪلائي وئي آهي. سڀ تارا ۽ ڪتيون اڀرندي پي نهاريائين. هاڻي ته ڪافي دير ٿي چڪي آهي. رات لڙي وئي آهي ۽ تارا به سڀ مومل کان موڪلائي هليا ويا، اڃان راڻو ناهي آيو.

مينڌري کي جيڪو ميو کڻي ايندو هو ان جو به ڪو ڏس پتو ڪونهي. مومل جي نيڻن مان نيرَ جاري آهن، سندس بيچيني وڌي وئي آهي. لڙڪ لارن سندس چولي، هنڌ ۽ وهاڻن کي ڀڄائي ڇڏيو آهي.اجهو هي باک ڦٽي آهي ۽ سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ کي چمي ڏيڻ لاءِ آتا آهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
ڊزائين : سائين سليمان وساڻ صاحب
 
هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

* اديون عبد اللطيف چئي

* اديون عبد اللطيف چئي
تَوکَي مَعَلُومُ مُنهنجيُون, سَوڍَا سَڀَيئي
آڳَانڍَو اَروَاحَ کَي, آهيَين اُهَوئي
وهڪَ مُون وَيئي, پُڇَايَو پُڇَان پَهي.
سُرُ مُومَلَ رَاڻَو
ڏکين لفظن جي معني'
سَڀَيئي = راز, ڳجهه, ڳالهيون, اندر جا احوال
آڳَانڍَو = اَڌار, لاڳاپو, ڀرجهلو, ٽيڪ, پناه, ڏڍ, اميد, آسرو, آٿت
اَروَاحَ = جمع آهي واحد ٿيندو روح - هنيون, هنيانءُ, دل
وهڪَ = ننڊ, آرام, چين, سڪون, فرحت
پَهي = واٽهڙو, قاصد, پانڌيئڙو, نياپي کڻي اچڻ وارو
بيت جو پس منظر
~ او راڻا !! تون منهنجي اندر جا, دل جا ۽ مَنَ ۾ پلجندڙ سڀ راز ۽ ڳجهيون ڳالهيون ڄاڻين ٿو.
~ تون ئي ته منهنجو ڀرجهلو, ٽيڪ, پناه, ڏڍ, اميد, آسرو ۽ آٿت آهين
~ جڏهن ڪاوڙجي ويو آهين ته سک, سڪون ۽ چين کڻي ويو آهين. نيڻن کان ننڊ موڪلائي وئي آهي. مان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهونءَ کان پئي تنهنجا ڏس پڇان, تون الائي ڪاڏي هليو ويو آهين.
سمجهاڻي
ڀٽائي هن بيت ۾ راڻي جي رسي وڃڻ کان پوءِ مومل جي بي چيني, بيقراري, انتظارن, اوسيئڙن ۽ اوجاڳن کي فوڪس ڪيو آهي.
محبوب ته سر ساه جو مالڪ ٿئي ٿو جنهن جي پل به پري ٿيڻ سان روح رهڙجي ٿو پئي ۽ اندر اڌ ٿو ٿي پئي. جنهن جي جدائي جيءُ جهوري ٿي وجهي. اندر مان اڌما, اولاڪا ۽ طوفان مچن ٿا. جنهن جو پل جو وڇوڙو به ورهين جيان
لڳي ٿو.
محبوب جڏهن ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي ٿو ته ڄڻ ڪائنات رسي ٿي وڃي. هي ٿڌيون هوائون, فطرت جون رنگينيون, خوبصورت نظارا, دلڪشيون ۽ حسناڪيون زهر لڳن ٿيون. پکين جون لاتيون, خوشبووئون, هٻڪارون ۽ مهڪارون اوپريون ۽ اڻ وڻندڙ
ٿيون لڳن.
سو تنهنڪري اسان به پنهنجي دل جي ڌڻي ۽ من جي محبوب کي ڪڏهن ڪاوڙجڻ جو موقعو ئي نه ڏيون نه ته مومل جيان اسان جي به نيڻن جي ٿي
ويندي حرام ننڊ.
پنهنجو خيال رکندا ڪيو
صبح جو سلام
سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ وال تان کنيل
.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

نثري احساس سائل مهراڻ

نثري احساس
سائل مهراڻ
اي اقتڌار جا ڌڻي
تون اي سي کي ڇڏي
ٻاهر ڪجهه گڙيون وهي ته ڏس
تون هيليڪاپٽرن کي ڇڏي
پيرين اگهاڙو تتل واري گهمي ته ڏس
تون روز ملن واٽر پئين ٿو
پر ڪاڇي، ٿر جي کاري پاڻي
جو هڪ گلاس پي ته ڏس
تون روز عرق گلاب ۾ وهنجين ٿو
هڪ رو سٺ پرهه اونهن کوهه
مان پاڻي ڪڍي ته ڏس
تون روز نوان جوڙا پهرين ٿو
پر اڌ ڪلاڪ لاءِ چتيون لڳل ڪپڙا پهري ته ڏس
تون روز عنطر عنبير لڳائين ٿو
پر هڪ ڏينهن ميرا ڪپڙا پهري ته ڏس
تون سياري ۾ گرم جڙسيون پائين ٿو
پر هڪ رات بنا سوڙ جي گذاري ته ڏس
تون روز ڳائيڻن جون محفلون ٻڌين ٿو
پر هڪ رات ڪاڇي، ٿر، ڪوهستان
جي سگهڙن جون ڪچهريون ٻڌي ته ڏس
تون ڪرڪٽ، هاڪي، فٽبال جو تماسائي بڻجي ٿو
پر ڪاڇي جي ملهه ، ڪوڏي ڪوڏي
ونجهوٽي جو تماسائي بڻجي ته ڏس
اي اقتڌار جا ڌڻي
ڪجهه اکيون کول
هن پٺ ته پيل علائقن جو دورو ڪري ته ڏس

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

غزل سائل مهراڻ

غزل
سائل مهراڻ

اک رات رني ، سک سان ڪونه سمهي،
مٿان صبح ٿيو، رات ويندي رهي

روح ويو لُڏي، هتان ويو به لڏي،،
رنڃ واڪا ڪيا، سنڃ روئندي رهي

ساهه ويو، پر نه راڙو گهٽيو،
هو ويندو رهيو، هو ڏسندي رهي

ڪاش! اچي هيل ها هيل هتي،
سونهن سدائين ڏسندي رهي

ڀري مٽ منڌ آ رکي،
وهه ڀري مڌ ڪڙهندي رهي

ڀري ڪٽورا سامهون رکيا
متارا پئندا رهيا موکي ڏيندي رهي

پياريائين اهڙي ادا سان جو
متارا مرندا رهيا، موکي ڏسندي رهي

”سائل“ سارو سڏڪا سڏڪا
”سائل“ روئندو رهيو، شمح سڙندي رهي
 
هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

لکيڪ جي ڪهاڻِي

سائل مهراڻ
نثري احساس

ڪو به لکيڪ هن کان وڌيڪ
ڪجهه ڪونه ٿو ڪري سگهي
ته هو غريبن جي ڏکن کي
پنهنجي لکڻين ۾ لکي
ڪو پنا ڪارا ڪري
ڇو ته لکيڪ حساس دل
جو مالڪ هوندو آه
پر هو پاڻ به پنهنجي دردن کي
لڪائي
صرف غريبن جي
هڏڏوکي بڻجندو آه
ان کان وڌيڪ لکيڪ
ڪجهه ڪونه ڪري سگهندو آه
لکيڪ غريبن جا درد
پنهنجا سمجهي لکندو آه
پر انهن دردن کي گهٽائي نه سگهندوآه
ڇو ته لکيڪ جا درد
لکڻيون ظاهر ڪنديون آهن
۽ غريبن جا درد لکيڪ ظاهر ڪندو آه
پر غريب جا درد جهڏهن گهٽبا
تڏهن لکيڪ جا درد گهٽبا
پر غريبن جا درد قيامت تائين نه گهٽبا
۽ لکيڪ درد لکندا رهندا
ڇو ته لکيڪ پاڻ غريب هوندا آهن
ڪو عشق جو غريب
ڪو عزت جو غريب
ڪو پئسي جو غريب
ان ڪري لکيڪ غريبن کي
پنهنجو سمجهندو آهي
۽ غريبن جي دردن کي لکندو آه
انهن جون لکڻيون وري امير پڙهندا آهن
۽ انهن لکڻين تي داد ڏيندا آهن
ان تي لکيڪ خوش ٿيندو آه
پري وري غريبن جا درد گهيري ويندا آهن
۽ لکيڪ وري مايوس ۽ اداس ٿيندو آه
وري غريبن جا درد لکندوآه
اهڙي طرح ادب ۾
هن کي اديب جو لقب ڏبو آهي
پر انهي لقب تي نه لکيڪ جو پيٽ ڀريو
۽ نه غريب جو پيٽ ڀريو
اڄ به غريب، غريب آهي
۽ لکيڪ درد لکندوآهي
بس لکيڪ جي اها ئي ڪهاڻي آه
بس لکيڪ جي اها ئي ڪهاڻي آه

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

نثري احساس سائل مهراڻ

نثري احساس
سائل مهراڻ

صبح سويل
ڪاٿي ويس پئي
اڃان سج ڪانه اڀريو هو
هر طرف سناٽا طاري هئي!!!!
پکين مٺڙيون ٻوليون پئي ڪيون
اوچتو ڪنهن،
ٻار جي روئڻ جو آواز آيو!!!!!!
اوئان،!!! اوئان،!!!! اوئان.!!!!!
مان آواز ڏانهن وڌيس
هڪ گندي ڍير تي
راتوڪو نئون ڄاول ٻار
روئي رهيو هو
جيڪو ڪنهن غيريت جي نالي
اها ڀوڳنا ڀوڳي رهيو هو.!!!!

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

نثري احساس سائل مهراڻ

نثري احساس
سائل مهراڻ

هيلو !!!!! فون جي رسيور تان
ڪنهن پريان درديلي آواز ۾ ڳالهايو!!!
جي، جي ... منهنجو جواب
هن جي ڪنن سان ٽڪرايو
اوهان ٻڌو؟!! آواز آيو
مان ڇرڪ ڀري پڇيو!!!!
ڇا؟ ڇا ٿيو؟
پريان ڪنهن روئڻهارڪي آواز ۾ چيو........
سڀاڻي هو ويندا هليا.........!!
ڪير؟ مون پڇيو
جواب آيو اهي سترام وارا....
هليا ويندا هندوستان!!!!
جيڪو پوري پاڙي جي ڏکن جو سهارو هئا....
ان سان گڏ
سامهون روئڻ جو آواز چٽو ٻڌڻ ۾ پئي آيو
جنهن ڪري مان به روئڻ لڳيس
 
هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

غزل سائل مهراڻ ڇگل چيپل سان هي يار ڄڻ ڪن پيا ڪنهن جو انتظار قلم ڪتاب جن کي سونهن جيڪي مسقبل جا آهن معمار بک، بدحالي ۾ گذارين پيا ڇورا ڇانا ٿي هي يار ڪاش! هي به پڙه

غزل
سائل مهراڻ

ڇگل چيپل سان هي يار
ڄڻ ڪن پيا ڪنهن جو انتظار

قلم ڪتاب جن کي سونهن
جيڪي مسقبل جا آهن معمار

بک، بدحالي ۾ گذارين پيا
ڇورا ڇانا ٿي هي يار

ڪاش! هي به پڙهن هتي
جتي پڙهن ٿا وڏيرن جا ٻار

آئيندي جا ٿا ابا سڏجن
اهي هر هنڌ کائين پيا مار

ٻڪريون وارين هي روز
تڏهن به ملي ٿي روز ڳار

واڪا ڪرڻ مون وس
”سائل“ شل! ٻڌي هي سرڪار

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

ٿر جي خوبصورت شاعر ڀارو مل امراڻي کي ڀيٽا

سائل مهراڻ

ٿر جي خوبصورت شاعر ڀارو مل امراڻي کي ڀيٽا

احساس تنهنجي دل جا
جڏهن لفظن ۾ ٿو پوئين
اهي ڄڻ انهن ماروئڙن جا
درد ٿو پوئين
پنهنجن احساسن سان
صحرا ٿر کي
جيڪا سونهن ٿو ارپين
اها سونهن وسڪاري ۾
ڪنهن ڪونڀٽ جيان
سهڻي ٿي لڳي
تنهنجي شاعري
پڙهڻ سان وري
ڪونڀٽ جي ڇانو
ڪنهن ڌنار کي
پنهنجي ٿڪ لاهڻ لاءِ
فرحت بخشي ٿي
مون کي به ائين
تنهنجي شاعري
فرحت بخشي ٿي

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

نثري نظم سائل مهراڻ

مان هڪ ان گل وانگر آهيان
جنهن کي ڇنڻ لاءِ هٿ اڳتي وڌيو
پر ڪنڊن جي ڀوءِ کان
اهو اتي رڪجي ويو
نه اڳتي وڌي سگهيو
نه پوئتي هٽي سگهيو
۽
ان هٿ واري جي ڇنڻ واري تمنا رهجي وئي
۽
منهنجي ڇڃڻ واري تمنا رهجي وئي

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

غزل سائل مهراڻ

غزل
سائل مهراڻ
10-10-2014

هو جا وڃي پئي ڇوڪري ڏاڍي بکايل ٿي لڳي
آ چهرو لٿل ڏاڍي اڃايل ٿي لڳي

آ بدن ته لٽو سو به ليڙون ليڙون
نه اٿس پير ۾ چپل ڏاڍي ستايل ٿي لڳي

هلندي هلندي جڏهن شيءِ کي ٿي ڏسي
جڻ هو هُن شيءِ لاءِ سالن کان سڪايل ٿي لڳي

آ عجب اها ته اوچتا ڇرڪ ٿا نڪرن
ڪنهن ڏاڍي جي ڊجاريل ٿي لڳي

اکيون آليون آهن هن جون
جڻ پنهنجن کان وڇڙيل ٿي لڳي

ڏسي حال ان جا منهنجا لڱ ٿا ڪانڊارجن
“سائل” جڻ هو ڪنهن ڏاڍي جي ڌڪاريل ٿي لڳي

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

غزل سائل مهران

غزل
سائل مهران

اڄ جي انسان کان وفادار حيوان
ڪري تڪبر طاقت تي ٿي پيو آ سيطان

روز مري پيو هڪ ٻئي جي هٿان
هرڪو سمجهي ٿو پاڻ کي سلطان

خوف خدائي کان به ڪونه ٿو ڊڄي
ڄڻ سُجهن نه ٿا قيامت جا نشان

ويو وقت پراڻو مٽجي اڄ آ
نه فرقو، نه هو هندو نه مسلمان

روز ٿو مندر ڊهي روز مسجد
هي ڪهڙي مذهب ڏنو آ فرمان؟

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

غزل سائل مهراڻ

غزل
سائل مهراڻ

اوهان جو پڇن ٿيون روز هوائون
ڪيڏو لڇن ٿيون روز هوائون
اوهان جو ائين وڃڻ مناسب نه هو
ائين ڪڇن ٿيون روز هوائون
جڏهن هلن ٿيون پدمڻيون
زلفن کي ڇهن ٿيون روز هوائون
ڪيڏانهن ويون مور ن جون مستيون
ڊيلن کان پڇن ٿيون روز هوائون
هيل ته هلي آ واپس ”سائل“
هاڻ ته رسن ٿيون روز هوائون

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

غزل سائل مهراڻ من جي مندر ۾ تنهنجي مورتي

غزل
سائل مهراڻ

من جي مندر ۾ تنهنجي مورتي
دل جي دفتر ۾ تنهنجي مورتي

کڻي ڪتاب کولياسين ورق
بس! آئي نظرهر اکر ۾ تنهنجي مورتي

مِئيءِ خاني ۾ وياسين تونکي وسارڻ
ڀريوسين جام، ته آئي نظر تنهنجي مورتي

پيتو هو غم ڀلائڻ لا ايترو
کڻي آئي غم ويتر تنهنجي مورتي

ڪري اکيون بند سمهڻ ٿي چاهيو
خوابن ۾ آئي اڪثر تنهنجي مورتي

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

نثري نظم سائل مهراڻ

نثري نظم
سائل مهراڻ

نه ٿوهر ڦلن سان سينگاريا آهن
نه ڦوگ ۾ ڦوگيسي ٿي
نه لوهيڙن ڦل جهليا
نه سڻين جي سونهن وري
ٻوهه ٻوهه سڪي ويو آه
کپن ۾ اهو رس نه رهيو
نه اڪن ڳابيا جهليا
نه سائي زمين ٿي
نه ٻولاهين ۾ گهنڊي وڳي
نه اٺڙين جا وڳ وريا
نه ڪا ڀتوارڻ کيٽ وئي
نه ڪو اڃا ڀتوار واپس وريو
ڪنهن گهر کي اڄ وري تالو لڳو
ڪو پريوار اڄ وري بئراج ويو
ڪو ٿي پاڙو چنڊ لڳو
اهو ئي اڄ ٿي سنڃ لڳو
هان هن ڏڪار ۾
اهو ئي روڳ لڳو
اهوئي روڳ لڳو

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

غزل سائل مهراڻ

جدائي تنهنجي ۾ مغموم هان ڪجهه غم گهٽائي وڃ
قصر مان نڪري وڃان مان وڃان مرقد منهن ڏيکاري وڃ

مان تنهنجي چاهتن لاءِ انئين پيو سڪان
جئين چڪور چنڊ لاءِ گس تي لائي وڃ

تنهنجي جدائي مٺي وهه جيان ٿي لڳي
فراق جي ڦٽن تي ڪا حڪمت هلائي وڃ

نير نيڻن جا بند ائين آهن ڀڳا
جئين مهاٻوڏ، مان متاثر ٿيس دلاسا ڏئي وڃ

زندگي هاڻ ٽوهه جيان ڪڙي ٿي لڳي
وري ڪا اچي وهه ڏئي وڃ، ڪا امرت ڏئي وڃ

اڃان آسون رکيو ويٺو آهيان تون منجهه
هاڻ تون جلدي اچي، سڏ ورنائي وڃ

مان ”سائل“ آن تنهنجي پيار جو پرين
يا ٿي سخي، يا سوم سوالي کي موٽائي وڃ

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

* اديون عبد اللطيف چئي

* اديون عبد اللطيف چئي

سرجيَسَ تَه سُورَ, سَامَائيَس تَان سُک ويَا
اهَي ٻَيئي پُورَ, نمَاڻيءَ نَصيبُ ٿيَا.

سُرُ حُسَيني - سَسُئي

ڏکين لفظن جي معني'

سرجيَسَ = ڄايم, پيدا ٿيس
سَامَاڻي = جوان ٿيس

بيت جو پس منظر

~ سسئي جڏهن پيدا ٿي هئي ته ان وقت ئي سورَ سندس ساٿي بڻيا.
جڏهن جوان ٿي ته سکن کانئس موڪلاڻي ڪئي.

~ باقي رهيل زندگي سورن ۽ دردن سان جهيڙيندي گذاريائين.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ کان گهڻو اڳ ڀٽ فقير, ڀان, مڱڻهار ۽ ٻيا مقامي ڳائڻا سسئي ۽ ٻين عشقيه داستانن کي ڳائي پنهنجو پيٽ گذران
ڪندا هئا.
ڇا ڀٽائي به رڳو قصي گو شاعر آهي...!!؟
ڀٽائيءَ جي دور ارڙهين صديءَ عيسويءَ ۾ اڄ کان سياسي گُهٽَ ۽ ٻُوسَٽَ الائي ڪيترا دفعا وڌيڪ هئي. تنهنڪري ڀٽائيءَ به سنڌ ڌرتيءَ جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جا درد ۽ سور مشهور قصن ۽ ڪهاڻين ذريعي پنهنجي رسالي ۾ علامتي انداز ۾ بيان
ڪيا آهن.

هن بيت ۾ سسئيءَ جي ڄمڻ کان جواني ۽ پوءِ سڄي زندگي اهنجن, عذابن ۽ اذيتن کي فوڪس ڪري ڀٽائي دراصل هن ڌرتيءَ جي ئي مظلوم, محڪوم ماڻهن مٿان ظلم, جبر ۽ ڏاڍ جي ڳالهه ڪئي آهي.

سون, ٽامي, گرينائيٽ, يورينم, ڪوئلو, تيل, گيس پنهنجي سمنڊ ۽ درياه هوندي اسان ننڌڻڪا, لاوارث ۽ يتيم ڇو آهيون...!!؟

اچو ته ڀٽائيءَ جي هن بيت مان درس حاصل ڪيون. ڇا اسان صرف ان لاءِ ڄاوا هئاسين ته پيداواري ذريعن جا مالڪ ڪي ٻيا
هوندا...!!؟
اسان هَٿُ هَٿَ تي رکي خاموش رهنداسين ۽ رڳو خوابن جي دنيا ۾ پيا سير ڪنداسين ڇا...!!؟

پنهنجو خيال رکندا ڪيو
صبح جو سلام
سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ وال تان کنيل
.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

Wednesday, 19 November 2014

اديون عبدالطيف چئي

* اديون عبد اللطيف چئي
جَيڪَا ڪَندي مَنجُهه, مُون جيئَن ٻَارَوچَن سين
مَٿَان ڳَلَن هَنجُ, سَا ڪينَ لَاهيندي ڪَڏهين.
سُرُ حُسَيني - سَسُئي
ڏکين لفظن جي معني'
مَنجُهه = راز, ڳجهه, اندر جو احوال
هَنجُ = لُڙڪُ, ڳوڙهو - هنج لفظ هنجون مان ورتو ويو آهي جنهن جي معني' لڙڪن لارون آهي.
بيت جو پس منظر
~ جيڪا مون جيئن پنهنجي اندر جا راز ۽ ڳجهيون ڳالهيون ٻين سان سليندي.
~ سندس ڳلن تان لڙڪن لارون سُڪَنديون ئي ڪونه.
سمجهاڻي
هر انسان وٽ سوچ ۽ شعور آهي, اهيا سوچ ئي دراصل اندر جي لوچ, پيڙا, ڀوڳنا ۽ اذيت آهي. جانور سوچي نٿو, انسان سوچي ٿو ۽ اهيا سوچ ۽ ولوڙ انسان کي باقي مخلوقات کان مختلف, منفرد ۽ اوچو مقام عطا ڪري ٿي.
ان سوچ, احساسن, نازڪ, نفيس ۽ ڪومل جذبن کي ڀلا جنهن تنهن سان ته اظهاري نٿو سگهجي نه. اندر جا ڳجها راز, ڪي لڪيل ڳالهيون, ڪا cometment ڀلا سڀني سان ڪيئن سلي
سگهجي ٿي؟
هن بيت ۾ ڀٽائي سسئيءَ جَي اندر جَي رازن ۽ ڳجهين ڳالهين کي ٻين تائين پهچائڻ پوءِ پڇتائڻ ۽ ويهي روئڻ وارين ڳالهين تان پردو کنيو آهي. سسئي هندو هئي ۽ ٻانڀڻياڻي هئي, سا ڳالهه جڏهن پنهونءَ جي مائٽن تائين پهتي ته هنن سسئيءَ کي قبول
نه ڪيو.
سو ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو ته پنهنجي اندر جا راز ۽ ڳجهيون ڳالهيون ڪڏهن عام سان نه سليو نه ته اوهان کي به سسئيءَ جيان سڄي زندگي پڇتائڻو ۽ روئڻو نه پئجي وڃي.
پنهنجو خيال رکندا ڪيو
صبح جو سلام

سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ وال تان کنيل.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

1 comments:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

Tuesday, 18 November 2014

سائل مهراڻ جي شاعري

غزل

سائل مهراڻ

جيون جي هڪڙي چڪر ۾ ڪئي جوڻ ڪاٽيا اٿم

جدائي تنهنجي جي فڪر ۾ ڪئي جوڻ ڪاٽيا اٿم

هنيا ٻاڻ تون پاڻ ڌنس مان نيڻن جا

ڦٿڪندي تنهنجي ڀر ۾ ڪئي جوڻ ڪاٽيا اٿم

جيون ڪڏهن ٿيندو سفل مان نه ڄاڻان

سفل ٿئيڻ جي سفر ۾ ڪئي جوڻ ڪاٽيا اٿم

هيل هلي آ ته دل جي دوارن کي پوريان

هن پنهنجي حشر ۾ ڪئي جوڻ ڪاٽيا اٿم

اڄ انهن غريبن جي چلهه ناهي ٻري

انهن هئي ڏڪر ۾ ڪئي جوڻ ڪاٽيا اٿم

اڃان به راه ٿا تڪن نيڻ تنهنجا سائل

سڏ ڪندي اندر ۾ ڪئي جوڻ ڪاٽيا اٿم

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:

جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

سائل مهراڻ جي شاعري

نثري نظم
سائل مهراڻ

اي سندري
جيون جي هن سفر ۾
تنهنجي لاءِ ڇا ڇا نه سوچيو هو
پر تون
مونکان ائين
پري هلي وئين
ڄڻ ازل کان
تنهنجو وجود ئي نه هو