جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Tuesday, 25 July 2017

ڪهاڻي تمنا جو موت

ڪهاڻي
سائل مهراڻ
تمنا جو موت
قسط پنجين
“پئسن جي ڳڻتي نه ڪجو هن جو خرچ مان ڀرندس”
ڀيرو جيڪو لوڙهي کان ٻاهر هو ۽ هن کي پڪ ٿي ته پوليس ڪونه آهي سو اچي ويو
“ڇا بابا کي هنئير ئي وٺي هلنداسين”  دانيال جو پويان مردانو آواز ٻڌو سو مڙي هن ڏانهن ڏٺو
“ها هينئر ئي وٺي هلنداسين” دانيال پراعتماد لهجي ۾ چيو
“راڌا تون دانيال لاءِ چانهه ٺاهه” ڪملا جيڪا ايستائين ڳالهين ۾  چانهه جي صلاح ڪرڻ وساري وٺي هئي سو ياد ايندي راڌا کي چيو
“جي امان” چوندي راڌا اڳتي وڌي ته دانيال انڪار ڪندي چيو
“نه نه چانهه جي ضرورت ڪونهي مريض کي جلد اسپتال پهچائڻ کپي نه ته خطرو وڌي ويندو”
“جيئن پٽ تنهنجي” مرضي ڪملا جواب ڏنو ۽ سڀئي اچي گومون کي کڻي گاڏي ۾  وڌو ، ڪملا ۽ ڀيرو گاڏي ۾ چڙهيا راڌا ٻاهر بيٺي رهي،  دانيال هن وٽ آيو
“آپي تون ڪونه ٿي هلين” ايندي راڌا کان پڇيو
“نه گهر ڪو ماڻهو ڪونهي ان ڪري مونکي هتي ئي رهڻو پوندو” راڌا جواب ڏنو
“چلو ٺيڪ آ مان سڀاڻي ايندس تو وٽ گهٻرائجان نه مالڪ چڱي ڪندو، مان چاچي جو علاج ڪرائيندس“ چوندي هن جو مٿو ڇاتي سان لڳائي وڏي ڀاءُ وانگر پيار مان ٿپڪيو ۽ پوءِ اچي گاڏي اسٽارٽ ڪئي راڌا اتي بيٺي رهي جيستائين گاڏي لوڙهو ٽپي موڙ کائي اڳتي نڪري وئي
دانيال گاڏي روڊ تي آڻيندي پهرين وسيم کي ڪال ڪئي ته اسين نڪري ويا آهيون پوءِ پيءُ کي ڪال ڪئي ته “هڪ مريض جي حالت سيريس آهي ان کي آئون وٺي پيو اچان اوهان اسپتال پهچو”  ۽ پوءَ رليڪس ٿي گاڏي جي اسپيڊ وڌائي ڇڏي ، اڌ ڪلاڪ جو سفر بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪٽجي ويو ، اسپتال جي گيٽ تي ڊاڪٽر هنن جو انتظار ڪري رهيو هو ، جلدي ۾ مريض کي وارڊ ۾ شفٽ ڪيو ويو ڊاڪٽر چيڪ اپ ڪري ٽيسٽون لکيون، ڀيرو به دانيال گڏ گڏ پئي هليو ۽ ڪملا  کي هڪ بينچ تي ويهاري ٻنهي مريض جو ڪم ڪيو پئي
دانيال پنهنجي دوست، جنهن جي ليباريٽري هئي ان کي فون ڪري اٿاريو ۽ ليباريٽري کولي ٽيسٽون ڪيون
ڊاڪٽر هن جون ٽيسٽون ڏسي مريض جي حالت سيريس ٻڌائي پنهنجي هڪ گڙدن جي ماهر ڊاڪٽر کي فون ڪري انهي  کان ٽائيم ورتو ، هن اچي ٽيسٽون چيڪ ڪيون مريض کي پنهنجي ذاتي سينٽر تي شفٽ ڪرڻ جو چيو، ڇو ته سرڪاري اسپتال ۾ ڊائيلائيسز ڪرڻ جي ڪو به سهولت ڪونه هئي ، سو جلد ۾ هن کي هوڏانهن شفٽ ڪيو ويو ڪجهه ٽيسٽون رهيل هيون اهي ڪيون ويون ، ڊاڪٽر الله نواز ۽ دانيال ٻئي ڊاڪٽر وٽ ويٺا هئا ڊاڪٽر عبدالعزيز ٽيسٽون چيڪ ڪري چيو
“مريض جي حالت تمام گهڻي سيرئيس آهي بچڻ جا امڪان گهٽ آهن ڊائلائسز ڪرڻ سان ڪجهه ٿي ڪونه سگهندو جي جلد ڪو گڙدو هن کي ڏيڻ وارو ملي وڃي ته اڃان بچڻ جا امڪان آهن” “ٻيو خرچ به اهي برداشت ڪري ڪونه سگهندا ڏسڻ ۾ غريب ٿا اچن آئون پنهنجي طرفان ڀلي آپريشن جا پئسا نه به وٺان پر ٻيو خرچ ته ڀرڻو پوندو نه” ڊاڪٽر هنن ٻنهي پيءُ پٽ کي چيو،  
“اوهان ٻئي اچي هن ڪيس ۾ پيا آهيو ڇڏي ڏيو اوهان کي ڇا آهي هزارين ماڻهو مرن ٿا روز ڪهڙو فرق پوندو هي هليو ويو” هنن کي مشورو ڏيندي ڊاڪٽر جي چهري تي فتح جا آثار نمودار ٿي پيا
“ڊاڪٽر اوهان ڊائلاسز ڪيو خرچ مان برداشت ڪندس ” دانيال ڊاڪٽر عبدالعزيز جي چهري ۾ نهاريندي چيو
“اوهان جي آپريشن جا به پئسا ڏيندس” هن جي چهري تي ناگواري جا تاثر نمايان نظر اچڻ لڳا هئا
“دانيال”.............. ڊاڪٽر الله نواز دانيال کي سمجائڻ جي نوع ۾ چيو
“ڊيڊ ڇا اوهان چاهيو ٿا ته منهنجي ڀيڻ جو پيءُ مري وڃي” “هي منهنجي ڀيڻ جو پيءُ آهي مان پنهنجي ڀيڻ لاءِ جان ڏئي ڇڏندس هي خرچ ڪهڙي شيءِ آهي” دانيال پيءُ جي چوڻ تي خفا ٿيندي جواب ڏنو
“دانيال هي تون ڇا پيو چئين” ڊاڪٽر الله نواز پريشان ۽ حيران ٿيندي چيو
“ڊيڊ جيڪو اوهان ٻڌو اهو سچ آهي” دانيال پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو  “هنئير وڌيڪ ڳالهائڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو اوهان ڊاڪٽر کي چئو هن جو علاج ڪري ”
ڊاڪٽر الله نواز ، ڊاڪٽر عبدالعزيز ڏانهن ڏسندي چيو پر هن جي چهري تي پريشان واضح نظر اچي رهي هئي
 “ڊاڪٽر اوهان علاج ڪيو مان وڌيڪ اوهان سان سڀاڻي ڳالهائيندس چئي اٿيو” ڳالهه ختم ڪندي دانيال ڏانهن ڏٺو
“دانيال هلون”  
“جي ڊيڊ” چئي دانيال اٿيو ته ڊاڪٽر الله نواز  ٻئي اٿي ٻاهر آيا
“دانيال تون چريو آهين ڇا”؟ هي غريب ٽڪي جا ماڻهو هنن جي ڌي کي ڀيڻ چئي اٿو” ڊاڪٽر الله نواز پٽ کي سمجهائڻ واري نوع ۾ چيو
“ڊيڊ آئون وڌيڪ ڪجهه ڪونه چوندس سڀاڻي توهان پاڻ ڏسي حيران ٿي ويندا ته مون ڀيڻ ڇو چيو هو هن ڇوڪري کي” هو پيءُ ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ سڌو اڳتي وڌي ڪملا ۽ ڀيرو وٽ آيو.
“ڊاڪٽر چيو آهي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو هڪ گڙدي جي ضرورت پوندي اوهان مان ڪير ڏيئڻ پسند ڪندو؟ ”
ڀيرو ۽ ڪملا تي ڄڻ ايٽم بم ڪري ويو، هن ڇرڪ ڀري دانيال ڏانهن ڏٺو، يڪدم آواز نڪري ويو
“ڇا”؟..............
“ها هڪ گڙدي جي ضرورت آهي اوهان مان ڪير ڏيڻ پسند ڪندو؟” دانيال جون نظرون هنن جي چهري جا تاثرات نوٽ ڪرڻ لڳيون گهڻي دير خاموشي کان پوءِ ڀيرو چيو “ها مان ڏيندس پنهنجو گڙدو”
ڪملا جو پنهنجي پٽ جو فيصلو ٻڌو سو ممتا جاڳي پئي “ نه مان پنهنجو گڙدو ڏيندس”
“ٺيڪ آ مان ڊاڪٽر کي اوهان جي ڳالهه ڪيان ٿو پوءِ جنهنجو گڙدو کپيو ان جو ڪڍنداسين ” دانيال اطمنان جو ساهه کڻندي چيو ۽  سڌو ٻاهر هوٽل تي آيو، رات جو ساڍه ٻارنهن ٿي رهيا هئا ۽ هوٽل جا  ڏينهن وارا سڀ ملازم گهر وڃي چڪا هئا، جڏهن ته هوٽل جي دخل تي هڪ نوجوان ڇوڪرو ويٺو هو ٻه ٻيا همراه شايد رات جي ڊيوٽي لاءِ رکيل ملازم هئا اهي ٻاهريون سامان اندر رکي رهيا هئا، شايد دانيال هوٽل ڏينهن رات مرضن جي ڪري کليل ئي رهندي هئي ڇو ته  ڪجهه گراهڪ چانهه پيءُ رهياهئا، هي اندر اچي  چانهه  جو چئي  هڪ ڪرسي تي ويهي رهيو ٿوري دير ۾ چانهه  ڪپ پي ٻه چانهه جا ڪپ وٺي آيو هي ٻئي چانهه پئڻ لڳا
ته نرس اچي چيو ڊاڪٽر سڏي پيو، دانيال ڊاڪٽر وٽ آيو
“جي ڊاڪٽر صاحب ”
”اوهان شايد جذباتي ٿي ويا هئا هاڻ خرچ ڏسو هن آپريشن تي ايترو خرچ ايندو اوهان ڀري سگهندا؟”
هن پرچو کڻي ڏٺو هڪ لک ويهه هزار ....
“ڊاڪٽر! ڪا ڳالهه ڪونهي مان اڌ رقم سڀاڻي جمع ڪرائيندس ۽ بقايا مريض کي اجازت وقت مڪمل ڪرائيندس اوهان علاج شروع ڪيو ” دانيال پرچي ۾ نهارندي ئي جواب ڏنو
“ٺيڪ آ ڪو گڙدو ڏيڻ وارو مليو آهي”
“جي هن جو پٽ ۽ هن جي زال ٻنهي ڏيڻ جو چيو آهي پوءِ جنهن جو ميچ ٿيئي ان جو لڳائجو”
“ٺيڪ آ ٻنهي جو چيڪ اپ هنئير ئي ڪرايون ٿا ڇو ته مريض جي حالت تمام گهڻي سيريس آهي جيترو جلد ٿي سگهي آپريشن ٿي وڃي بهتر رهندو” ڊاڪٽر سوچيو پئي ته دانيال خرچ افورڊ ڪري نه سگهندو ۽ مريض مان هٿ ڪڍي ڇڏيندو ڇو ته ڊاڪٽر الله نواز هن کي پوري طرح سمجهايو هو ته ڪنهن به ڪري دانيال کي هن ڪيس مان هٿ ڪڍرائي، پر دانيال پنهنجي ضد تي بيٺو رهيو، پنهنجا سڀ بهانا هلايا هئا پر هن جو هڪ بهانو نه هليو سو مجبورن هن کي چوڻو پيو!
“اوهان ٻنهي کي وٺي اچو”
“جي ڊاڪٽر”  چئي هي اٿي سڌو هنن وٽ آيو
“ڊاڪٽر چئي ٿو اوهان جي هنئير ئي ٽيسٽ ورتي ويندي جيئن جلد آپريشن ٿي وڃي سو هلو ٽيسٽون ٻيون ڪرايون”
هاڻ  ڊاڪٽر عبدالعزيز جي ڪوشش هئي جيترو جلد ٿئي هن جي زندگي بچائي وڃي سو سڀ ڪم هينئر ئي نپٽائڻ پئي چاهيائين سڀئي ٽيسٽن جا سيمپل ڏئي هي ٻئي وري وارڊ ۾ آيا ۽ دانيال ڊاڪٽر ڏانهن هليو ويو ۽ ڊاڪٽر هن کي ڪجهه هدايتون ڏئي پاڻ به ننڊ ڪرڻ هليو ويو،  فجر جي ٻانگ آئي ته سڀ ٽيسٽون اچي ويون دانيال اٿي نماز پڙهڻ ويو هليو،  جڏهن نماز مان پڙهي واپس آيو ته ڊاڪٽر به اچي ويو سڀ ٽيسٽون نهاري دانيال ڏانهن ڏٺو
“دانيال”.......
“جي ڊاڪٽر”  هن جي لهجي ۾ فڪر ظاهر هو
“مونکي افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته هنن جا گردا مريض کي نٿا لڳي سگهجن”
”ڇا”؟......... دانيال جو وات ڦاٽي ويو
“جي ڇوڪري جي گڙدن تي شراب جو اثر آهي جيڪو هن لاءِ به نقصانده ثابت ٿيندو جڏهن ته عورت جي گڙدن تي به ڪجهه اثر لڳي ٿو امڪانن ڪجهه ٿي پئي ان ڪري اهو به نٿو لڳائي سگهجي، اڄ لڳايون سڀاڻي فائدو به نه ٿئي پوءِ ڪهڙي ڪم جو،  هاڻ اوهان جي مرضي”....
دانيال ٻئي هٿ مٿي جي وارن ۾ ڦاسائي ڪنهن اونهي سوچ ۾ هليو ويو ۽ پوءِ سڌو ڀيرو ۽ ڪملا وٽ آيو  هن کي خبر نٿي پئي ته هنن کي ڪهڙي نموني ٻڌايان
“ڇا آهي پٽ تون پريشان پيو لڳين” ڪملا هن جي بيچني ڏسي پڇيو
“جي اوهان جا گڙدا”............ هن جي زبان تي اڳيان ڳالهائڻ لاءَ لفظ نه آيا
“ڇا ٿيو ٻڌا ته سهي يار”..........ڀيرو جيڪو هن جي ائين چوڻ تي پريشان ٿي اٿيو هو سو جلدي هن وٽ آيو
“اوهان جا گڙدا ميچ ناهن ٿي سگهيا باقي هاڻ راڌا جي ٽيسٽ ڪرائڻي پوندي ٿي سگهي هن جو گردو ميچ ٿي وڃي”  هن جي لهجي ۾ ڏک ڀرجي آيو هو هن گومون ڏانهن ڏسندي چيو
“ڇا” ٻنهي جي وات مان نڪري ويو
“بس يار ڊاڪٽر چيو آهي ته اوهان جا گڙدا ميچ ناهن ٿي سگهيا” دانيال ساڳي لهجي ۾ چيو “پر هاڻ پاڻ وٽ پهرين راڌا جي ٽيسٽ ڪرائڻي پوندي ان کانپوءِ ٻيو نهارڻو پوندو”
“ها ايئن ٿا ڪيون” ڀيرو جلد بازي ۾ چيو جڏهن تي ڪملا تي سڪتو طاري ٿي ويو
“امان تون هتي ويهه اسين وڃون ٿا راڌا کي ڪوٺي اچون” ڀيرو چوندي اٿيو ۽ دانيال سان گڏ ٻاهر نڪري ويو
صبح جا اڃان ست مس ٿيا هئا دانيال ۽  ڀيرو راڌا کي وٺڻ لاءِ نڪري چڪا هئا ته پويان ڊاڪٽر الله نواز اچي ويو ، هي سڌو ڊاڪٽر عبدالعزيز وٽ ويو هن کان پوري رپورٽ وٺي پهرين ته پريشان ٿي ويو پوءِ ڪجهه سوچي چيائين  “يار هلو مريض کي به ڏسون” ۽ پوءِ  ٻئي ڊاڪٽر هلندي ڪمري ۾ داخل ٿيا،  ڊاڪٽر الله نواز جا قدم اوچتو رڪجي پيا،  هن جو مٿو چڪرائجڻ لڳو هي ڪرڻ تي هو ته  ڊاڪٽر عبدالعزيز هن کي سنڀاليو
“ڊاڪٽر صاحب ڇا ٿيو” ڊاڪٽر عبدالعزيز هن کي سنڀالندي پڇيو “طبيعت ته ٺيڪ آ نه”
ايتري ۾ هن پنهنجو پاڻ سنڀالي ورتو!
“ جي ٺيڪ آهيان اوهان مريض جي تپاس ڪيو مان بيٺو آهيان” هن سنجيده ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي چيو
ڊاڪٽر عبدالعزيز هن کي ڇڏي مريض کي تپاس ڪيو ته ڪملا سرڪي اچي الله نواز جي ڀرسان بيٺي
“شايد اوهان مونکي سڃاڻي ورتو هوندو نه سڃاڻو هجي ته مان اوهان کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرايان”
“جي سڃاڻي ورتو آهي”  هن صرف ايترو چيو هو ته ڊاڪٽر عبدالعزيز هنن وٽ پهچي ويو  سو هي مڪمل ڳالهه ڪري نه سگهيا
“اوهان مريض کي دوائون سهي نموني ڏيندا رهو مالڪ ڀلي ڪندو” ڊاڪٽر عبدالعزيز هن کي مشورو ڏنو.
“جي” هن مختصر ئي چيو
”ڊاڪٽر هلون” ڊاڪٽر  عبدالعزيز چيو
”جي هلو” چئي  ٻئي ڪمري کان ٻاهر نڪري آيا، ٻاهر نڪري ڊاڪٽر الله نواز الائي ڪهڙين سوچن ۾ پئجي ويو ، ٿوري تائين عبدالعزيز وٽ ويهي واپس گهر هليو آيو.
 ڀيرو ۽ دانيال ڳوٺ پهچي ويا گهر ايندي ڀيرو راڌا کي سڏ ڪيو
“راڌا او راڌا”........
“جي ادا”.... راڌا چاچي جي گهر مان جواب ڏنو
“ڪٿي آهين جلدي اچ”.... هن کي جلد اچڻ جو چيو
“جي ادا آئي” هو جلدي چاچي جي گهر مان اٿي هلي آئي
“راڌا چانهه ڪر ۽ جلد تيار ٿي توکي اسان سان گڏ هلڻو آ” ڀيرو راڌا کي چيو  
“جي ادا بابا جي طبعيت ته ٺيڪ آ نه” هن کي ايئن هلڻ جو چوڻ تي ٿوري پريشاني ٿي وئي
“ها ٺيڪ آ پر”........  هن ڳالهه کي اڌ ۾ ڇڏندي چيو “تون جلدي تيار ٿي ”
راڌا جلد چانهه تيار ڪرڻ لڳي دانيال ۽ ڀيرو هڪ کٽ وڇائي ان تي ويهي رهيا ڀيرو خاموش ٿيو ويٺو رهيو ۽ دانيال هن جي گهر جو جائزو وٺڻ لڳو
جهريل لوڙهو، ٻه چونئرا اهي به  اڌ گابرا ٺهيل هڪ لانڍي، اوٽو پراڻو ۽ گهڻين جڳهين تي ٽٽل دانيال جي اکين ۾ لڙڪ ويهي آهي
هن سوچيو هي غريب ضرور آهن پر دريا دل ماڻهو آهن جيڪو صرف دلين ۾ محبت ئي کڻي هلن ٿا، هي ڌنڌو ڀلي برائي وارو ڪن ٿا پر هنن وٽ انسانيت اڃان باقي آهي جو هنن بنا ڪجهه چوڻ تي مونکي ايڏو مان ڏنو آهي! جيڪو شهرانهن مهذب ماڻهن جي مدد ڪرڻ مهل به ڪونه ڏنو هو، ايتري ۾ راڌا چانهه کڻي آئي هنن کي چانهه ڏئي پاڻ تيار ٿيڻ هلي وئي، هي ٻئي خاموشي سان چانهه پيڻ لڳا، راڌا تيار ٿي چانهه پيءِ اٿي  چيو “ادا ماني پچايان”
“نه دانيال جواب ڏنو دير ٿي ويندي چاچي به اتي اڪيلي آهي جلد پهچڻو آهي چئي اٿيو”  ۽ راڌا چاچي جي گهر وڃي هنن کي گهر جي پارت ڪري آئي، گاڏي جيئن رستي تي آئي دانيال گاڏي جي اسپيڊ وڌائي ڇڏي ۽ موبائيل کڻي وسيم جو نمبر ملايو
“جي جاني ڇا حال آهي” وسيم جو ننڊاڪيل آواز ائير پيس تان ڪن تي پهتو
“ٺيڪ اٿيو آهين يا اڃان ستو پيو آهين”
“يار اٿڻ اهڙو سوير ڪٿي بس تنهنجي رنگ سجاڳ ڪيو”  
“اڇا پوءِ ڪيتري دير ۾ ٿو شهر پهچين”
“ڇو ڪم آهي ڇا؟” هن کي رات واري ڳالهه وسري وئي هئي
“يار رات واري ڳالهه ڀلجي وئين ڇا؟”  
“وسيم پنهنجي ذهن تي زور ڏئي سوچيو ۽ چيو
“اڙي يار چاچي گومون جي طبيعت هنئير ڪيئن آهي”
“بس ٺيڪ آهي تو ڪيتري دير ۾ پهچين ٿو”
“بس ائين سمجهه ڪلاڪ اندر پهچي ويندس”
“ٺيڪ آ مان هينئر ڀيرو سان گڏ ڳوٺ آيو هئس راڌا کي ڪوٺڻ سو هاڻ واپسي وڃان پيو تون به جلدي پهچي وڃجان”
“جي تون بي فڪر ٿي رهه”
“ها پئسا به کڻي اچجان پنجاهه هزار کن”
“ٺيڪ آ ائين سمجهه اهي تنهنجي جيب ۾ آهن”
“اوڪي وڌيڪ روبرو ڳالهه ڪبي”
دانيال ڪال ڪٽي پيءُ جو نمبر ملايو ، رنگ وڄندي رهي پر پريان ڪير به ڪال اٽينڊ نه ڪري رهيو هو
هن فون ڊس بورڊ تي اڇلي ڇڏيو ۽ گاڏي جي اسپيڊ وڌيڪ وڌائي ڇڏي گاڏي ڄڻ هوا ۾ اڏامڻ لڳي هئي، اڌ ڪلاڪ کان گهٽ وقت ۾ اسپتال پهتا هئا ڊاڪٽر راڌا جو چيڪ اپ ڪري ٽيسٽون لکيون ۽ دانيال ڀيرو ٻئي ليبارٽري ڏي ويا، سڀ ٽيسٽ لاءِ سيمپل ڏئي ڀيرو راڌا کي وٺي ماءُ وٽ آيو، دانيال ليبارٽري واري کي ڊي اين اي جي به ٽيسٽ جو چئي ڇڏيو ، اسپتال جي سرپرستي ڊاڪٽر عبدالعزيز جي هئي هن پنهنجي ڪوشش سان اسپتال کي جديد ٽيڪنالوجي سان آراسته ڪري ڇڏيو هو،  ايتري قدر جو گردن ۽ دل جو به آپريشن هتي ڪيو ٿي ويو، ان کان علاوه جديد ليبارٽري ۾ اهي ٽيسٽون ڪيون ٿي ويون جيڪي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۾ ٿيو ن ٿي سو دانيال جي چوڻ مطابق ڊي اين اي ٽيسٽ به ڪري ڇڏي،  دانيال پنهنجي به ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ٻئي ٽيسٽون الڳ رکڻ جو چيو، اڌ ڪلاڪ اندر ڪجهه اهم ٽيسٽون ٿي ويون هيون سي کڻي دانيال ڊاڪٽر وٽ آيو ڊاڪٽر گهر ويل هو سو هي به انتظار ڪرڻ لڳو ، ايتري ۾ فون جي رنگ وڳي، هن نمبر ڏسي ڪال اٽينڊ ڪئي.  
“هيلو ڊيڊ گوڊ مارنگ ”
“گوڊ مارنگ ڊيئر”
“ڇا حال اٿو”
“بلڪل ٺيڪ ٺاڪ اوهان ٻڌايو”
“بلڪل ٺيڪ آهيان، ڊاڪٽر مونکي خرچ جو ٻڌايو هو سو مون هن کي هڪ لک ڏئي ڇڏيا آهن”
“ڊيڊ”....... هن حيرت ۽ خوشي جي گاڏڙلهجي ۾ چيو
“ها پٽ تو چيو هو ته مان پنهنجي ڀيڻ جي پيءُ کي بچائيندس سو ائين سمجهه هو منهنجي به ڌيءِ ٿي مان ٿورو ئي چاهيندس ته منهنجي ڌيءِ تي ڏکيو وقت اچي”
“ٿينڪ يو ڊيڊ آئي لو يو ”
“اوڪي اوڪي مان هاڻ ڊيوٽي.تي وڃان پيو جيئن ڊيوٽي تان موٽندس اوهان وٽ اچي ويندس ”
“اوڪي ڊيڊ”........
هن ڪال ڪٽي موبائل جيب ۾ رکيو ته ڊاڪٽر عبدالعزيز اچي ويو، هن ٽيسٽون ڏنيون ٽيسٽون چيڪ ڪري هن جي چهري تي خوشي ڊوڙي آئي
“مبارڪون پيارا دانيال ڇوڪريءِ جو گڙدو ميچ ٿي ويو آهي پاڻ جلد ئي مريض جو آپريشن شروع ڪنداسين”
دانيال جو چهرو خوشي مان ٻهڪي پيو هن وٽ ڪي لفظ نه هئا جو پنهنجي خوشي جو اظهار ڪري

“اسلام عليڪم ڊاڪٽر صاحب ۽ دانيال صاحب” هڪ اجنبي آواز هنن  کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔