Wednesday, 3 December 2014
گهوڙن جو خفت ۽ سنوار خالد ڪنڀار" ڪاوش اخبار
ٻيلي سڀ کان پهرئين سنوار جي نگاه هوندي آهي
گهوڙي جي عمر تي.جي ڀلا ڪچو هڏ آهي. تـ سنوار جي هٿ ۾ رڳو واڳ اچي پوءِ جي
ڀلو سنوار آهي. تـ گهوڙي کي ٺاهيندي دير ئي ڪونـ ڪندو. اها بـ گهوڙي جي عمر
آهي . وڌ ۾ وڌ ٻـ سالن جو هجي تـ اتان سنوار جي محنت شروع ٿئي ٿي.گهٽ ۾
گهٽ ڇهـ مهينا، وڌ ۾ وڌ سال ٻن سالن ۾ سنوار گهوڙي کي هلڻ سيکاري ڇڏيندو.
ڪهڙو بـ جڙو هجي . پر جي گهوڙو عمر جا
پهريان پنج سال ويو ٽپي . پوءِ ڪهڙو بـ سنوار هجي . انهي گهوڙي کي ٺاهي
ڪونـ سگهندو. ڇو جو پوءِ گهوڙو هڏ پڪا ڪري ويندو آهي.پوءِ وڌ ۾ وڌ ڊگ
هلندو. انهي کانپوءِ ٻي نگاه سنوار جي هوندي گهوڙي جي وصفن تي . انهي ۾
سنوار سڀ کان پهرين گهوڙي جي پير جانچيندو.گهوڙو پيرن ۾ تاڏو معنئ ڦڏو نـ
هجي.انهي کانپوءِ گهوڙي جو سينو سنهو نـ هجي سينو ويڪرو هجيس.ڪنڌ جا وار
گهاٽا نـ هجن صفا سنها هجنس. سڀ کان وڏي ڳالهـ تـ گهوڙو گڏهـ کرو نـ هجي
سڌي ڳالهـ هن جي پير جو سپ سوڙو نـ هجي. انهي کانپوءِ سنوار جي اک جو ٽيون
نشانو هوندو آهي تـ. گهوڙو ڪهڙي نسل مان آهي.هون تـ دنيان وڏي پئي آهي . پر
پاڻ وٽ هتي گهوڙن جا چار مشهور نسل آهن. پهريون پهريون آهي ڪاٺياواڙي نسل
جو گهوڙو،ڪنڌ سنهو ڪن ڪيٽا، ڪيٽا بـ اهين جو ڪن ڪن تي چڙهيو پيو هوندو.ٻي
نمبر تي عربي نسل جو گهوڙو قد جو وڏو،پير جو ڏاٻورو بـ وڏو ڪن صفا سڌا گز
،انهي کانپوءِ سنڌي نسل هي گهوڙو قد جو پورو سينو ويڪرو ڪنڌ پورو پورو ڪن
ڇوٽا پر سڌا هوندا.پڇ ڊگهو پير جو ڳاريو سنهڙو هوندو. پوئتي سنڌي گهوڙي جي
پٺ بـ سنهڙي هوندي.کارائي نسل قد جو صفا ڇوٽو ڪن ننڍڙا پر سڌا پڇ هوندس
ڊگهو پر ٿلهو.ڪاٺياواڙي نسل جو گهوڙو سراڙي ۾ هلندو وڌ ۾ وڌ من ۾ هلي تـ
هلي . پر هن جو ڪم آهي ٽپڻ لغام رڳو مٿي کڻ ڪهڙي بـ جڳهـ هجي گهوڙو سپوٽ
هجي ڪوٽ ٽپندي بـ دير ڪونـ ڪندو.عربي سراڙي جو ڀلو آهي هي گهوڙو ريسن ۾
ڊوڙائبو آهي ست ميل اٺ ميل سراڙو ڪڍي ويندو.سنڌي ميل ملاکڙن جي ڪم ۾ هي
پهرئين نمبر تي آهي .کارائي هلڻ جو سچو ٿيندو آهي. پر هن نسل سان مصيبت وري
اها آهي . جو وڙهندي دير ئي نـ ڪندو جي بگڙيو تـ نـ سنوار جي حيا ڪندو نـ
وري ڌڻي جي حيا ڪندو.عربي نسل جو گهوڙو ڪڏهن بـ وڙهندو ڪونـ باقي سنڌي نسل
جي گهوڙن مان سئون ۾ ڪو هڪڙو وڙهي تـ وڙهي ٻيو ٿيو خير. انهي کانپوءِ سنوار
ايندو گهوڙي جي رنگ تي .سڀ کان پهرين نمبر تي ڳاڙهو ڪميت،انهي کانپوءِ
سرکو گهڻو اڇو هوندو پر ڪي ڪي وار ساوا هوندس، پوءِ سنجا اڌ اڇو اڌ وري مٿي
ڪارا پٽا هوندا.انهي کانپوءِ بور ، بور مان شور ڪونـ ويندو. بور هلندو
ڪونـ وڙهندي دير ڪونـ ڪندو . جي ڀلا هلي پيو . پوءِ بور شهزور آهي . انهي
کي ڪير بـ پڃندوڪونـ.سنجاپ سڀني گهوڙن مان ڪپوٽ گهوڙو آهي.۽ ٻيا بـ ڪيترا
ئي رنگ آهن گهوڙن جا .مٿيون سڀ خوبيون ۽ خاميون ڏسڻ کانپوءِ ئي سنوار ڪنهن
گهوڙي ۾ هٿ وجهندو آهي. انهي کانپوءَ ئي محنت شروع ٿئي ٿي.سنوار جڏهن گهوڙي
کي هلڻ سيکاريندو آهي.تڏهن هو گهوڙي کي روز ٻـ ڪلو کير پاءِ مکڻ . ٻاجهر
جا داڻا اٽو ۽ ٻيو مصالو کارائيندو آهي.جي ڀلا گهوڙي کي هلڻ سيکاريندي .
گهوڙي جا پير ريشو ڪري ويا. هن جي کرن وچيان ڦوڦا ٿيا.تـ انهن ريشو ڪندڙ
پيرن تي تيل لوڻ ۽ هئيڊ گرم ڪري رات جو انهن جا پها رکندو.صبوح جو وري
گهوڙي جو ميل ۾ سراڙو هوندو.ڪڏهن ڪڏهن وري پيرن ۾ هڏ ڪري ويندو آهي گهوڙو
انهي هڏ ڪيل گهوڙي لئـ بـ سنوار پانپرا ڪندا آهن.
هئير گهوڙي جي ڊوڙ ۾ چوبازي يا چورسائي جو رواج
آهي اڳي ڊوڙ واري واري هئي . پوبازي ۾ گهوڙو تکو تـ وڃي ٿو پر سنوار کي
تنگ ڪري ٿو.گهوڙي کي سنور سڃو لغام تي سيکاريندو آهي. پهرين من، پوءِ رلو
،پوءِتکو من جنهن کي جاجهـ من بـ چئبو آهي.من ۾ پهرين جاڙيون هڻندو پوءِ
جاڙيون ڇڏي ويندو.آخر ۾ ڊوڙ جي انداز کي پهريون جوڙ ٻيو جوڙ ۽ ٽيون جوڙ
چئبو آهي . جي سنوار ڀلو هوندو .تـ ٻي جوڙ وارو گهوڙو پهرئين جوڙ واري
گهوڙي کان ڪڍي ويندو.گهوڙي کي سڃو لغام تي ئي سيکاربو آهي. بس سنوار گهوڙي
کي واڳ تي نچڻ بـ سيکاري سگهي ٿو باقائدي گهوڙو نچندو بيٺو. جي ٿورو گهوڙي
جي واڳ کي جئين هلائيندين اهين ئي گهوڙو هلندو ٿورو ڇڪي ڏيندين تـ منهن
اڳين ٻنهين ٽنگن وچيان ڏيندو انهين کي گونگهٽ چوندا آهن گهوڙو گونگهٽ ۾ ئي
سٺو لڳندو آهي. سنوار تـ گهوڙي کي ترڻ بـ سيکاري سگهي ٿو. گهوڙو ترندو سڃو
ڪنڍ جي زور تي آهي جي لغام ٿورو مٿي ڪبو ۽ جي پاڻي ۾ لهندي گهوڙي پنهنجو
ڪنڍ مٿي ڪري ڇڏيو تـ تري ويندو.پوءِ ڀلين درياءِ هجي . جي ڪنڍ هيٺ ڪئين تـ
ٻڏي ويندو. ۽ ٻيو جي گهوڙي جي ڪن ۾ ڇنڊو بـ پاڻي جو ويو تـ سمجهـ گهوڙو ٻڏو
ئي ٻڏو. گهوڙو هون بـ عادتي وهيٽ آهي جي هن کي ترڻ جي عادت پئجي وئي تـ
پوءِ پيو ترندو. جي هن کي اوهين جنگ جي ميدان ۾ لاهيندا. ۽ هو انهي ميدان ۾
لهڻ جو عادي ٿي ويو تـ ڪونـ ٽهندو.ڪنهن شئي جي پٺيان شڪار ۾ ڏيو هڪڙي دفعا
ٻـ دفعا ٽي دفغا پاڻهين انهي پٺيان ڪاهي پوندو. جي بگڙيو تـ خفتي چون ٿا
جيڪو هلڪي رسي جي لوڏي تي نچندو بيٺو آهي. اهو ڪنهن کي بـ ويجهو اچڻ ڪونـ
ڏيندو. هي پنج واتي بلا آهي.چار پير ۽ پنجون وات چئني پيرن ۽ پنجئين وات
سان وڙهندو آهي.ڪاڪو سڃڻ چانديو رهيو جڏهن کٽ تي ڪريو. تڏهن بـ چوندو هو
منهنجي کٽ گهوڙي جي پاسي ۾ رکو تـ هن جي ڏاٺ جو آواز ٻڌان تـ ننڊ اچي نـ تـ
ننڊ نٿي اچي.خفتين جا وري گهوڙن ۽ گهوڙين تي عجيب نالا هوندا آهن ۽ هو
انهن نالن سان ملڪان ملڪ مشهو هوندا آهن.جئين چاندين جي ڪبوتر گهوڙي جنهن
باڊر تان ٻانهن کئين هئي.شهبيگ جو اپالو گهوڙو،محمد يوسف جو طوفان گهوڙو.بس
اهو ئي آهي گهوڙن جو خفت ڪاڪي فضل چانڊي جهڙن جي تـ عمر انهي خفت ۾ وئي.
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
منهنجا ۽ سنڌ جي سڃاڻ سخصتين جا ليک
Subscribe to:
Post Comments (Atom)













رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔