جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Wednesday, 3 December 2014

منهنجو دريا اڃ مري ويو خالد ڪنڀار روزانـ ڪاوش اخبار

منهنجو دريا اڃ مري ويو خالد ڪنڀار روزانـ ڪاوش اخبار


هاڪڙي دريا جا ابتا سبتا پيرا اڳ ۾ ئي پارکو پيرين گهڻائي اهاڙيا ۽ ليڪيا آهن، پاڻ اهي پيرا اهاڙي بهاولپور ۽ بيڪانير مان هلي نڪرون، ائين ڪونه ٿيندو. ڀلا جي ڪنهن کي اهو خفت آهي تـ ڀلي وڃي پورو ڪري، پاڻ ڪتابن واري ڳالهـ يا ڪنن ٻڌي ڳالهه ڪرڻ بدران  اکين ڏٺي ڳالهـ ڪنداسين، سا اها ته پروڪي ٻوڏ ۾ جيڪا گهڻي ۾ گهڻي ريهو ريهه ٿي هئي، اها هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تان ٿي هئي. اها بـ مهراڻي واري ڪس ۾ ساريکا ٻه مهينا  ويچارا بئراج جا سکيا ستابا ماڻهو ڀٽن تي بي ڌڻياتا پيا هئا. پروڪي هلندڙ ٻوڏ ۾ جيترا وات اوتريون ڳالهيون..... هر ڪو پنهنجي منهن پئي وڦليو. انهن وڦلڻ وارن ۾ گهڻي تڻي اها ڳالهه پئي هلي تـ ايندڙ سال انهيءَ کان به وڌيڪ مينهن پوندا. مٿان وري اهي ڳالهيون ميڊيا ۾ ڌوڙيا ڪري آيون. سو انهن ڳالهين هڻي ماڻهن جي دماغ جو رهيو ٺانٺو بـ ڦٽائي ڇڏيو. ماڻهو ويچارا نفسياتي مريض ٿي ويا. ٿيو خير، ٻه مهينا سهي اساڪري ٿي وئي. اساڪري ٿيندي ئي ڪيمپن ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجا ٻچا ڪڇ ۾ ڪري واپس پنهنجي پوٺا ٿيل اجهن ڏانهن روانا ٿيا. ڪي ٻـ چار ڪٽنب اتي ئي ڀٽن تي اجها ٺاهي ويهي رهيا، جيڪي اڃا اتي ئي ويٺا آهن. اهي رڳو انهيءَ ڊپ کان واپس ڪونه ويا ته جي ايندڙ سال وري اهڙا مينهن پيا ته وري ڪير در بدر ٿئي، انهيءَ کان هتي ئي چڱا آهيون. انهيءَ پروڪي ٻوڏ کان اڳ ۾ انهيءَ ئي ڪس واري بئراج ايريا ۾ اهڙي حالت هجي جو پيئڻ جو ڍڪ پاڻي نه هجي، سو ته گهوريو پر روزگار لاءِ سکين ستابن ۽ سرياند ٻني ٻاري وارن ماڻهن ڪاٺيون پئي وڍيون. انهن ديويءَ جون ڪاٺيون وڍڻ وارن کي ماکيءَ جي مکين ڪاٺيون نٿي وڍڻ ڏنيون. مينهن وسڻ کان اڳ ۾ به ڪاري قيام هئي ته مينهن وسڻ کان پوءِ به ڪاري قيام هئي. پر ڪس جي ماڻهن ڏيڍ ڏهاڪي کانپوءِ هاڪڙي ۾ پاڻي ڏٺو هو. انهيءَ کان اڳ ۾ چورانوي ۽ اٺانوي وارين برساتن ۾ ڍورو هاڪڙو وهيو هو، پر اهو به پروڪي جهڙو ٻوڙان ٻوڙ ڪونه هو. انهيءَ ڪري پروڪي ٻوڏ ماڻهن جو ڪروڙين رپين جو نقصان ڪيو. خير، چورانوي ۽ اٺانوي وارين برساتن ۾ هاڪڙي کي ڪوبه فائدو ڪونه پهتو هو. اتي  وري گذريل سال  ڪجهه فائدا به مهراڻي واري ڪس جي ماڻهن کي ٿيا. پهرين پاڻ انهن فائدن تي ڳالهايون. جيڪي فائدا يقينن انهيءَ نقصان جو پورائو ته نٿا ڪري سگهن، پر اها ڳالهه به مڃڻ گهرجي ته هاڪڙي جي پروڪي پاڻيءَ جو بهتر استعمال ٿيو هو.
هاڪڙي واري پروڪي ٻوڏ جي پاڻيءَ مان شاخون ابتيون هليون هيون، پر هاڪڙي جي پاڻيءَ تي اهي زمينون به آباد ٿيون هيون، جيڪي گذريل چار ڏهاڪن کان ڪڏهن به آباد ڪونه ٿيون هيون . ماڻهن هاڪڙي تي مشينون هڻي  ابتو پاڻي وهايو هو ۽ الائي ته ڪيترا نوان واٽر مقاطعي تي ڏنا. ڪنهن وري ڇا ٿي ڪيو جو واسطي تي  ٻني گهري ٿي ورتي ۽ پنهنجي خرچ تي آباد ٿي ڪئي. گذريل سال ڪس ۾ رڳو تورئي جا گل پئي لڏيا. هاڪڙي جي پروڪي پاڻيءَ تي ماڻهو چئن سالن جي ليٽ ڪڍي ويا. انهيءَ هاڪڙي جي پاڻيءَ سان هڪڙو ته اهو فائدو ٿيو، جو مٿان وري  بنجر جهنگ ٿيل زمينون صاف ٿي آباديءَ لائق بنجي ويون. پروڪي ٻوڏ جي انهن فائدن کانسواءِ وڏو فائدو اهو ٿيو، جو راتو رات ٻنين جا اگهه ۽ مقاطعي جا اگهـ وڃي چوٽ چڙهيا. جيڪا ٻني ويهه کان ٽيهه هزار رپيا ايڪڙ ٻوڏ کان اڳ ۾ وڪرو ٿيندي هئي، سا اسي هزارن کان لک رپيا ايڪڙ کي وڃي چڙهي. جيڪو مقاطعو پندرنهن سئو کان ٻـ هزار رپين تائين ملندو هو، اهو اٺ کان ڏهه هزار رپين تائين وڃي پهتو. سو پروڪي ٻوڏ جتي ماڻهن جو ڪروڙن جو نقصان ڪيو، اتي ڪس جي ماڻهن کي فائدو به ڏنو. مٿان وري پرسال اها ڳالهـ هلي هئي ته ايندڙ سال اڃا وڌيڪ مينهن پوندا. سو ماڻهن سمجهيو ته جي ايندڙ سال وڌيڪ مينهن پيا ته هاڪڙو اڃا وڌيڪ هلندو. سجهندي ئي لڳي ويا هئا پروڪي رهيل بنجر زمينن جي صفائيءَ ۾. قرض کڻي، گهر جا ڳهه ڳٽا وڪڻي، هڙ موڙي سيڙائي ڇڏيائون. پر هيل جيڪي مينهن پيا، سي اوهان به ڏٺا، اسان به ڏٺا. ٿر ۾ ڏڪار جي رڙو رڙ آهي، ٿريا ته اهو ٿا چون ته هيل ته ويهه ملي ميٽر برسات به ناهي پئي، پر انهيءَ هوندي به هيل هاڪڙو ڍورو وهي آيو آهي ۽ ڪس ۾ هيل به تورئي جا گل لڏن پيا.
هاڻي اوهين پڇندا ته اهو پاڻي هاڪڙي ۾ ڪٿان آيو جڏهن ايترا مينهن ئي ناهن پيا؟! ..... ته منهنجا راڻا پروڪي ٻوڏ ۽ هن سال لاءِ ڪيل وڌيڪ مينهن جي اڳڪٿين جي ڪري جيڪو حڪومت، ويندي پاڻ واري صدر صاحب تائين جي اهو ترجيح تي هو ۽ پاڻيءَ جا وڏا ماهر ويٺا ته سنڌ کي ٻوڏ کان ڪيئن بچائجي. انهيءَ وٺ وٺان ۾ اهو طئي ٿيو هو ته پاڻيءَ جا پراڻا وهڪرا جيڪي قدرتي آهن، سي بحال ڪيا وڃن. انهن جي لاءِ بجيٽ به منظور ٿي هئي. هڪڙو تـ انهيءَ بجيٽ جون ڀلايون آهن جو ڪجهـ قدر رپئي مان آنو پئسو ڪم ٿيو. بچاءُ بند وٽان نالو ٺاهي آرهاڙي ۽ پٿوري واري پاڻيءَ کي هاڪڙي جي پيٽ ۾ ڇڏيو ويو. اهڙي ئي نالي تي ساماري وٽان به ڪم هلندڙ هو، اهو پاڻي به هاڪڙي جي پيٽ ۾ ڇڏيو ويو. مٿان وري پروڪي ٻوڏ جي ستايل ماڻهن ڪنري تعلقي ۾ سُتيءَ جيترو پاڻي بـ کيرين ۾ ڪونه ڇڏيو، جيڪي ڇنڊ ڪرندي وئي، سا هاڪڙي ۾ اپائيندا ويا. سو انهيءَ ڪري هاڪڙو هيل به هليو پر جهلو ڪونه ڪيائين، ڇو جو هيل هاڪڙي ۾ پروڪي جيترو پاڻي ڪونه هو.آبادگارن تورئي کي ٻه پاڻي به مس ڏنا آهن. سو آبادگارن جو خيال آهي ته هيل خرچ وري ته به لک ڪمايوسين. مٿان وري اهو ٿيو جو اڳي ڍوري ۾ صرف هڪڙو ڳنڍو ڏنل هوندو هو. گذريل سال اهو کولرائڻ جو وڏو وزير حڪم جاري ڪري ويو هو، جيڪو اڃان تائين ناهي کليو ۽ هاڻ ته هر ڪو زميندار پنهنجي علائقي ۾ پاڻيءَ جي رک ٿو ڪري. هيل جعفر علي دل واري ڳوٺ وٽ به ڳنڍو ڏنل آهي. سو ويچارو مقاطعي وارو ۽ ننڍو آبادگار رلي ويو آهي. هاڻ جيڪڏهن سرڪار ٿوري بـ سنجيده ٿئي ۽ هاڪڙي ڍوري جي کوٽائي ڪرائي، جيڪا صرف گذريل سال رکيل بجيٽ مان چيل بند تائين ٿي آهي، ۽ اها کوٽائي به اهڙي ٿي آهي، جو ان هاڪڙي جي پاڻي کڻڻ جي صلاحيت کي گهٽايو آهي، هاڪڙي جي اندر ئي هڪڙو ننڍڙو هاڪڙو کوٽيو اٿن. جي هاڪڙي ڍوري جي مڪمل صفائي ڪري ۽ جيترو هاڪڙي ڍوري جو پيٽ آهي، اوترو مڪمل هيٺ کوٽائي ڪري ان جا بند مضبوط ڪيا وڃن ۽ هن هاڪڙي ڍوري ۾ رڳو عمرڪوٽ ضلعي جو ٻوڏن ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته به هي هاڪڙو ڍورو مهراڻي واري ڪس جي هزارين ايڪڙ غير آباد زمين چيٽ جي سيزن ۾ آباد ڪري سگهي ٿو. هونئن چوندا آهن چيٽ پيٽ آهي، ڇو جو ڪَتيءَ واري فصل جي ڀيٽ ۾ چيٽ جي فصل ۾ گهٽ اپت آهي، پر مهراڻي واري ڪس جي ماڻهن کي گهرجي ئي پيٽ ٿو. رڳو هنن جو پيٽ گذر ٿي وڃي! جي رڳو وسڪاري جا چار مهينا هاڪڙو هلي ته به لک کٽيوسين. ٻوڏ ۾ هاڪڙي جي هلڻ جي ضرورت انهيءَ ڪري آهي، جو ڪس سڄو نبي سر ۽ سانوري شاخ جي پوڇڙي آهي ۽ ڪنري تعلقي جو سڄو پاڻي هڪ ته وڪرو ٿئي ٿو، ٻيو هن سڄي دور ۾ سانوري جو سڄو پاڻي هڪڙي ماڻهوءَ جي مرضيءَ سان هليو آهي، ڇو جو اها شاخ اوهان سمجهو هڪڙي ماڻهوءَ جي ئي ملڪيت آهي. هڪڙي ٻي ڳالهه به آهي ته، ڪري ته ائين به سگهجي ٿو، جو جيڪڏهن رڳو چيٽ جا چار  ڇهه مهينا هاڪڙي کي هلايو وڃي ته به سهي، ڇو جو چيٽ جي فصل کي پاڻي گهٽ گهربل هوندو آهي ڪَتيءَ جي فصل جي ڀيٽ ۾، يا جيئن رائيس ڪئنال سارين جي موسم ۾ ڇهه مهينا هلندو آهي، ائين هاڪڙي کي هلايو وڃي نان پيرانيل ڪئنال وانگر، يا ته پوءِ ائين ٿيندو جو:
ائين پوءِ منهنجو ڀاڳ ڦٽي ويو
منهنجو دريا اڃ مري ويو
منهنجي هٿ ۾ ڪشتو آيو
منهنجي ڪڇ ۾ بگري آئي
وقت ڪيو جوڳياڻي مونکي
لوڪ چيو جوڳياڻي مونکي

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔