جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Sunday, 17 April 2016

عبدالله آس هنڱورجو


سنڌ راڻي رسالي ۾ ڇپيل عبدالله آس لاءِ ليک 
بهار جي موسم ۾ جڏهن روهيڙا ڳاڙها گل جهلندا آهن تڏهن ٿر ڌرتي تي رهندڙ ماروئڙا ڪيڏو نه خوش ٿين ٿا، پر ڪڏهن اهڙين بهار جي موسمن ۾ ڪو نئون گل ٽڙي پوندو آهي ته ڪيڏي نه خوشي ٿيندي آهي، ائين ٿر ڌرتي تي بهار جي موسم ۾ فيبروري جي مهيني ۾ هڪ سهڻو انسان ۽ خوبصورت شاعر عبدالله آس جي نالي پيدا ٿيو،اهو انسان جيڪو آس جي نالي الائي ڪيتريون ئي آسون اندر ۾ سمائي ويٺو آهي، پر اهي صرف آسون ئي رهيون تڏهن ان ڪورن ڪاغذن ۾ پنهنجي پنها ڳولي ۽ پنهنجون آسون ۽ درد پنن تي اتارڻ لڳو
ڳوٺ آ تنهنجو سون سريکو ھر هر برسي ماڪ پرين
دنيا جيڪي چاهي سوچي پنهنجي محبت پاڪ پرين

آس جي آس آهي ته دنيا جيڪا محبت کي ميري نظر سان ڏسي ٿي اها نه ڏسي بلڪ هڪ پاڪ محبت طور سمجهي ۽ ڏسي، پر اڄ جي دنيا ڪٿي ٿي محبت کي پاڪ سمجهي؟ شايد هو محبت کي پاڪ نظرن سان ڏسي، ان واڱي آس جي اندر ۾ تمام گهڻي اتساهه به آهي ته هڪ ڏينهن دنيا محبت کي پاڪ سمجهندي. آس جي شاعري ۾ آس به آهي ته تڙپ به سو هڪ هنڌ چوي ٿو ته
يو چنڊ مرڪي اُداسي وڌيرڳو نينهن ٻاري ٿڪا نيڻ آھن
وري اڄ اکين ۾ نما شام آرهياسين ڪناري ٿڪا نيڻ آھن

هي خوبصورت شاعر جڏهن خوبصورت نظارا ڏسي ٿو ته هڪ خوبصورت نظم سرجي ٿو ته
سنڌو سان جي سنگ اچي ٿي لهرن سان پوءَ لسندي بارش.
نگراڻي جا منظر پسندي منهنجو من اندر پي مرڪيو.

اهڙي طرح جڏهن اندر جي مندر ۾ ڪنهن تڙپ جا گهنڊ وڄڻ شروع ٿين ٿا ته هو پوڄارڻ سان ڀيٽي هي لفظ پنن تي اتاري ٿو
پوڄارڻ پي گهنڊ وڄايا گوڙي جو مندر پي مرڪيو
تون ڇا ڄاڻين ساڻ گهڙي سان ڪهڙا ڪهڙا تاري آئي.
ساوڻ جهڙي مرڪ چپن تي سڏ ڪري هو واري آئي

۽ ڪڏهن قلندر وانڱي هن جو من نچڻ ٿو لڳي ته مجبور ٿي ٿو پوي لوڪ ته منهن موڪ آهي جيڪا به چوي پر اندر جو آواز هن کي ماٺ ڪري ويهڻ نٿو ڏي ته هڪ ٻه سٽون لکي ٿو وٺي
دل تڏھن هي قلندر ٿي جهومي هئي تو پري کان ڪيو هٿ جو هورو هيو
ڌونجي درد کڻان ٿو تنهنجا پوءَ ڇني ٿو پيار اسان کان.

ان سان گڏ پرين جون سرارتون به بيان ٿو ڪري ته
غم ڌندوڙي ڇاڻي ڇڏ مرڪ چپن تي آڻي ڇڏ مند ملڻ جي آئي
آ تون ڀي رساما هاڻي ڇڏ مرڪن جائي مينهن وسائي رتبا اعلي ماڻي ڇڏ.

پر پرين هن جيئن پو تيئن غم ڏنا ته هڪ آهه اندر مان نڪري پئي
روح کي ريگستان ڪري ويون هجر جون شوخ هوائون جانان.
وقت ڇڏيو آ ويڙھي ڏُک ۾ توڀي اچي ڪجه واڻ حياتي.
توبن آھي آس اسان جي کاري لوڻ جي کاڻ حياتي.
يا
سموري باغ کي ڀيلي اُڏامي ڏُور ويا پنڇي،
اچي ڏس نيڻ مالهي جا اُڃارا سوڳواري ۾.
لڳي ٿو ته مان گهڻو لکي ويٺو آهيان ان ڪري آس جي هنن سٽن سان موڪلايان ٿو ته
نڪا نوري نڪو آيو تماچي ڄام ڪينجهر تي،
ڪنڌي تي ڪير ڪُوماڻا؟ ڪنارا سوڳواري ۾
ڇڏيو تو راڄ پاڙو ڇو، اسان سمجهيو اڃا ناهي؟
مري ويا ڳوٺ جا ڳڀرو وچارا سوڳواري ۾


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔