جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Sunday, 17 April 2016

مند ۾ موت مقدر بڻيو


مند ۾ موت مقدر بڻيو
مختصر ڪهاڻي 
سائل مهراڻ

اتر کان ڪارا ڪڪر قطارون ڪري اڄ ٿر جي اڃايل ڌرتي تي وسڻ لاءِ نڪتا هئا، ڏينهن جي گرمي ويچارن ماروئڙن جون اکيون آسمان آڻي ڇڏيون هيون، اڄ ڪاڪو سڄڻ ٻين وانڱر اکيون آسمان ۾ وجهي نهاري رهيو هو، شام جا ڪارا ڪڪر ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي هئي، هو نوي سالن جو پوڙهو هئڻ جي باوجود ڄڻ ٻار بڻجي ويو هو، ٽن سالن جي طويل ڏڪار کان پوءِ اڄ وري وسڪاري جي اميد ڪر کنيو هو، جئين شام جا ورندڙ پاڇا ڊگها ٿيندا ٿي ويا ائين آسمان تي کنوڻن جا تجلا روشن ٿيندا ٿي ويا رات جي ماني کائڻ کان پوءِ هلڪي هلڪي بونداباري شروع ٿي وئي ۽ آهستي آهستي زوردار برسات جو روپ وٺي وئي،گاج جي ٺڪائن تي مورن جا ٽهڪا ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جو شور عجيب ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو، برسات رڪڻ کان پوءِ ڪاڪي سڄڻ ديوان کي سڏ ڪيو 
”او ديوان“...
”جي بابا“ ديوان ٻاهر ٿڌڙي هواءُ جا جهونڪا بدن کي ڏيندي سڏ ڏنو
”ديوان سڀاڻي تون مجيري ڏانهن وڃجان ته جيئن ٻني پوکڻ لاءِ ٻج ۽ وهٽ ڏئي ته پاڻ ٻني پوکيون“
”جي بابا مان سڀاڻي ته ائين ويندس اوهان جي چوڻ کان سواءِ ويو پئي اوهين فڪر نه ڪيو “ ديوان جواب ڏنو
ائين هن جي رات جاڳندي گذري ۽ عصر جو هو سڌو مجيري ڏي روانو ٿيو، هتي پڄندي هن کي سوجهرو ٿي ويو هو ٻيا هاري به مجيري وٽ پهچي چڪا هئا، هن ويندي سلام ڪيو 
اسلام عليڪم وڏيرا
وعليڪم سلام ديوان يار ڪٿي هئين جو ايترو سويل پهچي وئين
سائين هئس ته گهر پر رات و برسات پئي هئي ان ڪري رات ننڍ به ڪونه ڪئي ائين عصر جو اوهان ڏانهن هليو آيس
ڀلي آئين يار ٻيو ٻڌا توکي ڇا کپي؟
بس سائين هڪ وهٽ ڏيو ۽ ٻج ڏيو ته وڃي ٻني پوکيون؟ ديوان جواب ڏنو
ها اها ته مونکي خبر آهي پر ڏسين ڪونه پيو پاڻ وٽ جيڪو وڏو اٺ هو اهو وڪڻي ڇڏيو باقي ڪوانٽ آهن اهي هر ڇڪڻ جي لائق نه آهن هاڻي ائين ڪر تون هتان ٻني هليو وڃ وڻ وغيره بچيل آهن اهي وڍ ته سڀاڻي ٽريڪٽر اچي ته ٽريڪٽر سان سڀني جي کيڙي ڪبي ائين چئي وڏيري سڀني هارين کي روانو ڪيو
ديوان جيڪو پنج روپين جي ٻني (هي ڍل جي حساب ڪتاب موجب آهي ) اڪيلو ڪمائيندو هو، هتان سڌو ٻني ويو ٻني وڏي هئڻ جي ڪري اڃان هن ۾ وڻ گهڻا رهجي ويا هئا، صبح کان شام تائين وڻ وڍڻ کان پوءِ به گهڻا وڻ رهجي ويا هئا، ٻئي ڏينهن مجيري هن ڏي نياپو ڪيو ته سڀاڻي ٻني نه وڃجان هتي اچجان
ٻئي ڏينهن هي سڌو وڏيري وٽ ويو جتي وڏيري حڪم ڏنو ته هاڻ تون ٽريڪٽر سان گڏ ٻين هارين جي ٻنين ۾ ٻج ڇٽ ته پوءِ تنهنجي ٻني ڏي ٽريڪٽر ڪاهي هلون
اهو سڄو ڏينهن ٻين هارين جي ٻنين ۾ ٻج ڇٽيندو رهيو ۽ رات جو هتي ئي رهي پيو صبح جو هن جي ٻني ڏي ٽريڪٽر ڪاهي ويا جڏهن هن جي ٻني ۾ پهتا ته هن جي ٻني ۾ ڪجهه وڻ رهيل ڏسي وڏيرو تپي باهه ٿي ويو ۽ هن جي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيڻ لڳو جنهن تي هن مداخلت ڪندي چيو تون مونکي ڀلين گاريون ڏي پر منهنجي ڀيڻ ۽ ماءُ تنهنجو ڇا ڪيو آهي جو تون هنن کي گاريون ٿو ڏئين
وڏيري هن جو اهو جواب ٻڌي ويتر ڳاڙهو ٿي ويو هن تي تشدد ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ هن کي ماڪوڙن واري ڪنڊي ۾ ٻڌي هن تي پنهنجي نيٽ سان تشدد ڪرڻ لڳو، وڏيري جو تشدد نه سهندي هي ڦٿڪڻ لڳو
ايتري ۾ هن جي زال ۽ ننڍڙو پٽ ماني کڻي ٻني تي آيا هن کي ائين وڻ ۾ ٻڌل ڏسي ۽ هن جي بدن تي تشدد جا ڳاڙها نشان ڏسي رڙيون ڪرڻ لڳا ته وڏيري ٻين هارين کي حڪم ڏنو ته ٻنهي کي ٻڌي ڇڏيو ۽ پوءِ وڏيرو هنن تي تشدد ڪرڻ لڳو 
ديوان اهو ڏسي پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ وڏيري کي للڪاري چوڻ لڳو ته گيدي تون عورت ذات تي ڇو ٿو هٿ کڻي مونکي مار ته خبر پوي
ديوان جي للڪار ٻڌي وڏيري جو رت ٽهڪي اٿيو ۽ سڌو وڃي هن تي ڪڙڪيو ۽ هن کي زوردار ڌڪ هڻڻ لڳو ۽ هڪ ڌڪ هن جي مٿي تي لڳو هو رڙ ڪري چوڻ لڳو مان پنهنجو بدلو وٺندس مان موٽي ايندس



هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔