Sunday, 17 April 2016
روح رڙيون ٿو ڪري ، اهڙا هاڃا ڏسي ڏيهه ۾
روح رڙيون ٿو ڪري ، اهڙا هاڃا ڏسي ڏيهه ۾
ڪهاڻي
سائل مهراڻ
لهندڙ سج جا ڊگها
ٿيندڙ پاڇا آهستي آهستي سانجهي جي انڌيري ۾ غائب ٿيندا ٿي ويا، اڪبر ريگستان جي
اڏرندڙ واري تي تکيون تکيون ٻرانگهون ڀري ڌوڪيندو پئي ويو،هن کي خبر هئي ته اڃان
ٽي لڪ پار ڪرڻا پوندا، ته اڳيان وڏيري سيد پريل شاهه جو ڳوٺ اچي ويندو جيڪو هنن جي
مرشد جو ڳوٺ هو، ٽاڪ منجهند جو وڏيري پريل شاهه جو نياپو مليو هو ۽ اڪبر انهي مهل
روانو ٿيو هو، اڄ جي لڳندڙ جهولن سان لُڪ هن جي پاڻي جي
کنيل بوتل کي گرم ڪري ڇڏيو هو، اُڃايل هجڻ ڪري پنهنجي ذهن تان ڪنهن طرح اُڃ جي شدت
کان هٽائڻ جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ٿيڙڻ لڳو پر اُڃ جي شد ت ويتر وڌندي رهي ائين
هو تڪڙو تڪڙو وکون کڻي آخري ڀٽ تي چڙهڻ لڳو ته هن کي پنهنجي معصوم نياڻي فاطمه ياد
اچي وئي. فاطمه جيڪا 10 سالن جي هئي هن کي ڳوٺ جي وڏيري عبدالله جي پٽ وريام ۽ سوٽ
غلام سانجهي جي ويلي هُن ٽائيم پڪڙي ورتي هئي جڏهن هو ٻڪريون هڪلڻ لاءِ آئي هئي،
هن ٻنهي خون خوار آدمخورن هن معصوم مکڙي جي بدن جو ٻوٽيون ٻوٽيون پنهنجي مردانگي
جي طاقت ۾ پٽي ڇڏيون هيون ٻن ڪلاڪ جي هلاکي هن معصوم مکڙي کي مرجهائي ڇڏيو ، هن
پنهنجي وکريل وجود کي چيهاڙيل چولي سان سنڀالي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ئي مس هئي ته بي
هوش ٿي ڪري پئي، مٿان رات ٿيڻ ڪري اڪبر کي پڻ فاطمه جي نه اچڻ جو اوسيئڙو ستائڻ
لڳو، ڪجهه وقت جي انتظار کان پوءِ نيٺ اڪبر فاطمه کي ڳولهڻ جي ارادي سان نڪري پيو.
ڪجهه وقت جي ڳولها کان پوءِ هن کي ڀٽ جي اوٽ ۾ بيٺل وڻن جي جهگٽي مان هٿ ڪيائين ۽
فاطمه جي اها حالت ڏسي اڪبر پاڻ کي جئين تئين ڪري سنڀاليو ۽ هن کي ڀاڪر ڀري رڙيون
ڪرڻ لڳو جنهن تي سمورو ڳوٺ گڏ ٿي ويو آخرڪار جئين تئين ڪري هن کي شهر جي اسپتال
ڀيڙو ڪيو ، هو بچي ته وئي هئي پر هڪ مرجهايل ڪلي وانڱر هن جو وجود داغدار بڻجي ويو
هو، اها خبر جڏهن وڏيري کي پئي ته وڏيري عبدالله ، اڪبر کي ڌمڪي ڏني ته” جي ايف
آءَ آر ڪٽرائي ته تنهنجي سڄي گهر جو خير ڪونهي“ پر هن جي انڪار تي وڃي وڏيري پريل
شاهه جو پاسو ورتو هو جتي اڄ فيصلو رکيل هو
اڪبر جڏهن وڏيري
پريل شاهه جي اوطاق تي پهتو ته ان وقت اتي وڏيري پريل شاه جا حامي ۽ سندس پنهنجي
ڳوٺ جا گهڻا ماڻهو ويٺل هئا، هن جي پهچڻ تي وڏيري عبدالله ڪنڌ مٿي ڪري نهاري
پنهنجي چپن تي ٿوري طنزيه مسڪراهٽ سان عبدالله ڏانهن نهاريو ۽ وري ڪنڌ هيٺ ڪري
ڇڏيائين. ڳوٺاڻا اڪبرکي آجيان ڪندي ه چوڻ لڳا ”هيڏانهن هليو اچ“ هتي ويهه اڳتي
هليو آ“ ائين هو ٿورو اڳتي هلي ويهي رهيو ته ايتري ۾ وڏيرو پريل شاه به آيو .وڏيري
پريل شاه کي ڏسي اڪبرجي دل کي ڄڻ ڪجهه ڏڍ مليو ، اڪبر کي پڪ هئي ته وڏيرو پريل شاه
جيڪو به فيصلو ڪندو اهو انصاف وارو ڪندو ڇو ته هو جهڙو وڏيري عبدالله جو مرشد هو
اهڙو اڪبر جو، وڏيري پريل شاه ٻنهي ڌرين جا بيان ٻُڌا ۽ بيان ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجي
شهپرن تي هٿ ڦيريندي کنگهڪار ڪري رعب دار آواز ۾ اڪبر ڏانهن ڏسندي پنهنجو فيصلو
ٻڌائڻ لڳو ته ”اڪبر جو جيڪو خرچ ٿيو آهي اهو وڏيرو عبدالله ڀري ڏيندو، ۽ ان سان گڏ
ٻه لک ٻيا ڏوڪڙ پڻ ڏيندو ، وڏيرو چاهي ٿو ته هاڻ اها ڇوڪري ٻي ڪنهن جي ڪانه ٿيندي
بلڪ هن جي پٽ جي رن ٿي رهندي.
اهڙو فيصلو ٻڌي
ويٺلن جا ڄڻ پساه نڪري ويا ۽ اڪبر تي اماوس جي انڌاري لامارا ڏيندي اندر ۾ پڻ
لهندي ٿي وئي
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
سائل مهراڻ جون ڪهاڻيون
Subscribe to:
Post Comments (Atom)













رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔