جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Sunday, 17 April 2016

روح رڙيون ٿو ڪري ، اهڙا هاڃا ڏسي ڏيهه ۾


روح رڙيون ٿو ڪري ، اهڙا هاڃا ڏسي ڏيهه ۾
ڪهاڻي
سائل مهراڻ

لهندڙ سج جا ڊگها ٿيندڙ پاڇا آهستي آهستي سانجهي جي انڌيري ۾ غائب ٿيندا ٿي ويا، اڪبر ريگستان جي اڏرندڙ واري تي تکيون تکيون ٻرانگهون ڀري ڌوڪيندو پئي ويو،هن کي خبر هئي ته اڃان ٽي لڪ پار ڪرڻا پوندا، ته اڳيان وڏيري سيد پريل شاهه جو ڳوٺ اچي ويندو جيڪو هنن جي مرشد جو ڳوٺ هو، ٽاڪ منجهند جو وڏيري پريل شاهه جو نياپو مليو هو ۽ اڪبر انهي مهل روانو ٿيو هو، اڄ جي لڳندڙ جهولن سان لُڪ هن جي پاڻي جي کنيل بوتل کي گرم ڪري ڇڏيو هو، اُڃايل هجڻ ڪري پنهنجي ذهن تان ڪنهن طرح اُڃ جي شدت کان هٽائڻ جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ٿيڙڻ لڳو پر اُڃ جي شد ت ويتر وڌندي رهي ائين هو تڪڙو تڪڙو وکون کڻي آخري ڀٽ تي چڙهڻ لڳو ته هن کي پنهنجي معصوم نياڻي فاطمه ياد اچي وئي. فاطمه جيڪا 10 سالن جي هئي هن کي ڳوٺ جي وڏيري عبدالله جي پٽ وريام ۽ سوٽ غلام سانجهي جي ويلي هُن ٽائيم پڪڙي ورتي هئي جڏهن هو ٻڪريون هڪلڻ لاءِ آئي هئي، هن ٻنهي خون خوار آدمخورن هن معصوم مکڙي جي بدن جو ٻوٽيون ٻوٽيون پنهنجي مردانگي جي طاقت ۾ پٽي ڇڏيون هيون ٻن ڪلاڪ جي هلاکي هن معصوم مکڙي کي مرجهائي ڇڏيو ، هن پنهنجي وکريل وجود کي چيهاڙيل چولي سان سنڀالي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ئي مس هئي ته بي هوش ٿي ڪري پئي، مٿان رات ٿيڻ ڪري اڪبر کي پڻ فاطمه جي نه اچڻ جو اوسيئڙو ستائڻ لڳو، ڪجهه وقت جي انتظار کان پوءِ نيٺ اڪبر فاطمه کي ڳولهڻ جي ارادي سان نڪري پيو. ڪجهه وقت جي ڳولها کان پوءِ هن کي ڀٽ جي اوٽ ۾ بيٺل وڻن جي جهگٽي مان هٿ ڪيائين ۽ فاطمه جي اها حالت ڏسي اڪبر پاڻ کي جئين تئين ڪري سنڀاليو ۽ هن کي ڀاڪر ڀري رڙيون ڪرڻ لڳو جنهن تي سمورو ڳوٺ گڏ ٿي ويو آخرڪار جئين تئين ڪري هن کي شهر جي اسپتال ڀيڙو ڪيو ، هو بچي ته وئي هئي پر هڪ مرجهايل ڪلي وانڱر هن جو وجود داغدار بڻجي ويو هو، اها خبر جڏهن وڏيري کي پئي ته وڏيري عبدالله ، اڪبر کي ڌمڪي ڏني ته” جي ايف آءَ آر ڪٽرائي ته تنهنجي سڄي گهر جو خير ڪونهي“ پر هن جي انڪار تي وڃي وڏيري پريل شاهه جو پاسو ورتو هو جتي اڄ فيصلو رکيل هو
اڪبر جڏهن وڏيري پريل شاهه جي اوطاق تي پهتو ته ان وقت اتي وڏيري پريل شاه جا حامي ۽ سندس پنهنجي ڳوٺ جا گهڻا ماڻهو ويٺل هئا، هن جي پهچڻ تي وڏيري عبدالله ڪنڌ مٿي ڪري نهاري پنهنجي چپن تي ٿوري طنزيه مسڪراهٽ سان عبدالله ڏانهن نهاريو ۽ وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. ڳوٺاڻا اڪبرکي آجيان ڪندي ه چوڻ لڳا ”هيڏانهن هليو اچ“ هتي ويهه اڳتي هليو آ“ ائين هو ٿورو اڳتي هلي ويهي رهيو ته ايتري ۾ وڏيرو پريل شاه به آيو .وڏيري پريل شاه کي ڏسي اڪبرجي دل کي ڄڻ ڪجهه ڏڍ مليو ، اڪبر کي پڪ هئي ته وڏيرو پريل شاه جيڪو به فيصلو ڪندو اهو انصاف وارو ڪندو ڇو ته هو جهڙو وڏيري عبدالله جو مرشد هو اهڙو اڪبر جو، وڏيري پريل شاه ٻنهي ڌرين جا بيان ٻُڌا ۽ بيان ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجي شهپرن تي هٿ ڦيريندي کنگهڪار ڪري رعب دار آواز ۾ اڪبر ڏانهن ڏسندي پنهنجو فيصلو ٻڌائڻ لڳو ته ”اڪبر جو جيڪو خرچ ٿيو آهي اهو وڏيرو عبدالله ڀري ڏيندو، ۽ ان سان گڏ ٻه لک ٻيا ڏوڪڙ پڻ ڏيندو ، وڏيرو چاهي ٿو ته هاڻ اها ڇوڪري ٻي ڪنهن جي ڪانه ٿيندي بلڪ هن جي پٽ جي رن ٿي رهندي.
اهڙو فيصلو ٻڌي ويٺلن جا ڄڻ پساه نڪري ويا ۽ اڪبر تي اماوس جي انڌاري لامارا ڏيندي اندر ۾ پڻ لهندي ٿي وئي



هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ

مختصر ڪهاڻيسوڙ آهر پير ڊگهيرڻسائل مهراڻاندر مان اٿندڙ واحساسن کي ڪنهن طرح سان ٻئي پاسي هٽائڻ لاءِ ٻين يادگيرين ڏانهن ٿيڙهڻ لڳو پر بيچين من ۾ وسوسن جو گهنٽڙيو وڃڻ بند نه ٿيون، ۽ آهستي آهستي قدم کڻي پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان هو چوڏينهن جي چانڊوڪي واري جي ڀٽن تي پنهنجي حسن جا تجلا ڇڏي رهي هئي ۽ رات جي ٿڌڙي هير هن جي پگهر ۾ سل ٿيل بدن کي عجب محسوس ٿي رهي هئي ۽ هي ڀٽڪيل ڪنهن وجود جيان واري جا دڙا لتاڙندو پئي ويو. ڳوٺ جي ويجهو پهچڻ تي ڳوٺ مان ايندڙ آواز هن جي آس پاس جي سانت کي ٽوڙڻ لڳا ۽ هن جي ڳوٺ وارن جي چوڻ وارا جملا ذهن ۾ ڀالا بڻجي لڳندا رهيا هن جو پيءُ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ هي دنيا ڇڏي وڃي سرڳ پڌاريو هو ۽ هي هن جو اڪيلو پٽ هئڻ ڪري هن جي ڪريا ڪرم تي ايندڙ خرچ ڀرڻو هو، ڳوٺ وارن اٿندي وهيندي هن کي ڪريا ڪرم جي خيرات ڌام ڌوم سان ڪرڻ جو چيو پئي.سارنگ: تنهنجو پيءُ هڪ نيڪ بخت ماڻهون هو، هن ڪڏهن به ڪنهنجي دل آزاري نه ڪئي هئي توکي هن پويان ڦلاڻو طعام ڪرڻ گهرجي.صالح: تنهنجو پي ڪنهن کي ڪنهن به ڪم جو جواب ڪونه ڏيندو هو، دل جو دريا ماڻهون هو توکي سٺي خيرات ڪرڻ گهرجي.۽ هي سڀني جي منهن ۾ نهاري ايترو ضرور چوندو هو ته جهڙو منهنجو حال آهي اهڙي خيرات ضرور ڪندس.پر ڪرياڪرم کي اڃان ٻه ڏينهن هئا ته ڳوٺ جي سڀني ماڻهون هن تي زور ڀرڻ لڳا.ادا مٺو ڪئين ٿو ڪري؟ اسين تو ڏانهن پيا نهاريون.مٺو : مون وٽ آهي ڇا جو ايڏو خرچ ڀري سگهندس.هنئر ڪنهن کان قرض ڇو نٿو کڻي پوءِ ڀري ڇڏجان.مان ته اڳ ئي قرضي آهيان وري قرض ڪير ڏيندو.قرض ته ملي ويندو پر جي دل ۾ هوندي چڱي خيرات ڪرڻ جي ته.ڪير چوندو ته پنهنجي پوئينرن جي لاءِ خيرات چڱي نه ڪجي مان اهو ٿو چاهيان. ته سڀاڻي شهري وڃي ڪنهن کان هنئير سامان وٺي آ پوءِ قرض لاهي ڇڏجان.ٻئي ڏينهن صبح جو وڃي شهر پهتو ۽ وڃي پنهنجي سڃاڻ واري سيٺ سان ڳالهه ڪيائين سيٺ هن جو حال ڏسي چيو پٽ هڪ ته تنهنجو پيءُ وفات ڪري ويو آهي ٻيو وري مٿان اهڙا طعام وغيره ڪرين تنهنجي شادي ٿو ڪرين ڇا؟ ماڻهون آهن کائڻ وارا اڄ کائي سڀاڻي واه واه ڪندا، قرض توکي لاهڻو آهي هن ڪري سادي خيرات ڪر، ائين هڪ ته هن وٽ روڪ پئسو هو ڪونه مٿان وري سيٺ جي سمجهائڻ کان پوءِ ڪجهه سامان لکائي واپس وريو ماڻهن هن جو انتظار پئي ڪيو ته سامان ٿو وٺي اچي ته طعام ٿا کائون ته ايتري ۾ هن کي خالي هٿين ايندو ڏسي سڀ اکيون ڦاڙي هن ڏانهن ڏسندا رهيا



هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

مند ۾ موت مقدر بڻيو


مند ۾ موت مقدر بڻيو
مختصر ڪهاڻي 
سائل مهراڻ

اتر کان ڪارا ڪڪر قطارون ڪري اڄ ٿر جي اڃايل ڌرتي تي وسڻ لاءِ نڪتا هئا، ڏينهن جي گرمي ويچارن ماروئڙن جون اکيون آسمان آڻي ڇڏيون هيون، اڄ ڪاڪو سڄڻ ٻين وانڱر اکيون آسمان ۾ وجهي نهاري رهيو هو، شام جا ڪارا ڪڪر ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي هئي، هو نوي سالن جو پوڙهو هئڻ جي باوجود ڄڻ ٻار بڻجي ويو هو، ٽن سالن جي طويل ڏڪار کان پوءِ اڄ وري وسڪاري جي اميد ڪر کنيو هو، جئين شام جا ورندڙ پاڇا ڊگها ٿيندا ٿي ويا ائين آسمان تي کنوڻن جا تجلا روشن ٿيندا ٿي ويا رات جي ماني کائڻ کان پوءِ هلڪي هلڪي بونداباري شروع ٿي وئي ۽ آهستي آهستي زوردار برسات جو روپ وٺي وئي،گاج جي ٺڪائن تي مورن جا ٽهڪا ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جو شور عجيب ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو، برسات رڪڻ کان پوءِ ڪاڪي سڄڻ ديوان کي سڏ ڪيو 
”او ديوان“...
”جي بابا“ ديوان ٻاهر ٿڌڙي هواءُ جا جهونڪا بدن کي ڏيندي سڏ ڏنو
”ديوان سڀاڻي تون مجيري ڏانهن وڃجان ته جيئن ٻني پوکڻ لاءِ ٻج ۽ وهٽ ڏئي ته پاڻ ٻني پوکيون“
”جي بابا مان سڀاڻي ته ائين ويندس اوهان جي چوڻ کان سواءِ ويو پئي اوهين فڪر نه ڪيو “ ديوان جواب ڏنو
ائين هن جي رات جاڳندي گذري ۽ عصر جو هو سڌو مجيري ڏي روانو ٿيو، هتي پڄندي هن کي سوجهرو ٿي ويو هو ٻيا هاري به مجيري وٽ پهچي چڪا هئا، هن ويندي سلام ڪيو 
اسلام عليڪم وڏيرا
وعليڪم سلام ديوان يار ڪٿي هئين جو ايترو سويل پهچي وئين
سائين هئس ته گهر پر رات و برسات پئي هئي ان ڪري رات ننڍ به ڪونه ڪئي ائين عصر جو اوهان ڏانهن هليو آيس
ڀلي آئين يار ٻيو ٻڌا توکي ڇا کپي؟
بس سائين هڪ وهٽ ڏيو ۽ ٻج ڏيو ته وڃي ٻني پوکيون؟ ديوان جواب ڏنو
ها اها ته مونکي خبر آهي پر ڏسين ڪونه پيو پاڻ وٽ جيڪو وڏو اٺ هو اهو وڪڻي ڇڏيو باقي ڪوانٽ آهن اهي هر ڇڪڻ جي لائق نه آهن هاڻي ائين ڪر تون هتان ٻني هليو وڃ وڻ وغيره بچيل آهن اهي وڍ ته سڀاڻي ٽريڪٽر اچي ته ٽريڪٽر سان سڀني جي کيڙي ڪبي ائين چئي وڏيري سڀني هارين کي روانو ڪيو
ديوان جيڪو پنج روپين جي ٻني (هي ڍل جي حساب ڪتاب موجب آهي ) اڪيلو ڪمائيندو هو، هتان سڌو ٻني ويو ٻني وڏي هئڻ جي ڪري اڃان هن ۾ وڻ گهڻا رهجي ويا هئا، صبح کان شام تائين وڻ وڍڻ کان پوءِ به گهڻا وڻ رهجي ويا هئا، ٻئي ڏينهن مجيري هن ڏي نياپو ڪيو ته سڀاڻي ٻني نه وڃجان هتي اچجان
ٻئي ڏينهن هي سڌو وڏيري وٽ ويو جتي وڏيري حڪم ڏنو ته هاڻ تون ٽريڪٽر سان گڏ ٻين هارين جي ٻنين ۾ ٻج ڇٽ ته پوءِ تنهنجي ٻني ڏي ٽريڪٽر ڪاهي هلون
اهو سڄو ڏينهن ٻين هارين جي ٻنين ۾ ٻج ڇٽيندو رهيو ۽ رات جو هتي ئي رهي پيو صبح جو هن جي ٻني ڏي ٽريڪٽر ڪاهي ويا جڏهن هن جي ٻني ۾ پهتا ته هن جي ٻني ۾ ڪجهه وڻ رهيل ڏسي وڏيرو تپي باهه ٿي ويو ۽ هن جي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيڻ لڳو جنهن تي هن مداخلت ڪندي چيو تون مونکي ڀلين گاريون ڏي پر منهنجي ڀيڻ ۽ ماءُ تنهنجو ڇا ڪيو آهي جو تون هنن کي گاريون ٿو ڏئين
وڏيري هن جو اهو جواب ٻڌي ويتر ڳاڙهو ٿي ويو هن تي تشدد ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ هن کي ماڪوڙن واري ڪنڊي ۾ ٻڌي هن تي پنهنجي نيٽ سان تشدد ڪرڻ لڳو، وڏيري جو تشدد نه سهندي هي ڦٿڪڻ لڳو
ايتري ۾ هن جي زال ۽ ننڍڙو پٽ ماني کڻي ٻني تي آيا هن کي ائين وڻ ۾ ٻڌل ڏسي ۽ هن جي بدن تي تشدد جا ڳاڙها نشان ڏسي رڙيون ڪرڻ لڳا ته وڏيري ٻين هارين کي حڪم ڏنو ته ٻنهي کي ٻڌي ڇڏيو ۽ پوءِ وڏيرو هنن تي تشدد ڪرڻ لڳو 
ديوان اهو ڏسي پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ وڏيري کي للڪاري چوڻ لڳو ته گيدي تون عورت ذات تي ڇو ٿو هٿ کڻي مونکي مار ته خبر پوي
ديوان جي للڪار ٻڌي وڏيري جو رت ٽهڪي اٿيو ۽ سڌو وڃي هن تي ڪڙڪيو ۽ هن کي زوردار ڌڪ هڻڻ لڳو ۽ هڪ ڌڪ هن جي مٿي تي لڳو هو رڙ ڪري چوڻ لڳو مان پنهنجو بدلو وٺندس مان موٽي ايندس



هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

بدلو


سائل مهراڻ
مختصر ڪهاڻي
جڏهن سانوڻ رُت ۾ ڪڪر رات جي اونداهي کي وڌيڪ گهري ڪندا آهن ته رات جو ڊپ ويتر وڌي ويندو آهي، اهڙي طرح اڄ به هن جي زندگي جو اونداهو ڏينهن هو، جڏهن هو صبح سويل ٻڪريون ڪاهي اچڻ لاءِ جهنگل پئي ويو ته گهر جي پرڀرو سامهون ڄار جي وڻ ۾ ڪنهن کي لٽڪيل ڏٺائين هن جي دل ڏاڍو ڌڪ لڳو هو آهستي آهستي هن ڏانهن وڌڻ لڳو وڻ کان چند فٽ پري بهي ڏٺو ته هن جو مٿو چڪراجڻ لڳ، پيرن مان زمين کسڪندي محسوس ٿي، ڇو ته اها هن جي منگينتر هئي جيڪا وڻ ۾ لٽڪي پئي هئي پوءِ هن پاڻ کي جيئن تيئن ڪري سنڀاليو ۽ واپس گهر ڏانهن رڙيون ڪندي ڊوڙ پاتائين هن جي رڙين تي سڀ گهر ڀاتي ڊوڙي آيا هن سڏڪندي سڏڪندي ڳالهه ڪئي ته مريم سامهون وڻ ۾ ڦاهي کائي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو آهي،گهرن وارن کي يقين ڪونه پئي آيو ته مريم ائين ڦاهي کائي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو آهي سڀ ڊوڙي وڻ وٽ آهيا پر ڪنهن کي اهو خيال ڪونه آيو ته وڻ جي چوڌاري نهاري پڪ ڪن ته هن پاڻ ڦاهي کاڌي آهي يا ڪنهن هن کي قتل ڪري پوءِ لٽڪايو آهي،. پر عبدالله کي جيڪو مريم جو منگيتر به هو تنهن کي ٿورو سڪ هوجنهن وڻ جي چوڌاري نهارڻ لڳو ته ڪٿي ڪو هن کي ثبوت ملي وڃي ته هن کي قتل ڪيو ويو آهي،ڇو ته مريم هن سان ٻه ٽي چڪر وڏيري جي لوفر پٽ جي باري ۾ شڪايت ڪئي هئي، ته هو هميشه هن کي تنگ ڪندو ٿو رهي،پر هي غريب هئڻ ڪري وڏيري جي پٽ جو ڪجهه بگاڙي نه ٿي سگهيو پر مريم کي گهر تائين محدود رهڻ جي هدايت ڪئي، عبدالله جڏهن چوڌاري نهاري رهيو هو ته ٻن ٻوڙن جي وچ ۾ ٻه ٽي ماڻهن جا پيرن جا نشان نظر آيا، ته هن کي بهوشي طاري ٿي وئي ۽ اتي وهي رهيو ۽ جڏهن ڪجهه هوش آيو ته هن تي پراڻيون يادون حملاآور ٿي آيون عبدالله جڏهن مريم سان محبت جي چڪر ۾ ڦاٿو، هون ته مريم هن جي سوٽ ٿيندي هئي پر هي ڪڏهن ڀلجي به هنن جي گهر نه ويندو هو ۽ نه مريم کي ڏسندو هو، پر هن ڏينهن هو مجبوري ۾ ڪنهن ڪم سانگي مريم وارن جي گهر ويو ته هن جي نظر مريم تي پئجي وئي، سنهڙو بدن، ڊگهي گچي، گلابي گل، ڪٽورا نيڻ هن جي دل کي پهرين ڌڪ ۾ شڪار ڪري ويا، ان کان پوءِِ هو هن اهو ڏينهن خالي نه ڇڏيو جو هن جي گهر نه ويندو هجي، محبت جي جڏهن ڇڪ ٿيندي آهي ته محبوب ازخود هلي ايندو آهي، ان واگي مريم به ٻه ٽي ڏينهن ۾ هن جي عاشقي ۾ گرفتار ٿي وئي، هي به نوجوان، ڀريل بدن، خوبصورت چهرو، نئين عشق ۾ پاڻ کي ٺاهڻ ۾ وسان ڪيئن گهٽايو، ائين مريم جي دل تي هن جي محبت جو اثر ٿي ويو، ائين پوءِ روز رات جو اڪيلاين قرب ڀريون ڪچهريون ٿينديون رهيون. ڪجهه ڏينهن پهريان وڏيري جو لوفر پٽ جيڪو ولايت ۾ رهندو هو اهو موٽي آيو هو ۽ پنهنجي حوس جي اڃ اجهائڻ لاءِ ڳوٺ جي ڪنوارين ڇوڪرين اکيون هيرائڻ لڳو، ائين هڪ ڏينهن هي شام جو ٻڪريون هڪلڻ پئي وئي ته وڏيري جو پٽ پريان پنهنجن ڇاڙتن سان آيو پئي تنهن هن کي روڪڻ جي ڪئي پر هي هرڻي جيان ڇلانگ ڏئي هن کان بچي نڪري آئي جڏهن هي شام جو عبدالله سان ملي ته هن کي چوڻ لڳي “هڪ ڳالهه چوان“ جي مٺي چئو“ عبدالله هن کي جواب ڏنو “هاڻ پاڻ کي شادي ڪري هڪ ٿيڻ کپي” اڳ ۾ تون اها ڳالهه نه ڪندي هئي اڄ ڪيئن ڪئي؟ عبدالله هن جي اوچتي فيصلي تي حيران ٿيندي پڇڻ لڳو پر هي گهڻو نٽائڻ کاون پوءِ آخر هن کي وڏيري جي پٽ واري ڳالهه ڪري ٻڌائي ته هن جي اکين ۾ رت ڀرجي آيو،ٻئي ڏينهن وڏيري جي پٽ کي ڳولندي ڳولندي نيٺ لقمان جي دڪان تي ڏٺو ۽ هن کي ٻاهر سڏ ڪري تاڪيد ڪئي ته مريم منهنجي منگيتر آهي ۽ منهنجي لڄ آهي هن ڏانهن ميري نظر سان نهاريو ته تنهنجو خير ڪونهي، اڃان هي هنن يادگيرين ۾ هن سٽن تي پهتو ته هن جو رت ٽهڪڻ لڳو، هن وڏي رڙ ڪري وڏيري جي گهر ڏانهن ڊوڙڻ لڳو هن جي رڙ تي وڻ وٽ پهتل ماڻهو هن ڏانهن پئي ڏٺو ته ڪي وري هن کي پڪڙڻ لاءِ پٺيان ڊوڙڻ لڳا، ۽ هن کي پڪڙي ورتو، ايتري ۾ پوليس به پهتي لاش کي وڻ تان لاهي پوسٽ مارٽم لاءِ گاڏي ۾ رکيو ويو ۽ مائٽن جا بيان ورتا ويا، ته مائٽن وري بيان ۾ چيو ته مائي جو دماغي توازن درست نه هئڻ ڪري ڦاهي کاڌي آهي، هنن جا اهڙا بيان ٻڌي پريان هن رڙ ڪري چيو ته ”هن پاڻ ڦاهي نه کاڌي آهي پر هن کي وڏيري جي پٽ قتل ڪري لٽڪايو آهي” پوليس هن جي اهڙي الزام تي کي بيان جي طور رڪارڊ ڪيو ويو،۽ سندس لاش جڏهن پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ۽ هن جون ٽيسٽون ڪيون ويون ته هن جا الزام ثابت ٿي پيا، پر پوليس ٻئي پاسا کائڻ واري تنهن وڏيري جي پٽ کان وڏي رشوت وٺي ڇڏي ڏنو ۽ هن جي طرفان ڪجهه نه ملڻ جي ڪري هن کي سيخن پويان واڙي ڇڏيو، ڪجهه مهينن کان پوءِ مائٽن پئسا ڀرائي هن کي آزاد ڪرايو ، اڄ هو آزاد ٿيو ته سڌو گهر اچي وڏيري جي پٽ کان بدلو وٺڻ جو سوچڻ لڳو، سوچندي سوچندي هن وڏيري جي پٽ کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙي ورتو، اماوس جي انڌاري رات ۾ ڪهاڙي کڻي وڏيري جي حويلي جي ديوار ٽپي پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو ۽ پنهنجي چهري تي فتحابي واري مرڪ سڄائي ٻاهر نڪتو ۽ اماوس جي انڌاري رات ۾ ڌوڪندو پئي ويو ، پر هن جي منزل جي خبر اڃان به نه پئي جي سگهي هئي بس هلندو ٿي هليو هلندو ٿي هليو


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

عبدالله آس هنڱورجو


سنڌ راڻي رسالي ۾ ڇپيل عبدالله آس لاءِ ليک 
بهار جي موسم ۾ جڏهن روهيڙا ڳاڙها گل جهلندا آهن تڏهن ٿر ڌرتي تي رهندڙ ماروئڙا ڪيڏو نه خوش ٿين ٿا، پر ڪڏهن اهڙين بهار جي موسمن ۾ ڪو نئون گل ٽڙي پوندو آهي ته ڪيڏي نه خوشي ٿيندي آهي، ائين ٿر ڌرتي تي بهار جي موسم ۾ فيبروري جي مهيني ۾ هڪ سهڻو انسان ۽ خوبصورت شاعر عبدالله آس جي نالي پيدا ٿيو،اهو انسان جيڪو آس جي نالي الائي ڪيتريون ئي آسون اندر ۾ سمائي ويٺو آهي، پر اهي صرف آسون ئي رهيون تڏهن ان ڪورن ڪاغذن ۾ پنهنجي پنها ڳولي ۽ پنهنجون آسون ۽ درد پنن تي اتارڻ لڳو
ڳوٺ آ تنهنجو سون سريکو ھر هر برسي ماڪ پرين
دنيا جيڪي چاهي سوچي پنهنجي محبت پاڪ پرين

آس جي آس آهي ته دنيا جيڪا محبت کي ميري نظر سان ڏسي ٿي اها نه ڏسي بلڪ هڪ پاڪ محبت طور سمجهي ۽ ڏسي، پر اڄ جي دنيا ڪٿي ٿي محبت کي پاڪ سمجهي؟ شايد هو محبت کي پاڪ نظرن سان ڏسي، ان واڱي آس جي اندر ۾ تمام گهڻي اتساهه به آهي ته هڪ ڏينهن دنيا محبت کي پاڪ سمجهندي. آس جي شاعري ۾ آس به آهي ته تڙپ به سو هڪ هنڌ چوي ٿو ته
يو چنڊ مرڪي اُداسي وڌيرڳو نينهن ٻاري ٿڪا نيڻ آھن
وري اڄ اکين ۾ نما شام آرهياسين ڪناري ٿڪا نيڻ آھن

هي خوبصورت شاعر جڏهن خوبصورت نظارا ڏسي ٿو ته هڪ خوبصورت نظم سرجي ٿو ته
سنڌو سان جي سنگ اچي ٿي لهرن سان پوءَ لسندي بارش.
نگراڻي جا منظر پسندي منهنجو من اندر پي مرڪيو.

اهڙي طرح جڏهن اندر جي مندر ۾ ڪنهن تڙپ جا گهنڊ وڄڻ شروع ٿين ٿا ته هو پوڄارڻ سان ڀيٽي هي لفظ پنن تي اتاري ٿو
پوڄارڻ پي گهنڊ وڄايا گوڙي جو مندر پي مرڪيو
تون ڇا ڄاڻين ساڻ گهڙي سان ڪهڙا ڪهڙا تاري آئي.
ساوڻ جهڙي مرڪ چپن تي سڏ ڪري هو واري آئي

۽ ڪڏهن قلندر وانڱي هن جو من نچڻ ٿو لڳي ته مجبور ٿي ٿو پوي لوڪ ته منهن موڪ آهي جيڪا به چوي پر اندر جو آواز هن کي ماٺ ڪري ويهڻ نٿو ڏي ته هڪ ٻه سٽون لکي ٿو وٺي
دل تڏھن هي قلندر ٿي جهومي هئي تو پري کان ڪيو هٿ جو هورو هيو
ڌونجي درد کڻان ٿو تنهنجا پوءَ ڇني ٿو پيار اسان کان.

ان سان گڏ پرين جون سرارتون به بيان ٿو ڪري ته
غم ڌندوڙي ڇاڻي ڇڏ مرڪ چپن تي آڻي ڇڏ مند ملڻ جي آئي
آ تون ڀي رساما هاڻي ڇڏ مرڪن جائي مينهن وسائي رتبا اعلي ماڻي ڇڏ.

پر پرين هن جيئن پو تيئن غم ڏنا ته هڪ آهه اندر مان نڪري پئي
روح کي ريگستان ڪري ويون هجر جون شوخ هوائون جانان.
وقت ڇڏيو آ ويڙھي ڏُک ۾ توڀي اچي ڪجه واڻ حياتي.
توبن آھي آس اسان جي کاري لوڻ جي کاڻ حياتي.
يا
سموري باغ کي ڀيلي اُڏامي ڏُور ويا پنڇي،
اچي ڏس نيڻ مالهي جا اُڃارا سوڳواري ۾.
لڳي ٿو ته مان گهڻو لکي ويٺو آهيان ان ڪري آس جي هنن سٽن سان موڪلايان ٿو ته
نڪا نوري نڪو آيو تماچي ڄام ڪينجهر تي،
ڪنڌي تي ڪير ڪُوماڻا؟ ڪنارا سوڳواري ۾
ڇڏيو تو راڄ پاڙو ڇو، اسان سمجهيو اڃا ناهي؟
مري ويا ڳوٺ جا ڳڀرو وچارا سوڳواري ۾


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔