جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Tuesday, 25 July 2017

ڪهاڻي تمنا جو موت

ڪهاڻي
سائل مهراڻ
تمنا جو موت 
قسط چوٿين
“پر توکي خبر آ منهنجي ضد اڳيان تنهنجي هڪ ڪونه هلندي” وسيم هن ڏانهن نظرون کڻي نهارندي بئير جو دٻو کنيو
“ها پر مان” ...... دانيال ڳالهائڻ چاهيو پر وسيم ڳالهه ڪٽندي چيو
“بس وڌيڪ ڏيڏر جيان ٽان ٽان نه ڪر بيئر ئي پي وٺ هن ۾ نشا ڪونه ٿيندا”  وسيم ضدي لهجي ۾ چيو ۽  بيئر جو ڏبو کوليو  دانيال هن ڏانهن نهاريندو ئي رهجي ويو
“يار هڪ ڳالهه ٻڌ هي برانڊيڊ وهسڪي آهي اها مونکي ڀانءُ ڪونه پئي. گومون جو تيار ڪيل ٺري اڳيان اهو ٽڪو لهي، پر اڄ اها پيئندس” هن وهسڪي جو گلاس ڀريندي پنهنجي پسند بيان ڪئي ۽ ٻئي گلاس کڻي بيئر وارو گلاس هن حوالي ڪيو، دانيال گلاس هٿ ۾ جهلي هن ڏانهن نظر وڌي
“يار تو چيو پئي آئون انسانيت جو پوڄاري آهيان پر هي هيڏو جٿو فوج جو ڇو ڪٺو ڪيو آهي” دانيال هن جي اهڙي روپ تي سوچندي چيو
“بس يار توکي ٻڌائڻو ئي پوندو نه ته تون ڪڏهن جان ڪونه ڇڏيندين” وسيم کي هن جي ضد جي خبر هئي سو هن سنجيده ٿيندي چيو
“ها ايئن سمجهه” دانيال به هن جو واقف هو سو  پنهنجي فخريه لهجي ۾ چيو
“بس يار جڏهن ڪاليج مان واپس آيو هئس تڏهن هڪ غريب خاندان کي ڪجهه شرپسندن اغوا ڪري ورتو هو ان کي ڇڏائڻ لاءِ انهن سڀني دوستن کي گڏ ڪيو هو، هن خاندان کي آزاد ڪرائڻ کان پوءِ انهن الٽو مونکي ڌاڙيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي ، مون چاهيو ٿي هتان ئي سياست شروع ڪندس هنن غريبن جي مدد ڪندس پر اهو خواب به اڌورو رهجي ويو ۽ هتان جا سياستدان وڏيري شرافت علي شاه مون تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا ڇو ته جنهن خاندان کي اغوا ڪيو ويو هو اهو انهن وڏيري شرافت علي شاه جي پٺڀرائي ۾ ڪيو هو، پوءَ مونکي به ڪيسن کي منهن ڏيڻو هو نه،  سو هنن کان ئي وڏيري شرافت علي شاه  جا راز وٺڻ جو سوچيو ڇو ته ان جا گهڻا اهڙا ڪم ڪيل آهن جو گهڻن کي خبر ئي ناهي، ان ڪم ۾ منهنجي وڏي مدد گومون ڪئي هئي ڇو ته   وڏيري شرافت علي شاه جا سڀ ڇاڙتا ۽ وڏيرو شرافت علي شاه به گومون جي گهر ايندا هئا، ان ڪري مونکي ان ئي خاندان سان لهه وچڙ رکڻي پئي ۽  اهي انهن وڏيري شرافت علي شاه جي ماڻهن کي ٺرو پياري راز وٺڻ لڳا پر ان ۾ ڪامياب ڪونه ٿا. ان ڪري ڪملا پنهنجي ذهن جو استعمال ڪندي منهنجو ساٿ ڏنو ۽ هن جسم فروشي اختيار ڪئي ايئن هنن جا رازا مون وٽ اچڻ لڳا ۽ اهي راز وري ڀيرو ئي مون وٽ آڻڻ لڳو هو ، هن جي هڪ ڀيڻ راڌا آهي، اها اڄ تنهنجي اڳيان پيش ٿيندي، هنن ڏٺو اسين ڪيس هارائي وينداسين سو مون تي حملا ڪرڻ شروع ٿي ويا ان ڪري پنهنجي حفاظت ته ڪرڻي ئي هئي نه”  هن جي ڳالهه کي دانيال غور سان ٻڌندي چيو
“پر توکي اهي ڪيس وڙهڻ لاءِ پئسن جي به ضرورت پئي هوندي”
وسيم پنهنجي چوطرف بيٺل همراهن ڏانهن هٿ جو اشارو ڪندي چيو  “هي پئسا مونکي هنن ڏنا”
“ اهي ايترا پئسا ڪٿان وٺي آيا هوندا”
“هي سڀ شاهوڪار آهن هنن تي هن وڏيري شرافت علي شاه جو قهر نازل ٿيو هو سو هنن جون عزتون وينديون رهيون عزت کان وڌيڪ هنن وٽ ملڪيت جو ڪو تصور ئي ڪونه هو جو اهي ملڪيت کي اهميت ڏين سو هنن مون وٽ شڪايت ڪئي مون پنهنجي مجبوري ٻڌائي جنهن تي هنن  پنهنجي ملڪيت هنن ڪيسن تي استعمال ڪئي آهي”
“پوءِ هنن جا خاندان” دانيال حيرت مان پڇيو
“هنن جا خاندان محفوظ هٿن ۾ پهچائي پوءِ ئي هتي آيا آهن”
“پر هڪ ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي”
“ڪهڙي” وسيم  پڇيو
“اها هڪ طرف چئين پيو ته تون انسانيت جي پاسي آهين ٻئي پاسي چئين ٿو ته اها ڇوڪري مون وٽ پيش ٿيندي”  هن ڳالهه کي نه سمجهندي پڇيو
“اوه اها ڳالهه پر يار جي هن جو خاندان اهو ڌنڌو نه ڪندو هجي ها ته آئون ان کي تنهنجي اڳيان نه آڻيان ها”
هنن جي گفتگو هلي پئي ۽ گڏوگڏ پيئڻ جو دور به ، ايتري ۾ ذوالفقار آيو.
“سردار ڪملا ڪونه آئي پر راڌا کي موڪلي ڏنو اٿئون چيائين پئي ته گومون بيمار ٿي ويو آهي ان ڪري نه اچي سگهان”  دانيال ۽ وسيم گومون جي بيماري جو ٻڌي به هن تي خاص ڌيان نه ڏنو  
“چلو ڪا ڳالهه ڪونهي راڌا کي هيڏانهن وٺي اچ ته صاحب کي به ديدار ڪرائي پوءِ وڃي ڪمري ۾ ڇڏجان” دانيال جي چهري تي پيشماني ۽ ڪاوڙ جو گڏيل تاثر اڀري آيو
ذوالفقار سيني تي هٿ رکي روانو ٿيو ۽ ٿوري ئي دير ۾ ذوالفقار  سان گڏ هڪ حسن جي ديوي کي پريان ايندو ڏسي ٻئي اٿي بيٺا، هن حسن جي پري جي هلڻي به  وڄ جي وراڪن جهڙي هئي ، چهرو ڄڻ چنبيلي جي تازه کليل مکڙي وري نيري جوڙي سان ايڏو اثر انداز ٿي جو ڄڻ ٻنهي سڄي دنيا جو شراب پئي ويا هجن
“مديحه” دانيال جي وات مان اوچتو لفظ نڪري پيا هن ڊوڙ ڪڍي راڌا کي ٻنهي ٻانهن ۾ جهلي حيرت مان نهارڻ لڳو، هن جلدي واپس، وري اچي وسيم جي گلي ۾ جهليو ، وسيم حيران ۽ پريشان ٿي ويو
“هي مديحه آهي نه”  هي چرين وانگر هن کي جنجهوڙندي پڇيو
“نه يار هي مديحه ڪونهي،  راڌا آهي” وسيم هن جي هٿن ۾ جهلي هٿ هٽائيندي چيو
“ڪير راڌا،  هي مديحه آهي” هن وري جنجهوڙي چيو
مديحه وري ڪهڙي هوندي، هي راڌا آهي هن گومون جي ڌي جنهنجي باري ۾  مون اڳ ۾ چيو هو” وسيم هن کي ڳالهه ياد ڏياريندي چيو
“نه هي منهنجي ڀيڻ مديحه آهي” هن وسيم جي سامهون بيهندي چيو ته وسيم کان هڪ ڇرڪ نڪري ويو
“ڇا تنهنجي ڀيڻ مديحه”
“ها منهنجي ڀيڻ مديحه آهي هي”
“يار رليڪس ٿي هي مديحه نه بلڪ راڌا آهي جيڪا گومون جي ڌي آهي،  باقي تنهنجي ڀيڻ هينئر گهر هوندي” وسيم سمجهائيندي چيو  ته هي پلٽو کائي راڌا جي ڀرسان اچي ويو
“تون مديحه آهين نه” هن راڌا کان پڇيو،  جيڪو.پاڻ حيران ۽ پريشان بيٺي هئي
“نه مان راڌا آهيان ” راڌا ڪنڌ جهڪائي جواب ڏنو ته  وسيم به ويجهو ايندي چيو “ها هي راڌا آهي”  هن کي ٿوري دير اڳ ۾ وسيم جو ٻڌايل قصو ياد اچي ويو
“ڇا بابا هن جي ماءُ سان ميلاپ ڪيو هو ” هن پنهنجي چپن ۾  ڀڻڪندي چيو
“نه نه هي چپن ۾ ڀڻڪيو“  وسيم راڌا کي وڃڻ جو اشارو ڪيو ۽ هو هلي وئي وسيم هن جي وڃڻ کان پوءِ  هن ڏانهن متوجه ٿيو  جيڪو الائي ڪهڙين سوچن ۾ گم ٿي ويو هو
“يار اها ڇوڪري تنهنجي لاءِ گهرائي هئي پر تون هن کي ڀيڻ سمجهي ويهي رهين”
هن ڇرڪ ڀري وسيم ڏانهن نهاريو  ٿوري تائين خالي نظرن سان نهاريندو رهيو پوءِ جواب ڏنو “ها يار هن جي چهري ۽ مديحه جي چهري ۾ ڪو فرق ڪونهي”
“اڇا ٿي سگهي هم شڪل هجي پر........” وسيم ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو پر جلدي ۾ زبان ڪٽرول ڪري ويو
“مونکي بابا تي شڪ پئجي ويو آهي” وسيم جيڪو چوڻ چاهيو ٿي اهو دانيال جي زبان تي اچي ويو
“ها ايئن به ٿي سگهي ٿو”  پر هي شڪ جي ضمري ۾ ايندو، پڪ سان نٿو چئي سگهجي” وسيم سنجيده ٿيندي چيو  
“راڌا ويئي يا ويٺي آهي” هن وسيم ڏانهن نهاريندي پڇيو
“ويٺي آ” وسيم جواب ڏنو
“مان هن وٽ وڃان ٿو،  اڪيلائي ۾ ملاقات ڪندس” مسلسل وسيم ڏانهن نهارندي چيو
“ڀلي وڃ” وسيم ڪنڌ هيٺ ڪري   چوندي ذوالفقار کي سڏ ڪيو
“ذوالفقار”
“جي سردار” ذوالفقار جو پريان الرٽ بيٺو هو هڪ پل ۾ هن وٽ پهچي ويو
“دانيال کي راڌا وٽ ڇڏي اچي” وسيم حڪم ڪيو  
هن سيني تي هٿ رکندي چيو “جي سردار”  ۽ دانيال ڏانهن متوجه ٿيو
دانيال هن جي پويان هلندو اڳتي وڌيو،  ذوالفقار هن کي وٺي ڊگهو ورانڊو طئه ڪري آخري ڪمري جي در وٽ اچي چيو
“جناب هو اندر ويٺي آهي ملي وٺو”  هن ڪنڌ جهڪائي هن جي سامهون ٿيندي چيو
“ٺيڪ آ تون ڀلي وڃ” هن هٿ دروازي ڏانهن وڌائيندي چيو
“جي جناب”  چوندي هو واپس وريو ۽ هي در کي ڌڪو ڏئي اندر آيو
هڪ خوبصورت ڪمرو جنهن کي شهر جي بنگلن وانگر سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، هي هلندو بيڊ جي ڀرسان بيٺو،  راڌا جڏهن  هن کي ايندو ڏٺو هو تڏهن شرم وچان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي، هن ڄاتو ٿي ته ٿوري دير ۾ وحشي بگهڙ هن جي جسم سان کيڏڻ ايندو “ڪاش مونکي خدا پهرين ماري ڇڏي ها اهڙو ڏينهن نه  ڏسڻو پئي ها” هن جي ذهن ۾ بس اهي ئي خيال اچي رهيا هئا“ هي ويجهو اچي گهڻي تائين خاموشي سان نهارندو رهيو  اخر ڪار ڳالهايو
“ڀيڻ مون کان ڊپ نه ڪجان مون تونکي ڀيڻ چيو آهي سو تون منهنجي ڀيڻ مديحه وانگي آهين”
راڌا حيران ٿيندي هن ڏانهن نهاريو هن جو وات کليل ئي رهجي ويو
“آئون ڪجهه توکان پڇڻ چاهيندس ان جو جواب ڏجان”  هن راڌا ڏانهن نهاريندي التجا ڪئي راڌا بيڊ تان اٿي هن جي ويجهو آئي هن جي چهري ۾ نهاريو راڌا جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا، دانيال هن کي ڇڪي هڪ ڀاءُ وانگر هن جو مٿو پنهنجي ڪنڌ تي رکيو
“پڇو ڇا ٿا پڇڻ چاهيو“ راڌا سڏڪندي چيو
“بس گهڻو ڪجهه ڪونهي هڪ انتهائي ڪڙو سوال آهي پر اهو ٿي سگهي ڪوڙو به هجي ٿي سگهي سچو”
“الائي ڪهڙو“ راڌا دانيال جي ڪنڌ تان مٿو مٿي کڻندي چيو
“اهو اهو ته ڇا اوهان جسم فروشي ڪيو ٿا”؟ هن لهجي ۾ غم ۽ ڏک ڀرجي آيو
راڌا تي ڄڻ ڪنهن هزارين ٽن وزن هيٺيان دٻائي ڇڏيو هجي ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو “اها حقيقت ئي آهي، اسان جو گهر هن ئي ڌنڌي تي هلي ٿو”
“ڇا توهان جي گهر ڊاڪٽر الله نواز ايندو آهي” هن اصل ڳالهه ڏانهن ايندي پڇيو
“نه هن کي آئون ڪونه ٿي سڃاڻان”  راڌا هن ڏانهن نهارندي چيو
“ڊاڪٽر الله نواز منهنجو بابا آهي ان ڪري توکان پڇيو هو، ڇو ته منهنجي هڪ ڀيڻ آهي ان جو چهرو ۽ تنهنجو چهرو بلڪل همشڪل آهي” هن پنهنجي اصل ڳالهه ظاهر ڪئي راڌا هن ڏانهن نهارندي رهي ۽ هي گهڻي تائين الائي ڇا سوچندو رهيو
“تون پنهنجي ماءُ کان پڇي ڏيندين ته هو ڊاڪٽر الله نواز کي ڄاڻي ٿي”
“ها آئون پڇا ڪندس امان کان” راڌا هن جو ساٿ ڏيڻ جوسوچي جواب ڏنو
“ته ٺيڪ آئون ٻاهر وڃان ٿو وسيم وٽ تون سڀاڻي پڇي ٻڌائجان، مان هتي ئي هوندس”
“ٺيڪ آ ڀلي وڃو” دانيال تکا قدم کڻندو در تائين پهتو ته جلد بيهي رهيو
“ڀيڻ”  هن سڏ ڪيو ، راڌا جيڪو هن کي ويندي ڏسي رهي هئي هن جي سڏ تي ويجهي آئي ته هن کيسي مان پرس ڪڍي  هزار جا پنج نوٽ ڪڍي هن کي ڏنا
“مهرباني ادا، اهي پئسا مون لاءِ وڏي پريشاني هئا نه ته مان وسيم ته ڇا وڏيرو شرافت علي شاه به چئي ها ته موت کي ترجيح ڏيان ها پر بابا جي طبعيت مون کي هتي وٺي آئي ان لاءِ پئسي جي ضرورت هئي ” دانيال ڇرڪ ڀري هن ڏانهن ڏٺو
“ ڇا تون اهو ڌندو نٿي ڪرين ”
“نه اسان جو خاندان اهڙو ڪونهي جو هو ڪوٺو بڻيل هجي بس ڪنهن مجبوري تحت ئي امان اهو ڌندو ڪيو هو پر مونکي هن ڌندي کان پري رکيو هو” راڌا سنجيدگي سان چيو “ڪلهه بابا جي طبيعت خراب ٿي وئي ڊاڪٽر چيو پئي هن جا ٻئي گڙدا ختم ٿي ويا آهن” هن جي لهجي ۾ ڏک ڀرجي آيو
“ڇا”؟........  دانيال جو وات ڦاٽي پيو
“جيڪو چيو سچ چيو آهي”  راڌا نارمل لهجي ۾ چيو
“بابا ڪٿي آهي تنهنجو”؟  هن جي چهري تي ڏک جون ريکائون اُڀري آيون پريشان ٿيندي چيو
“گهر” راڌا سنجيدگي سان جواب ڏنو
“گهر”...... “اسپتال ڪونه وٺي ويا ” هن حيرت ۽ پريشان مان چيو
“پئسا ڪونه هئا ان ڪري وٺي ڪونه وياسين” راڌا پنهنجي غربت تي پشيمان ٿيندي چيو  ۽ هي ٽٻي ۾ پئجي ويو گهڻي تائين سوچيندو رهيو پوءِ  چيو
“اچو آئون اوهان جي گهر هلندس ”
“هينئر”؟
“ها هينئر” چوندي هن جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو هن کي ڇڪيندو وسيم وٽ وٺي آيو
“وسيم چاچي گومون جي طبعيت خراب آهي توکي خبر ڪونهي ڇا ” هن تڪڙو چيو
“ڇا”؟ چاچي گومون جي طبيعت خراب آ ” وسيم پريشان ٿي ويو
“ها بابا جي طبعيت خراب آهي” راڌا وچ ۾ ڳالهايو جنهن جي لهجي ۾ ڏک ڀريل هو
“پوءِ ڀيرو يا تو مونکي ٻڌايو ڪونهي” وسيم پريشان ٿيندي شڪايت ڪئي
“تنهنجو قرض اڳي ئي گهڻو آهي وڌيڪ ڪهڙي نڪ گهرون” راڌا ڏک واري لهجي ۾ چيو ، وسيم هن جي ڳالهه نظر انداز ڪندي
 “دانيال مون شراب گهڻو پئي ڇڏيو آهي پاڻ سنڀالي نه سگهندس تون چاچي کي وٺي وڃ خرچ آئون ڀرندس سڀاڻي تائين مان پهچي ويندس”
“ٺيڪ آ مان وٺي وڃان ٿو” چوندي هي ۽ راڌا روانا ٿيا ته پويان وسيم سڏ ڪيو “يار هي پئسا ته کڻي وڃ ”
دانيال واپس ڊوڙ ڪڍي وسيم کان  ڏهه هزار ورتا ۽ واپس وريو ، جلدي گاڏي ۾ سوار ٿي گومون جي گهر پهتا جتي ٻه ٽي ڄڻا ڪچو ٺرو پئيندي گپ سپ لڳايو ويٺا هئا، اچتو گاڏي ايندي ڏٺي سو ڀڄڻ لڳا ۽ هي گاڏي مان لهندي راڌا سان گڏ جلدي لوڙهي ڏانهن وڌڻ لڳو ڀيرو به اوچتي گاڏي ايندي ڏٺي سو ٺرو لڪائي ٻاهر ڀڃي جائزو وٺڻ لڳو ، راڌا ۽ دانيال اچي پيءُ وٽ پهتا ڪملا راڌا کي ڏٺو سو رليڪس ٿي ۽ حيران ٿيندي راڌا کان پڇيو
هي ڪير آهي
“هن ادا مونکي ڀيڻ چيو آهي، ادا نالو تو ڪونه ٻڌايو”
دانيال جو پوڙهي گومون کي ڏٺو هو سو ان کي نهارندو ئي رهجي ويو هو سو هن جي پڇڻ تي هنن ڏانهن متوجه ٿيو
“جي دانيال نالو آهي آپي”  “ڊاڪٽر الله نواز جو پٽ ” ڪملا کي ڄڻ ڪنهن زوردار ڌڪ هڻيو هجي هن جو مٿو چڪرائجڻ لڳو، ها اهو ئي ڊاڪٽر هو جنهن منهنجي جسم سان کيڏيو هو ۽ ان جي پيدائش راڌا هئي
“امان ڇا ٿيو” راڌا هن کي دانيال ڏانهن نهارندي اکين ۾ لڙڪ ڏٺا سو پڇيو
“ ڪجهه ڪونهي”  
دانيال ويجهو ايندي چيو “چاچا جي طبعيت گهڻي خراب آهي هن کي هينئر ئي اسپتال وٺي هلو”

“پر”.... ... ڪملا ڪجهه چوڻ چاهيو ته دانيال هن ڳالهه ڪٽيندي چيو 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

1 تبصرا:

  1. سلام،
    مان مسٽر جوش هاکلي، هڪ ذاتي قرض جو قرضدار آهيان جن کي ڪو به باضابطه بغير 2٪ سود جي شرح تي ماڻهن، ادارن، تنظيمن وغيره جي رهائش جو موقع فراهم ڪري ٿو .... توهان کي پنهنجي قرض کي ادا ڪرڻ لاء فوري طور تي قرض جي ضرورت آهي يا نه. توهان کي پنهنجي ڪاروبار کي بهتر ڪرڻ لاء قرض جي ضرورت آهي؟ توهان بينڪن ۽ ٻين مالي ادارن طرفان رد ڪيو ويو آهي؟ ڇا توهان کي هڪ گهربل قرض يا گروي رکڻ جي ضرورت آهي؟ توهان جا سڀ ڳڻتي ختم ٿي ويا آهن ڇو ته اسين هتي توهان جي سڀني مالي مسئلن کي ماضي جي ڪا شيء ٺاهڻ لاء هتي آهيون.
    وڌيڪ تفصيل لاء اسان سان رابطو ڪريو (Joshhawleyloanfirm@gmail.com) تي اي ميل تي.

    احترام!

    ReplyDelete

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔