Friday, 3 April 2015
ڏڪاريل ڏيهه جي درد ڪٿا
ڏڪاريل ڏيهه جي درد
ڪٿا
ڏاهو مل ڏوٿي
ٿر جي تاريخ ۾ خطرناڪ ۽ ڀوائتو ڏڪار سنبت 1899ع، 1956 ۾ پيو
ٿري ان ڏڪار کي ڇپني جو ڏڪار جي نالي سان ياد ڪن ٿا چون ٿا ته انهي ڀوائتي ڪاري
ڏڪار دوران سموري ٿر ۾ ماروئڙن جو ڌڻ ڏڪار سبب مري ختم ٿي ويو ائين مالوند ماڻهن
جا وٿان اُجري ناس ٿي پيا جهنگيل جيوت بک سبب پنهنجو وجود وڃائي چڪي هئي ماڻهون ان
داڻي لاءِ سڪندا هئا وڏڙا چون ٿا ته ان ڪٺن وقت ۾ مسڪين ماڻهون پيٽ جي باهه وسائيڻ
لاءِ وڻن جا ڇوڏا ڪٽي سنها ڪري ان ۾ ڪجهه ان جا داڻا ملائي کائندا هئا ان وقت ٿر ۾
رستا نه روڊ نه وري ڪو پيغام رسائي جو موثر ذريعو هو ان ڏکي وقت ۾ انگريز سرڪار
ٿرين جي سهائتا لاءِ کين تفاويون وغيره ڏنيو ساڳي ريت مزدوري واسطي تلاءُ، ترايون،
کوهه کوٽن جي مد ۾ سرڪاري ترقياتي اسڪيون ڏيندي هئي، اهري ريت ماڻهون مزدوري ڪري
پيٽ پاليندا هئا ٿرين ٻيو خطرناڪ ڏڪار 1939 ۾ ڏٺو اهو دور آزادي جي هلچل جو دور هو
انگريزن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ تحريڪون هلي رهيو هيون ڪانگريس پارٽي ۽ مسلم ليگ طرفان
ٿرواسي جي مدد لاءِ ٿر ۾ سستي اناج جا دڪان مرڪز کوليا ويا جتي 5 روپيه مڻ جي حساب
سان اناج عام ملندو هو ان کانسواءِ ٻنهي سياسي پارٽين طرفان بيواهه عورتن ٻڍن ۽
يتيم ٻارن کي مفت ۾ اناج مهيا ڪيو ويندو هووڏن ڳوٺن شهرن ۾ مال جي چاري گاهه جو به
بندوبست ڪيو ويندو هو اهڙي ريت ٿرين 1948 واري به ڏڪار ڏٺو هاڻ ٿر وارو
ڀاڱوپاڪستان جو حصو آهي، انهي ڏڪار ۾ ٿرين گهڻو ڪجهه ڀوگيو چون ا ته سنڌ سرڪار
ناري ڍوري کان ڏکڻ اوڀر ۽ ٿر جي چئيني تعلقن ۽ ڪجهه عمرڪوٽ تعلقي جو اوڀر وارو
ڀاڱو کي سرحدي ايراضي ڄاڻائي اناج جي چرپر تي پابندي هڻي ڇڏي ڇو ته هتان کان اناج
هندستان سملنگنگ ٿيڻ لڳ نتيجي ۾ ٿريا بک ۾ پاهه ٿيڻ لڳا ۽ ان وقت گذاري ڪنڊي، ڪرڙ،
ڄار، ۽ ٻين وڻن جي ڇوڏن تي هوندو هو، 1952 ۽1953 وارا ڏڪار به وڏڙا سارين ٿا ان
وقت اناج آڻڻ تي بندش هئڻ ڪري ماروئڙا سخت ڏکائين کي منهن ڏيندا هئا بئراج ايراضين
کان پيادا اڌمڻ ان کڻي واپس ورندا هئا مٿان وچيان رستن، گسن ۽ گهڙن تي ڦورو ماڻهون
اهو ان فري ويندا هئا اهڙي ريت ٿرين جي مقدر ۾ ڏڪار ۽ سڪار صدين جي سفر ۾ ساٿي
رهيا آهن،1985،86،87ع دوران پيل مسلسل ٽن ڏڪارن هتي جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏي،
مالوند ماروئڙن جا ويڙها ۽ وٿاڻ ويران ٿي پيا ۽
شايد پهريون ڀيرو پرنٽ ميڊيا
(اخبارن) ان اشوز تي ٿر کي هاءِ لائيٽ ڪيو ٿري جيڪي صدين کان پنڻ کي پاپ سمجهندا
هئا ”بک مرندي بکيا ڪنهن کان گهرن“ جهڙي سٽ جا راهي دردر جا رولاڪ ڪئين بڻيا؟ کين
پنڻ تي مجبور ڪنهن ڪيو؟ جو اڄ ٿر جون ناريون، ٻڍا، ٻار هرڪنهن اڳيان هٿ ٽنگي فقط
ڪولر، پاڻي جي بوتل ۽ ڪلو دال کان ويندي لوڻ جي ٿيلهي وٺڻ لاءِ لائينون لڳايو بيٺا
آهن
عظيم ڏاهي برنارڊشا سچ چيو آهي ته ”دولتمندن ۽ سرمائيدارن جي خيرات ۽ چندي تي هلڻ
واريون سوسائيٽيون هميشه دولتمندن جي طاقت ۽ موجوده سرمائيدارانه نظام کي قائم رکڻ
۾ مددگار ثابت ٿينديون آهن اهي غريبن کي صبر ۽ تحمل جي تلقين ۽ تبليغ سان انقلابي
جذبن کي ٿڌو ڪنديون رهندو آهن ته جئين
سرمائدار بي خوف و خطري انهن جي خون چوسيندو رهي“
انهن ئي ڏڪارن کي اين جي اوز جي مها منترين سوني جهرڪي
سمجهي هتي بي رنگ ۽ اجڙيل جيون جي صحرا ۾ سڏڪندڙ انگ اگهاڙن ٻارن، جهريل جهونپڙين
۾ بک ۽ فاقاڪشي ۾ ڦٿڪندڙ عورتن ٻارن ۽ ٻڍن جي زنده لاشن ۽ مئل مال جي وکريل ڍانچن
کي سندن ڪيمرائن ۾ قيد ڪري، عالمي فلاحي ادارن ۽ دونرس کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو اهڙي
ريت ٿرين جي سماجي ۽ معاشي زندگي ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ اين جي اوز ڪلچر اڀري آيو جئين
ٿر ۾ برسات پوڻ کان پوءِ کنڀيو اڀرنديون آهن حقيقت ۾ ٿرواسين زندگي ۾ پهريون ڀيرو
قيمتي گاڏين ۾ ڪاٽن پاتل صاحبن ۽ خواتين کي ڏٺو جيڪي منرل واٽر جي بوتل مان سرڪ
ڀري هتي جي اڃاري ۽ اجڙيل ۽ بي رنگ جيون ۾ رنگ ڀرڻ جا واعدا ۽ وچن ڪري رهيا هئا
جڏهن ته ٻي پاسي سرڪار سڳوري مفت ۾ امداد ورائڻ لاءِ مقامي وڏيرن پٽيلن ۽ روينيو
عملدارن جي نگراني ۾ عام ماڻهو کي پنڻ جي گر سيکارڻ ۾ پوري هئي. اڄ 30 سال گذرڻ
کانپوءِ به ٿرواسين جي سماجي ۽ معاشي حالت بدتر آهي اچوڪي گلوبلائيزيشن واري دور ۾
به هتي جا هزاري ٻار علم کان محروم اڌ اگهاڙا ۽ بکارا جيون جي ريگزار ۾ لاوارث رلڻ
تي مجبور آهن ٿري عورتون اڄ به ٻاڙي پاڻي ڀرڻ ڪاڻ دلا ڪڇن ۾ کنيو چار کان پنج
ڪلوميٽر پري پنڌ ڪري ٿي کوهن تي اداس ۽ نراس نظر اچن ٿيون ۽ ٿر جا هزاري نوجوان
بيروزگاري جي بن ۾ ڀٽڪندي سندن جيون جا حسين ڏهاڙا بک ۽ فاقاڪشي جي چتا ۾ جلندي
گنوائن ٿا هتي معصوم ٻار غذائي کوٽ سبب اڄ به تڙپي تڙپي پساه پورا ڪن ٿا ٿر جي
ٻهراڙين ۾ اڄ به ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان
هزارين خاندان خانه بدوشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن
۽ ٿر ۾ اهڙا هزاري خاندان آهن جيڪي غربت جي لڪير کان هيٺ
زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ ڏڪار واري حالت ۾ اهي ماڻهون اڪثر پنهنجو ڌڻ ڪاهي ٻارن
ٻچن سميت بئراجي علائقن ڏانهن لڏي ويندا
آهن جتي اهي پوٺن ۽ پٽن تي پکا اڏي ويهي رهندا آهن جڏهن ته پويان ملندڙ امداد کان
هي غريب هميشه محروم ئي رهندا آهن، حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اها مفت جي امداد جيڪا
مسڪيڻ ۽ غريب ماڻهون لاءِ هجي ٿي پر افسوس جو اها سگهارين ڌرين جي ور چڙهي ويندي
آهي ۽ متاثر ماڻهون رهجي وڃي ٿو هونئن ڏٺو وڃي ته اهڙين ڏڪار وارين حالتن ۾ خود ٿر
جي سرندي وارن ۽ هنن مسڪين ماڻهن جي ووٽن تي چونڊجي آيل نمائندن هن اجڙيل خطي جي مفلس ماڻهن لاءِ ڇا ڪيو؟ ۽
سياستدان ڪٿي ستل آهن؟ تاريخ گواه آهي ته جنهن قوم جا اڪابر ڏاها، استاد ستل هوندا
آهن اها قوم هميشه تباهي ۽ بربادي جي بن ۾ ڀٽڪندي رهندي آ، حقيقت ۾ ڪابه قوم ان
وقت ڄاگندي آهي جڏهن ڪو مسحا کين جاگائڻ ۽ سڄاڳ ڪرڻ لاءِ ميدا تي نڪرندو آهي
پر افسوس جو اسان اڃان ستل آهيون ۽ هن ڏڪاريل خطي جي ڏکارن
ماڻهن کي پنڻ تي هيرائڻ ۾ پورا آهن
ٿر ي ماڻهن جي سماجي زندگي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ سڀ کان پهرين
موجود ڏڪار وراي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ متاثر خاندانن ۾ فوري طور اڌ
قيمت تي کاڌي پيتي جون شيون مهيا ڪري ڏنيو وڃن ساڳي ريت مالي لاءِ چاري جو ترت
بندوبس ڪيو وڃي گهٽ ۾ گهٽ ڪڻڪ جي بوهه ته ڏني وڃي ٿر ۾ هنگامي بنيادن تي هر پڏي
ڳوٺ ۾ صحت جي سهوليت ميسر ڪئي وڃي
ٿر جي مستقل ترقي لاءِ هي جي ڪوئل جي صعنت ۾ مقامي نوجوانن
کي مختلف فني سکيا مفت ۾ ڏني وڃي ٿر جي ٻارن جي تعليم لاءِ ترت اهڙا اپاءُ وٺڻ
گهرجن جو اهي ٻار سرڪاري خرچ تي اعلاٰ تعليمي ادارين تائين پهچن ٿر جي بند پيل
اسڪولن کي کوليو وڃي ۽ هر اسڪول ۾ مڪمل اسٽاف ڏنو وڃي اهو ڪم ٻارن جي تعليم لاءِ
اهڙا اسڪول کوليا وڃن جتي ٻار علم پرائي
سگهن انهي عمل ۾ ٿر جي سرندي وارن ۽ معتبر حضرات کي به شامل ڪيو وڃي
ٿر جي بيروزگار نوجانن کي هنگامي بنيادن تي مختلف ادارن اين
جي اوز ۽ سرڪاري کاتن ۾ ڀرتي ڪيو وڃي جئين سوين ڪٽب غربت جي مرض مان ڇٽڪارو حاصل ڪري سگهن هتي جي وارياسي زمين هيٺيان وافر مقدار ۾ پاڻي موجود آهي پاڙيسري ملڪ واري ٿر کي سامهون رکي هتي به زمين آباد ڪرڻ
لاءِ مختلف منصوبا جوڙيا وڃن
معدني وسيلن سان مالامل ٿر کي انڊسٽري زون بنايو وڃي جئين
هتي صعنتون ڪارخانا ۽ ملون لڳي سگهن
ٿر ۾ ڊاڪٽر جيمل ڌناڻي جهڙا لائيو اسٽاڪ ۾ (ڊبل پي ايڇ ڊي) جهڙا ڪيترائي مختلف فيلڊس ۾
ماهر ماڻهون موجود آهن اهڙن سڄاڻ ماڻهن کان صلاحون وٺي ٿري ماڻهن جي مال کي بچائڻ
۽ ڀاڳين جي واڙن کي خالي ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو پر ضرورت آ هڪ جذبي جي سچائي جي
صاف نيت جي ٿرين سان عشق جي محبت جي ٿر جي بکايل ماءُ جي ممتا کي آٿت ڏيڻ جي ۽ ان
معصوم فرشتي کي بچائڻ جي جيڪو ماءُ جي سڪل ڇاتي کي چوسي ته پيو پر کيس ڪهري
خبر ته امان ڪيترن ئي ڏينهن کان بکاري آ
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
Subscribe to:
Posts (Atom)














رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔