Wednesday, 3 December 2014
چور جا سئو ڌڻي
چور جا سئو ڌڻي
خالد ڪنڀار
هاڻ
کاٽڙين جو چوڻ آهي تـ کاٽ جي موسم اونهارو ۽ وسڪارو آهي. اونهاري ۽ وسڪاري
وارين راتين ۾ واهوندي جو واءِ جئين لڳندو آهي. اهين رات ٺرندي آهي. جئين
وري رات ٺرندي ويندي آهي. اهين ننڊ جئين پوءِ تئين گهري ٿيندي ويندي آهي.
ٻيو وري ڪن کاٽڙين جو تـ اهو بـ چوڻ آهي. تـ اڪثر ڪري ڀاڳيا ٺاري وارين
راتين جو ٻاهر اڱڻ تي سمهندا آهن. ڀاڳئي جو ٻاهر سمهڻ بـ کاٽڙي لئـ وڏو
وجهـ آهي. هو سولائي سان کاٽ هڻي سگهي ٿو. هاڻ جڏهن کان وري ڳوٺن ۾ لائيٽ
آئي آهي تـ کاٽڙين کي لائيٽ اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو. ڇو جو اڪثر ڪري
ڀاڳيا راتين جو پکو هلائي سمهندا آهن. پکي تي بـ گهري ننڊ اچي ٿي. ٻيو وري
پکي جي آواز ۾ هلڪو ڦلڪو آواز ڀاڳيا ناهن ٻڌي سگهندا. اهين بـ هوندو آهي
جو جن ڳوٺن ۾ لائيٽ آهي اتي ڀاڳيا گهڻو ڪري اندر سمهندا آهن. سو لائيٽ ناهي
هوندي هڪ تـ مڇر هنن کي سمهڻ ناهن ڏيندا. ٻيو وري اندر گرمي بـ هوندي آهي.
گهڻا تـ وري پکي جا عادي هوندا آهن. هنن کي پکي کان سواءِ ننڊ ئي ناهي
ايندي. مٿان وري گهڻا کاٽڙيا تـ اهين بـ ڪندا آهن جو رات جو کاٽ هڻڻ مهل
بلب ٻاري پوءِ کاٽ هڻندا آهن. ڇو جو بلب ٻارڻ سان شئي آساني سان ڳولي ڀڃي
سگهجي ٿو. جڏهن لائيٽ اڃان ڪونـ آئي هئي تـ کاٽڙيا چنڊ جي 22يا 23 تاريخ
کان پوءِ ۽ 8۽ 9 تاريخ کان اڳ۾ انڌارين راتين ۾ کاٽ هڻندا هئا. کاٽ جو
ٽائيم گهڻو ڪري رات جو ٻـ بجي کانپوءِ جو آهي . ڪو بـ کاٽڙِيو کاٽ هڻڻ کان
پهرئين انهي سڃي گهر جي مڪمل خبر وٺندو آهي. انهي گهر ۾ ڪل ڪيترا ڀاتي آهن .
انهن مان ڪيترا هتي رهن ٿا. انهن مان ڪيترن جي گهر جو ٽائيم ڪهڙو آهي.
جيڪڏهن ڪو گهر ۾ پياڪ آهي . تـ اهو رات جو ڪيستائين جاڳي ٿو. گهڻو ڪري وڏن
گهراڻن جي مخبري نوڪر بـ ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن نوڪرن جو هٿ ڏس بـ هوندو آهي.
يا تـ ڪو ڳوٺ يا پاڙي جو گهر ۾ ايندڙ ماڻهو بـ مخبري ڪري سگهي ٿو. مخبري
ڪندڙ تـ ايستائين بـ ٻڌائيندو آهي . سونا زيور يا نقد ڪهڙي پيتي ۾ پيل
آهي.جيڪڏهن ڪو گهر ۾ ڪتو آهي . تـ چور گهڻو ڪري جيڪو واءِ لڳندو هوندو انهي
کي سامهون گهر ۾ ڍرندو جئين ڪتي کي ماڻهو جي خوشبو نـ اچي. اڪثر ڪري کاٽ
آرهڙ يعنئ واهوندي وارين ڏينهن ۾ لڳندا آهن سو گهر ۾ لڳندڙ کاٽ ۾ ڪتي جي
موجودگي ۾ اڀرنديان اندر داخل ٿبو. جي واءِ ڏکڻ پيو لڳي ۽ ڪتو بـ ڏکڻ ويٺل
آهي .تـ ڪوشش ڪري ڪتي کان اتريان داخل ٿبو. ٻيو وري گهر جو کاٽ هڻندڙ کي
پير اهين سنڀالي سنڀالي کڻڻو آهي جو کڙڪو نـ ٿئي. ٽيون جيڪڏهن گهر ۾ ڪا
ننڍڙي ٻار واري عورت هوندي آهي تـ اها سجاڳ ٿيندي دير ناهي ڪندي انهي وٽان
گذرڻ مهل خيال ڪرڻو آهي.کاٽڙيو انهن ڳالهين جو خيال ڪندو آهي. کاٽڙيو واپسي
جي واٽ جو پهرئين سوچيندو آهي. جي ڀلا ڀاڳيا جاڳيا تـ ڀڃبو ڪٿان. جي لوڙهو
هوندو آهي تـ انهي مٿان ووڻڻن جا ٽارا مرچن جا ٽارا يا ٻيو ڪجهـ ڏئي واپسي
جي واٽ ضرور ٺاهبي.
ٻيو وري ڍور ڍڳي يا
اهين کڻي چئون مال ۽ وهيٽ جو چور وري اڪثر ڪري سياري جي رات جو چوري ڪندو.
ڇو جو سياري جي رات هڪڙو تـ ڊگهي ٿئي ٿي. ٻيو وري مال ۽ وهٽ جي چور لئـ اها
سهوليت آهي جو سياري جي رات ۾ سجهندي ئي ڀاڳيو اندر وڃي سوڙن ۾ سمهي رهندو
آهي. انهي ۾ مال ۽ وهٽ جي چور کي چوري ڪرڻ جو وجهـ سولائي سان ملي ويندو
آهي . جي هوندو مال تـ ڪندو اڳ ۾ جي هوندو وهٽ تـ رڳو لانگ واريندو.. پوءِ
سياري جي رات بـ وڏي جيستائين ڌڻي سنڀالن تيستائين ٿر مان ٿيندڙ چوري وڃي
ڪس ٽپي. ٿر مان ٿيندڙ اٺ جي چوري جا پير گهڻا تڻا اچي اتي مهراڻي واري ڪس
۾کٽندا آهن.. خير کاٽڙيا چور ٻـ بـ هوندا آهن. پر اڪثر ڪري کاٽڙيو اڪيلو
سٺو.اڪيلي اڪيلي کاٽ هڻندڙ چونٿا تـ هڪڙو راض کي راض ئي رکي سگهجي ٿو. ٻيو
تـ انهي ۾ ڪنهنجي پتي ناهي .ٽيون تـ ٻن مان ڪو هڪڙو بليڪ ميل بـ ڪري سگهي
ٿو. هڪڙي کاٽري جو اهو بـ چوڻ آهي تـ ڪاڪا چوري قيمتي ناهي هوندي پر ڀاڳيو
قيمتي هوندو آهي. اها چوري ڪبي ئي رڳو انهي لئـ آهي تـ ڀاڳئي سان واسطو
ٿئي. يا اهين بـ هوندو آهي جو ڪنهن جوءِ ۾ واسطو رکڻ لئـ بـ ڪنهن نالي واري
ماڻهو جي چوري ڪبي آهي . جنهن کي کاٽڙيا ڏس ٺاهڻ چونٿا. چوندا ڪونـ آهن تـ
چور ڏس ضرور ٺاهيندو. جئين انهي جوءِ ۾ واسطو ٿئي تـ ٻي ڪنهن جوءِ مان چوي
ڪري اچي اتي ٿمجي. گهڻيون چوريون دشمني ۾ بـ ٿينديون آهن. اها دشمني چور
جي ناهي هوندي پر جيڪڏهن ڪنهن هڪڙي ڏاڍي مڙس جي ٻي ڏاڍي مڙس سان دشمني آهي
تـ هو بڇ ڪندو آهي. اها چوري انهي بڇ تي ٿيندي آهي. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن بڇ
ڪندڙ اهو چوندو آهي تـ انهي جي چوري ڪر پوءِ تنهنجي مرضي جيڏانهن ڪرين واپس
ناهي ڪرڻي . باقي جي جهلي جي پئين تـ ڇڏائڻ منهنجو ذمو آهي. يا وري ڪي
وڏيرا اهين بـ ڪندا آهن جو چوندا آهن اها چوري ڪري اچي مونکي ڏي پوءِ آئون
ڃاڻا ڌڻي ڃاڻي پوءِ تون آجو آهين.. اهين کڻي سمجهو تـ سڃي چوري ڪرڻ وارو
وري وڏيرو ئي آهي ۽ چوري ڪرائي ئي وڏيرو ٿو. ڪي وڏيرا وري پنهنجو اثر رسوخ
قائم رکرائڻ لئـ چوري ڪرائيندا آهن. اهين سمجهو اصل چور وڏيرو ئي آهي. ۽
اهي وڏيرا جيڪي سياسي طرح سگها هوندا آهن. اهي اڪثر ڪري پنهنجي تر مان چوري
ڪرائيندا آهن . پر انهن جي ڳوٺ مان ڪڏهن بـ چوري ناهي ٿيندي. اها انهي جي
سگهاري هجڻ جي نشاني آهي. ۽ ها تر مان ٿيندڙ چوري کي ورائڻ لئـ ڀاڳيو وڏيري
جي در تي چوري ٿيڻ جي ٻي ڏينهن صبوح جو پهچي ويندو آهي . پوءِ هو انهي
ڀاڳئي کي هلائي هلائي چڪر ڪڍائي ڪڍائي چوري وارائي ڏيئڻ وارو ٿورو ڪندو
آهي. انهي سان اهو ڀاڳيو انهي وڏيري جي ٿوري هيٺ ٿي ويندو آهي.گهڻي تڻي
چوري انهي سببن سان ٿئي ٿي.هڪڙا وري اهڙا چور بـ هوندا آهن. جيڪي ٻين چورن
کي وٺي ايندا آهن .چوري جي انهي قسم کي هٿ ڏس چئبو آهي. انهي هٿ ڏس ۾ هڪڙو
چور ٻي چور کي هٿ ڏس ڪندو آهي تـ منهنجي ڳوٺ پاڙي يا اوسي پاسي ۾ ڦلاڻي
همراه وٽ مال آهي . انهي جي چوري ڪر ۽ انهي مان حصو ڏجان پوءِ اهو حصو تـ
گهٽ ئي ملندو آهي. پر هن جي هٿ ڏس تي چوري ٿي ويندي آهي.کاٽڙين جو چوڻ اهو
آهي . تـ چور بـ سخي ۽ موزي ٿيندا آهن.سخي چور ڪڏنهن بـ ماربو ڪونـ پر موزي
مارجي ئي مارجي. سخي چور ڪو لڄ ڀريو ماڻهو مٽي آيو تـ انهي کي کالي هٿين
ڪونـ موٽائيندو. جي هن وٽ چوري هوندي تـ آسرو ضرور ڏيندو پر موزي چور ماڻهو
کي ڪونـ ڏسندو پئسي کي ڏسندو.سو مارجي ئي مارجي.ٻي ڳالهـ ڀاڳئي اڳيان چور
ڪڏهن بـ ڪونـ هاڪيندو تـ ڪو مون تنهنجي چوري ڪئي آهي. جي ڀلا چوري واپس بـ
ڏني. تـ ڪنهن ٽي ڌر جي هٿان واپس ڪندو. يا چوندو ٻـ ڏينهن ڍر ڏيو ڇڏيو
ڳولا ڪريان . ٽائيم گهري معنئ سمجهو تـ اهو ئي چور آهي . جي ڀلا اهو چور
ناهي تـ بـ انهي کي خبر پڪي آهي تـ چوري ڪٿي آهي. همٿ واري چور ۾ اڀرو سڀرو
ڀاڳيو بـ هٿ ڪونـ وجهندو.ڇو جو هن جي مالڪي ٿيندي. ۽ جي هٿ وڌا ۽ مالڪي ٿي
تـ چوري ڪونـ ورندي. ڪي ڪي وڏيرا اهڙا آهن جيڪي چور جي ڳالهـ بـ رکندا آهن
تـ ڀاڳئي جي ڳالهـ بـ رکندا. نڪو چور کي مارائن نڪو ڀاڳئي کي مارائن. چور
کي هن جي کري پنهنجي کيسي مان بـ ڏئي ڇڏيندا آهن. ڪي ڪي وڏيرا وري اهڙا
هوندا آهن جو ڀاڳئي کان ورتل کري مان بـ پنهنجو حصو هڻي ويندا آهن. ڪي
وڏيرا وري اهڙا هوندا آهن جو انهن جو ڌنڌو ئي چوري آهي. چور ڪٿان بـ چوري
ڪري اچي هنن وٽ ٿمي پنهنجي مزوري وٺي ۽ هليو وڃي. ڀاڳيا ڃاڻن وڏيرو ڃاڻي .
ڪي وڏيرا وري ڪجهـ ڏينهن چوري ٿمڻ جا بـ پئسا وٺندا آهن. پوءِ چور چوري کي
اڳتي ڪيڏانهن بـ وڃي لڪائي هن جي مرضي. هن جيترا ڏينهن ٿمي اوترن ڏينهن جي
مزوري وٺِي ڇڏي. گهڻي تڻي چوري شوق مان ٿيندي. چور جي ڌڻي سئو هو ڀلين
سامان سوڌو جهلجي پئي پر ذات وڏيرو ٿاڻي تي پهچي ويندو. هن جي جئين جو تئين
مالڪي ٿيندي. وڏيرو ٿاڻي تي پهتو تـ پوليس ماٺ ۽ چور جي ضمانت وڏيرو
پنهنجي ٻني ۽ گاڏي جا ڪاغذ رکي ڪرائيندي دير ئي ناهي ڪندو.اهين چور جي ڌڻيپ
ٿئي ٿي.پوليس جي بـ هر ممڪن ڪوشش هوندي آهي تـ همٿ ڀري چور سان هن جي ياري
هجي. اڀرا سڀرا چور تـ پوليس بـ مخبر طور پاليندي آهي.ڪامياب پوليس عملدار
بـ اهو آهي . جنهن جي وڌ کان وڌ چورن ۽ ڀاٿاري دارن سان ياري هجي. چوري جي
خبر وري بـ چور ۽ ٿاريدار وٽان ئي پوندي. بس ڀاڳئي جوڪير ناهي چور جا سئو
ڌڻي پاڻ وٽ وڏيرو انهي ڪري طاقت جي علامت آهي جو هو سفيد پوش وڏو ڏوهاري
آهي.
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
منهنجا ۽ سنڌ جي سڃاڻ سخصتين جا ليک
Subscribe to:
Post Comments (Atom)













رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔