جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Friday, 21 November 2014

* اديون عبد اللطيف چئي

* اديون عبد اللطيف چئي

سرجيَسَ تَه سُورَ, سَامَائيَس تَان سُک ويَا
اهَي ٻَيئي پُورَ, نمَاڻيءَ نَصيبُ ٿيَا.

سُرُ حُسَيني - سَسُئي

ڏکين لفظن جي معني'

سرجيَسَ = ڄايم, پيدا ٿيس
سَامَاڻي = جوان ٿيس

بيت جو پس منظر

~ سسئي جڏهن پيدا ٿي هئي ته ان وقت ئي سورَ سندس ساٿي بڻيا.
جڏهن جوان ٿي ته سکن کانئس موڪلاڻي ڪئي.

~ باقي رهيل زندگي سورن ۽ دردن سان جهيڙيندي گذاريائين.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ کان گهڻو اڳ ڀٽ فقير, ڀان, مڱڻهار ۽ ٻيا مقامي ڳائڻا سسئي ۽ ٻين عشقيه داستانن کي ڳائي پنهنجو پيٽ گذران
ڪندا هئا.
ڇا ڀٽائي به رڳو قصي گو شاعر آهي...!!؟
ڀٽائيءَ جي دور ارڙهين صديءَ عيسويءَ ۾ اڄ کان سياسي گُهٽَ ۽ ٻُوسَٽَ الائي ڪيترا دفعا وڌيڪ هئي. تنهنڪري ڀٽائيءَ به سنڌ ڌرتيءَ جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جا درد ۽ سور مشهور قصن ۽ ڪهاڻين ذريعي پنهنجي رسالي ۾ علامتي انداز ۾ بيان
ڪيا آهن.

هن بيت ۾ سسئيءَ جي ڄمڻ کان جواني ۽ پوءِ سڄي زندگي اهنجن, عذابن ۽ اذيتن کي فوڪس ڪري ڀٽائي دراصل هن ڌرتيءَ جي ئي مظلوم, محڪوم ماڻهن مٿان ظلم, جبر ۽ ڏاڍ جي ڳالهه ڪئي آهي.

سون, ٽامي, گرينائيٽ, يورينم, ڪوئلو, تيل, گيس پنهنجي سمنڊ ۽ درياه هوندي اسان ننڌڻڪا, لاوارث ۽ يتيم ڇو آهيون...!!؟

اچو ته ڀٽائيءَ جي هن بيت مان درس حاصل ڪيون. ڇا اسان صرف ان لاءِ ڄاوا هئاسين ته پيداواري ذريعن جا مالڪ ڪي ٻيا
هوندا...!!؟
اسان هَٿُ هَٿَ تي رکي خاموش رهنداسين ۽ رڳو خوابن جي دنيا ۾ پيا سير ڪنداسين ڇا...!!؟

پنهنجو خيال رکندا ڪيو
صبح جو سلام
سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ وال تان کنيل
.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔