Wednesday, 3 December 2014
سودادست بدست، سخي شهباز قلندر مست مسعود لوهار
سودادست بدست، سخي شهباز قلندر مست مسعود لوهار
اڄ کان سيوهڻ شريف ۾ مها عارف ۽ سلسله قلندريه
شهبازيه جي امام حضرت مخدوم محمد عثمان مروندي المعروف قلندر لال شھباز
جو ساليانو عرس مبارڪ شروع آهي. ڌمال جي ڌم ڌم ڳڀرو عاشق جي دل جي ڌڪ ڌڪ
وانگر وڄي مستي، عجز ۽ خود سپردگيءَ جي اهڙي فضا قائم ڪري ڇڏي آهي، جو
سيوهڻ شريف ڄڻ ته عشق جو قبلو بنجي ويو آهي.
ڌم ڌم وڄن ڌمالون، ڪُلهن ۾ تن کي شالون
پيرن ۾ ڇير ڇم ڇم، آفاق ڏي اڏارون
پتيون گلاب موتيا، عنبر ۽ عود مشڪون
سيوهڻ شريف تنهنجون زنده رهن بهارون
لال
شهباز قلندر جو مشرب گذريل نوَ سئو سالن کان سنڌ جي هن ننڍڙي شهر مان سڄي
دنيا کي سيراب ڪري رهيو آهي. جي اسلام آباد پاڪستان جو سياسي ۽ انتظامي ۽
ڪراچي واپار ۽ ڪاروبار جا دارالحڪومت آهن ته سيوهڻ شريف پاڪستان جو
روحاني گاديءَ وارو هنڌ آهي. سندن درٻار ۾ شيعه ، سني، هندو، عيسائي،
ملنگ مجذوب ، سالڪ هڪيا نظر ايندا ته وري سنڌي، پنجابي، بلوچي، پٺاڻ ۽
طرح طرح جون ٻوليون ڳالهائيندڙ ۽ مختلف حُلين ۽ ڪلچر جا ماڻهو هڪ ئي صف ۾
بنا ڪنهن نفرت ۽ وسوسي جي هن فيض جي ڀنڊار مان پنهنجا مَٽَ ڀريندي نظر
ايندا.
حضرت امام جعفر صادق عه جي تيرهين
پيڙهيءَ ۾، ايراني آذربائيجان جي مشھور شھر تبريز کان 40 ميلن جي مفاصلي
تي ھڪ ننڍڙي شھر مرند ۾ سن 1143 ع ۾ اسان جي سنڌ جي هن لال ۽ عاشقن ۽
مستن جي اکين جي ٺار، لال شهباز قلندر رحه جنم ورتو. ستن سالن جي صغير عمر
۾ قرآن شريف حفظ ڪيائون. پنھنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ بغداد ڏانھن
راھي ٿيا، جتي بابا ابراھيم ڪربلائي جي ھٿ تي بيعت ڪري سندن مريد ٿيا. بابا
ابراھيم مصر جي مشھور بزرگ حضرت جمال مجرد، جنھن کي ڪافي تاريخدان
قلندري سلسلي جو باني سڏين ٿا، جا خاص خليفه ھئا. بابا ابراھيم ھڪ سال
اندر ئي نوجوان عثمان مروندي کي خلافت جو خِرقو عطا ڪري کين پنھنجي
مرشد حضرت جمال مجرد کان مليل ”سنگِ مقبول” ۽ ھڪ لٺ پڻ عطا ڪيائون. اھي
ٻئي شيون حضرت امام زين العابدين عه جون ھيون ۽ تبرڪ جي طور تي ھلنديون
آيون ھيون. اھو پٿر لال سائين پنھنجي ڳچي مبارڪ ۾ پائيندا ھئا ۽ ان جي بار
سان سندن ڪنڌ جھڪيل رھندو ھو. ھاڻي اھو پٿر سندن قبر شريف مٿان ٽنگيل آھي
۽ زائرين ان کي ”گلوبند“ چوندا آھن.
پاڻ
جيتوڻيڪ قادري سلسلي ۾ بيعت ٿيا پر سندن مستي ۽ الاھي عشق جي جذب جي ڪيفيت
کين نه رڳو قلندر بنائي ڇڏيو پر پاڻ شھباز به بنجي ويا. معرفت جي اُفق تي
سندن پرواز ايتري او چي ۽ بصيرت ايتري گھري آھي، جو ”شھباز“ جو استعارو
ڪتب آندو ويو آھي. سندن عرفان جي روشني تجلين سمان، ڌرتيءَ جي ٻاٽ کي
اُجاريو بيٺي آھي. ھڪ روايت آھي ته بغداد ۾ قادريه سلسلي جي امام حضرت
سيد عبدالقادر جيلاني رحمت الله عليه جي مرقد تي حاضريءَ وقت کين نه رڳو
سنڌ ۾ مسڪن اختيار ڪرڻ جو ازن ڪيو ويو پر دستگير بادشاهه پاران کين قلندر
جو خطاب به مليو.
لال شھباز قلندر جي روحاني
پروفائيل جو سڀ کان وڌيڪ اھم پھلو سندن اھا محبت ۽ خود سپردگي آھي اھلِ
بيت ۽ معرفت جي ڀنڊار ۽ بابُ العلم حضرت موليٰ علي ڪرم الله وجھ سان.
پاڻ حضرت علي عه سان عشق ۽ عجز جي اظھار ۾ فرمائين ٿا؛
سرگروهِ تمام رندانم، رھبرِ عاشقان مستانم
ھادي ام رھنماءِ عرفانم، ڪه سگِ ڪوُءِ شيرِ يزدانم
حيدريم قلندرم مستم، بندءِ مرتضيٰ علي ھستم
(آئون
رندن جو سرخيل چوايان ٿو، مست عاشقن جو امام ڪوٺايان ٿو. عارفن جي رھنمائن
جو به رھبر آھيان، ڇو ته آئون علي عه جي گھٽيءَ جو ڪُتڙو آھيان. حيدري
آھيان، قلندر آھيان، مست آھيان ، پنھنجي سرڪار علي عه جو تابعدار آھيان. )
تصوف ۽ ويدانت ۾ گُرو ۽ مرشد جي وڏي اھميت ھوندي آھي. لطيف سائين فرمايو آھي ته،
ڏورج ڏيئو ھٿ ڪري، ڏور مَ ڏيئان ڌار،
ڪوڙين لک ھزار، اونداھيءَ انڌا ڪيا.
وري
جي مُرشد ۽ گرو ھجي عارفن جو به رھبر ۽ اھو به معرفت جي اُفق جو شھباز ته
پوءِ پئدا ٿيندا آھن ميان مير لاھوري (جيڪو شاھجھان بادشاھ، ۽ شھزادي
دارا شڪوه جو مرشد ھو)، مخدوم جعفر بوبڪائي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه،
مخدوم بلاول، قادر بخش بيدل، محمد محسن بيڪس، ناٿن شاھ بخاري رحه ۽ احمد
علي قريشي رحه. انھن کانسواءِ لاتعداد بزرگ پنھنجي ملفوظات ۾ قلندر شھباز
رحه کان روحاني فيض حاصل ڪري مقامات ماڻڻ جو ذڪر ڪن ٿا. ابن بطوطه کان
وٺي شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي تائين قلندر سائينءَ جي فيض جا پڙاڏا تاريخ
جو حصو بنجي ويا آھن. چون ٿا ته سر شاھنواز ڀٽو پنھنجي ھڪ ڏينھن جي ڄايل
ٻارڙي کي قلندر سائينءَ جي درٻار تي گھُٽي ڏني ھئي. اھو ٻارڙو ذوالفقار
علي ڀٽو هو.
ھندن جو عقيدو آھي ته لال
شھباز شِو مها ديوِ جو اوتار آھي. سيوھڻ، جيڪو اصل ۾ شِو واھڻ آھي، ھميشھ
کان روحانيت جو گھوارو سمجھيو وڃي ٿو. ھن کان اڳ ھندستان جي بادشاھ
وڪرماجيت جو ڀاءُ ۽ سنسڪرت جو عظيم شاعر ڀرتري ھري پڻ سيوھڻ لڏي آيو ھو.
پنھنجي گُروءَ سان اتي ئي تپسيائون ڪيائين ۽ اتي ئي پرلوڪ پڌاري ويو.
ڀرتري ھري جوڳ ورتو ھو ۽ مستي ۽ جذب سبب ڪپڙا نه پائيندو ھو.
قلندر
شهباز رحه نه رڳو عارف ھئا پر وڏا عالم، لسانيات ۽ گرامر جا ماھر ھئا.
مشھور انگريز مؤرخ ۽ سنڌالاجسٽ رچرڊ برٽن لکيو آھي ته، 1852ع ۾ جڏھن ھو
سنڌ آيو ته مدرسن جي نصاب تي لال سائينءَ جا چار ڪتاب ميزانِ صرف ،
عقد، قسم دويم ۽ اجناس پاڙهيا ويندا هئا. لال سائينءَ جي فارسي شاعري جتي
ٽيڪنڪ ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان فصيح ۽ بليغ آهي، اتي سندن موضوع عميق ۽
پُراسرار آهي. تصوف جي ڳوُڙهين رمزن ۽ خود سندن روحاني مرتبي بابت سندن
شاعريءَ جا اشارا ڏاڍا واضح آهن.
شهباز لا مڪانم من در مڪان نه گنجم
عنقائي بي نشانم من در نشان نه گنجم
من عين عشق ذوقم سرمست جام شوقم
از چرخ و عرش فوقم در آسمان نه گنجم
(آئون لامڪان شهباز مڪان (Space)
۾ ڪٿي ٿو ماپي سگهان، آئون بي نشان ڀلا ڪيئن ٿو نشان ۾ رهي سگهان. آئون
عشق ۽ جام جو شوقين آهيان. عرش ۽ اُڀ کان اُتاهون آهيان. آئون آسمان ۾
ڪٿي ٿو ماپجي سگهان)
بيا جانان تماشه ڪن ڪه در انبوهِ جان بازان
بصد سمانِ رُسوائي سرِ بازار مي رقصم
منم عثمان مروندي ڪه يار خواجه منصورم
تعجب مي ڪند خلقي ڪه من بردار مي رقصم
(اي
جاني هلي آءُ ۽ ڏس ته آئون جانبازن جي ميڙاڪي ۾ خواريءَ کان بي نياز ٿي
ڪيئن نچان پيو. آئون عثمان مروندي خواجه منصور حلاج جو يار آھيان، خلق
تعجب پئي کائي ته سوُريءَ تي به رقص پيو ڪريان.)
قلندر جي درٻار ۾ ھندو، عيسائي، پارسي ۽ سک به اُھڙي ئي سڪ ۽ محبت سان
ايندا آھن، جھڙو مسلمان - نه شيعه سني جو فرق، نه اھو فرق ته نقشبندي
آھي، قادري آھي، چشتي آھي، ملامتي آھي يا ماڳھين ناستڪ!!! فيض ۽ معرفت
جو ھڪ درياءُ آھي جو وھي پيو. ٿانوَ ڀرجندا وڃن، ديڳ کُٽي ئي ڪانه ٿي.
ڌرتيءَ جو گول گولو
ان ۾ مون کي ٿا ڳوليو
جي عشق آهي اعليٰ
ڳولڻ بنهه آ سولو
شِو جي هئي جا واهڻ
مستن جو ٿي سا آسڻ
حيدر جي حُب ۾ حاضر
مدني جي مهر خاطر
سنڌڙيءَ جو مان قلندر
منهنجي آ سنڌ اندر
malohar@hotmail.com
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
منهنجا ۽ سنڌ جي سڃاڻ سخصتين جا ليک
Subscribe to:
Post Comments (Atom)













رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔