Friday, 21 November 2014
لکيڪ جي ڪهاڻِي
سائل مهراڻ
نثري احساس
ڪو به لکيڪ هن کان وڌيڪ
ڪجهه ڪونه ٿو ڪري سگهي
ته هو غريبن جي ڏکن کي
پنهنجي لکڻين ۾ لکي
ڪو پنا ڪارا ڪري
ڇو ته لکيڪ حساس دل
جو مالڪ هوندو آه
پر هو پاڻ به پنهنجي دردن کي
لڪائي
صرف غريبن جي
هڏڏوکي بڻجندو آه
ان کان وڌيڪ لکيڪ
ڪجهه ڪونه ڪري سگهندو آه
لکيڪ غريبن جا درد
پنهنجا سمجهي لکندو آه
پر انهن دردن کي گهٽائي نه سگهندوآه
ڇو ته لکيڪ جا درد
لکڻيون ظاهر ڪنديون آهن
۽ غريبن جا درد لکيڪ ظاهر ڪندو آه
پر غريب جا درد جهڏهن گهٽبا
تڏهن لکيڪ جا درد گهٽبا
پر غريبن جا درد قيامت تائين نه گهٽبا
۽ لکيڪ درد لکندا رهندا
ڇو ته لکيڪ پاڻ غريب هوندا آهن
ڪو عشق جو غريب
ڪو عزت جو غريب
ڪو پئسي جو غريب
ان ڪري لکيڪ غريبن کي
پنهنجو سمجهندو آهي
۽ غريبن جي دردن کي لکندو آه
انهن جون لکڻيون وري امير پڙهندا آهن
۽ انهن لکڻين تي داد ڏيندا آهن
ان تي لکيڪ خوش ٿيندو آه
پري وري غريبن جا درد گهيري ويندا آهن
۽ لکيڪ وري مايوس ۽ اداس ٿيندو آه
وري غريبن جا درد لکندوآه
اهڙي طرح ادب ۾
هن کي اديب جو لقب ڏبو آهي
پر انهي لقب تي نه لکيڪ جو پيٽ ڀريو
۽ نه غريب جو پيٽ ڀريو
اڄ به غريب، غريب آهي
۽ لکيڪ درد لکندوآهي
بس لکيڪ جي اها ئي ڪهاڻي آه
بس لکيڪ جي اها ئي ڪهاڻي آه
نثري احساس
ڪو به لکيڪ هن کان وڌيڪ
ڪجهه ڪونه ٿو ڪري سگهي
ته هو غريبن جي ڏکن کي
پنهنجي لکڻين ۾ لکي
ڪو پنا ڪارا ڪري
ڇو ته لکيڪ حساس دل
جو مالڪ هوندو آه
پر هو پاڻ به پنهنجي دردن کي
لڪائي
صرف غريبن جي
هڏڏوکي بڻجندو آه
ان کان وڌيڪ لکيڪ
ڪجهه ڪونه ڪري سگهندو آه
لکيڪ غريبن جا درد
پنهنجا سمجهي لکندو آه
پر انهن دردن کي گهٽائي نه سگهندوآه
ڇو ته لکيڪ جا درد
لکڻيون ظاهر ڪنديون آهن
۽ غريبن جا درد لکيڪ ظاهر ڪندو آه
پر غريب جا درد جهڏهن گهٽبا
تڏهن لکيڪ جا درد گهٽبا
پر غريبن جا درد قيامت تائين نه گهٽبا
۽ لکيڪ درد لکندا رهندا
ڇو ته لکيڪ پاڻ غريب هوندا آهن
ڪو عشق جو غريب
ڪو عزت جو غريب
ڪو پئسي جو غريب
ان ڪري لکيڪ غريبن کي
پنهنجو سمجهندو آهي
۽ غريبن جي دردن کي لکندو آه
انهن جون لکڻيون وري امير پڙهندا آهن
۽ انهن لکڻين تي داد ڏيندا آهن
ان تي لکيڪ خوش ٿيندو آه
پري وري غريبن جا درد گهيري ويندا آهن
۽ لکيڪ وري مايوس ۽ اداس ٿيندو آه
وري غريبن جا درد لکندوآه
اهڙي طرح ادب ۾
هن کي اديب جو لقب ڏبو آهي
پر انهي لقب تي نه لکيڪ جو پيٽ ڀريو
۽ نه غريب جو پيٽ ڀريو
اڄ به غريب، غريب آهي
۽ لکيڪ درد لکندوآهي
بس لکيڪ جي اها ئي ڪهاڻي آه
بس لکيڪ جي اها ئي ڪهاڻي آه
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
سائل مهراڻ جي شاعري
Subscribe to:
Post Comments (Atom)













رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔