جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Tuesday, 25 July 2017

ڪهاڻي تمنا جو موت


ڪهاڻي
سائل مهراڻ
تمنا جو موت
قسط پهرين

ٺا....ٺا..... ٺا...... هڪ گولين جا آواز گونجي ماٺا ٿي ويا
هي بنگلي جي بالڪوني جي گرل ۾ هٿ وجهي سگريٽ جو آخري ڊگهو ڪش هڻي سگريٽ اڇلائي پويان مڙيو سامهون کان هن جا ساٿي راڌا کي وٺي اچي رهيا هئا هي وڏيون وکون کڻندو راڌا وٽ آيو. راڌا رڙيون ڪري روئڻ لڳي هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا هن راڌا جو مٿو پنهنجي سيني سان لڳائي ٿپڪيو
“نه ڀيڻ روء نه سڀ ٺيڪ ٿي ويندو مان جيستائين حياتي آهيان توکي ڪجهه ٿيڻ نه ڏيندس”
هن راڌا کي آٿت ڏيندي چيو ۽ هن کي وٺي ٻاهر نڪتو هن جي پويان پورو جٿو هٿيار تاڻي اچي رهيو هو
­

ڪچي ٺري جي پيگ جو آخري ڍڪ نڙي مان هيٺ لاٿائين ۽ هٿ کيسي ۾ وجهي ڪجهه مٺ ۾ بند ڪري هن پوڙهي گومون ڏانهن وڌايو
گومون جي اکين ۾ عجيب چمڪ اچي وئي هن جلدي اڳتي هٿ وڌايو ته وسيم هن جي هٿ تي هٿ رکي مٺ بند ڪري ڇڏي. وسيم جو هٿ تان  هٿ  پري ٿيندي ئي هن مٺ کولي ته هزار جو نوٽ نڪتو!
گومون جي منهن تي آيل خوشي جي چمڪ کن پل ۾ ئي اڏامي وئي ان جڳهه تي ڏک جون لڪيرون کينچجي ويون
“وسيم”........ هن جلدي ئي وسيم سان ڳالهائڻ چاهيو پر وسيم هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي
“مان پنهنجي واعدي تي پڪو آهيان هي سوٿي ٿو ڏيان ٻيا سڀاڻي ڏيندس ” وسيم نشي ۾ ٻڏل لفظن سان چيو ڄڻ فاليج جو مريض هجي
“پر تو چيو هو”..... گومون وري مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي!
“پوڙها آئون چوان پيو نه.... ٻيا سڀاڻي ڏيندس اها سوٿي آ”. وسيم اٿندي چيو پوڙهو گومون به جلدي گڏ اٿيو ته وسيم جا پير ٿڙي پيا گومون هن کي سهارو ڏئي بيهاريو
“هاڻ هلان ٿو سڀاڻي ايندس” وسيم ٿڙندڙ قدم کڻندو اڳتي وڌيو ته گومون صرف ڏسندو ئي رهجي ويو،  وسيم کي  ڪا ڳالهه ياد اچي وئي ، واپس وري اچي گومون جي ڪلهي تي هٿ رکيو
“چاچا سڀاڻي ڪجهه مهمان به هوندا ٻيو مال به هٿ ڪرڻو پوندو” وسيم رازداري واري انداز ۾ چيو
“ٻيو مال”........ گومون پريشان ٿي ويو هن جون نظرون وسيم جي چهري تي کپي ويون
“ها”.... وسيم پراعتماد لهجي ۾ چيو
“پر آئون ٻيو مال”..... گومون ساڳي پريشاني واري لهجي ۾ چيو ته وسيم ڳالهه اڌ ۾ ڪٽندي هن جون نظرون سامهون ويٺيل راڌا ڏانهن کڄي ويون وسيم زبان چپن تي ڦيرندي چيو
“پوءِ ڇوري ڪڏهن ڪم ايندي”
گومون جون نظرون سامهون ستل راڌا ڏانهن ڏانهن کجي ويون ۽ زبان تان اوچتو نڪري ويو
“راڌا”..............
“ها راڌا” هن لالچ واري انداز سان چيو
“نه اها منهنجي نياڻي آ هي هن کي مان”...... گومون پريشان ٿيندي انڪار ڪيو
“پر مان ان جو الڳ حساب ڏيندس” هن داءُ لڳايو
“مان”.... گومون احتجاجي لهجي ۾ چيو
“پوڙها تون سمجهين ڇو نٿو”.. وسيم التجا ڪندي چيو
“پر اهو ناممڪ”....... گومون وري احتجاج ڪيو پر ڳالهه مڪمل ٿيڻ کان پهرين وسيم جو هٿ هن جي ڪلهي تي کپي ويو
“جي انڪار ڪندين ته تون ته ويندين پر راڌا به”...... وسيم ڪاوڙ ۽ رازداري واري لهجي ۾ چوندي هٿ جو زور گهٽ ڪيو ته گومون ڪنڌ ڪڍائيندي ....!!
“نه نه ائين نه ڪجان، تون جيڪي چوندين مان ڪندس”  گومون هن جي سامهون هٿ ٻڌندي منٿ ڪئي
“ٺيڪ آ سڀاڻي رات جو يارنهن وڳي اينداسين” وسيم ٿڙندو ٿاٻڙندو گهٽي ٽپي ويو ، پوڙهو گومون اتي ئي بيٺو بيٺو انهي سوچ ۾ پئجي ويو
گهڻي دير گذري وڃڻ جي ڪري هن جي گهر واري هن جي ڀرسان اچي بيٺي پر گومون کي ان جي ڪا کڻڪ پئجي نه سگهي
ٿوري دير گذري وڃڻ کان پوءَ ڪملا چيو
“ڪهڙي سوچن ۾ گم آهين”
“هون”... گومون ڇرڪ ڀري پنهنجي گهر واري ڏانهن نهاريو، هن جي چهري تي پريشاني جون ريکائون ڏسي ڪملا پڇيو
“ ڇا ٿيو”؟
“وسيم چيو آ ته سڀاڻي رات جو راڌا”....... هن جي نڙي ۾ لفظ اٽڪي پيا هن گيت ڏئي اڳتي ڳالهائڻ چاهيو پر ڪو به لفظ زبان تي نه آيو.
ڪملا کي پنهنجي جسم سان چهٽل اهي ڄور جهڙا سڀ چهرا اکين اڳيان اچي گذري ويا جيڪي روز هن جي جسم سان کيڏندا هئا.  هن جي نظر پريان ستل راڌا ڏانهن کجي وئي راڌا جو معصوم چهرو چنڊ جي چانڊوڪي ۾ جرڪي رهيو هو ، هن جي اکين اڳيان انڌوڪار ڇائجي وئي هن جو وجود ڄڻ سمندر ۾ ٻڏڻ لڳو هجي ۽ هي ان ٻيڙي جو ڄڻ تختو هجي جيڪو طوفان جي زد ۾ اچي ٽُڪرا ٿي ويو هجي ۽  طوفاني لهرن سان لڙهندو ٿي ويو ته هن جي ڪنن تائين گومون جا لفظ پهتا!
“وسيم چيو پئي هن جو دام الڳ ڏيندس”
هن سوچيو اسان ته انهن جانورن کان بدتر آهيون جيڪو وڪجي وڃي ڪاتي جي هيٺيان اچي ٿا وڃن ۽ ان گوشت جا ٻيرا اميرن جي ڏندن سان ڪٽجي انهن جي اندر ته وڃن ٿا پر اسان روز روز وڪجون ٿا، روز اسان جي جسم سان اشرف المخلوق چنبڙي ٿي اسان روز موت سان ملون ٿا پر موت اسان کي نٿو اچي اسان کان ته بهتر اهي جانور ئي آهن جنهن کي ٿوري تڪليف سان  موت ته ملي ٿو، اوچتو پنهنجي گهر جو حال ڏسندي ۽ پيٽ جي بک جي لاءِ سوچندي چيو!
“ڪيترو ڏيندو”  هن جي ذهن تي سوچن جو سلسلو جاري هو ان کي ٽوڙي پڇيو
گومون هڪ ڊگهو ساه کڻي چيو  “خبر ڪونهي”
“اوهان پڇيو ڪونهي يا هن ٻڌايو ڪونهي”
ٿوري دير خاموشي کان پوءِ چيو
“مون کي ڪو ڳالهه ياد ڪونه آئي ته هن کان پڇان” ٿوري تائين خاموشي رهي ۽ پوءِ ڪملا چيو
“جيڪو ٿيندو صبح جو ڏسي وٺنداسين هاڻ آرام ڪريو ”
گومون کٽ تي آهلندي هڪ نظر راڌا تي وڌي ۽ سمهي رهيو ، پر ننڊ هن جي نيڻن مان اڏامي وئي هئي هن جون نظرون چنڊ ۾ اٽڪي پيون ايئن نهاريندي نهاريندي فجر جي ٻانگ اچي وئي ته هي ٽپ ڏئي اٿي ويٺو ،ڪچي ٺري کي تيار ڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳو  هن جو پٽ ڀيرو به اٿي هن جي مدد لاءِ پهتو پر اڄ گومون جي دل ۾ ٺرو تيار ڪرڻ جو ڪو خيال نه هو  سو ويٺو ئي رهيو
“بابا اچو ته تياري ڪريون” ڀيرو جيڪو گهڻي دير تائين پيءُ جو انتظار ڪيو پئي هن جي نه اچڻ تي سڏ ڪيو
گومون نه چاهيندي اٿيو، بٺي تيار ڪري گومون هڪ پاسي کان ويهي رهيو ته ڀيرو ڪچي شراب مان ٻه پيگ ٺاهي کڻي اچي هڪ گومون جي اڳيان رکيو ۽ ٻئي مان ڍڪ ڀرندي پيءُ ڏانهن ڏٺو جيڪو اڳ اٿڻ کان وٺي شراب تيار ٿيڻ تائين پاڻ ئي ڪم ڪندو هو اڄ چپ چاپ ويٺو هو سو پريشان ٿيندي پڇيو
“بابا”  ڀيرو آهستي سڏ ڪيو
“هان”... گومون ڇرڪ ڀريو
“ڇا ڳالهه آهي اوهان چپ چاپ ويٺا آهيو” ڀيرو پريشان ٿيندي پڇيو
“بس رات وسيم ڪجهه وڌيڪ مال ڪو چئي ويو هو ان لاءِ پريشان آهيان” گومون اصل ڳالهه لڪائيندي چيو
“وسيم وڌيڪ مال لاءِ چئي ويو ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، هي تيار ٿئي پيو اهو ٻئي ڪنهن کي نه ڏجو هن کي ئي ڏئي ڇڏجو“ ڀيرو جيڪو  اصل ڳالهه کان اڻ واقف هو ڳالهه کي نه سمجهندي چيو
“اڙي ڀوڪ..... اهو مال نه”..... هن  پٽ کي ٽوڪيندي چيو
“اڇا پوءِ  اهو مال چيو اٿائون”  هن ڳالهه کي سمجهندي سنجيدگي سان چيو
“ها پر هتي ته هڪ آهي ٻيو” هن راڌا واري ڳالهه لڪائندي چيو
“ها اهو ته واقعي وڏو مسئلو ٿي ويندو”  ڀيرو ڳالهه جي پيچندگي سمجهندي چيو
“پر هن را”........ گومون  زبان تي آيل لفظن تي ڪنٽرول ڪري ورتو  
“ڇا”؟........ ڀيرو هن جا اڌوري لفظن راڌا جو مفهوم ڪڍي ورتو ۽ حيرت مان پيءُ ڏي ڏٺو

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔