جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Wednesday, 3 December 2014

۽ جڏهن شام جا پاڇا ڊگها ٿيندا ٿا وڃن... امداد سومرو

۽ جڏهن شام جا پاڇا ڊگها ٿيندا ٿا وڃن...
امداد سومرو
ڪڏهن توهان ٻڌو ته هن اسلامي مملڪت خداداد پاڪستان ۾ ڪو ڏينهن بنا احتجاج، بغير ڪنهن مظاهري، پريس ڪانفرنس يا نام نهاد ريلين کانسواءِ بَسر ٿيو؟ هر پهر قهر جيان کڻي هلندڙن ڪڏهن ڪو ڏينهن نارمل انداز ۾ گذارڻ جي سعادت توهان کي حاصل ڪرڻ ڏني آهي؟
ٽي وي چئنل الارمنگ بيلز (چتاءُ وارن گهنڊن) جيان لڳن ٿا. جڏهن ته سياست اسان وٽ محض احتجاجي تفريح جو نالو آهي. جي سياست محض سياسي جماعتن ۽ مذهب فقط مذهبي ڌرين تائين محدود رکي ڇڏجي ته به ٺيڪ آهي. پر حالت اها آهي ته اسان جي هر مڪتب فڪر اهو لبادو اوڍي رکيو آهي. ويندي هر فرد ان حد تائين سياست ۽ ان جي عالمي پس منظر ۾ ڳالهائڻ وارو ڪشٽ کڻي ورتو آهي جو لڳي ٿو ته پاڪستان ۾ سياست کانسواءِ ٻي زندگي آهي ئي ڪا نه؛ ۽ ان جا به نادر نمونا اوهان سنڌ ۾ ڏسي سگهو ٿا.
جارج ڊبليو بش وهائيٽ هائوس مان رخصت ٿيو ۽ ٻڌايو ته آخري ڀيرو اوهان هن کي ڪڏهن وهائيٽ هائوس سامهون مظاهرو ڪندي ڏٺو يا ڪنهن نئين پارٽي جو اعلان ڪندي ٻڌو يا ٽي وي تي ان قسم جو اظهار ڪرم ڪيو ته، هو ملڪ ۾ هيتري قدر مشهور آهي ۽ ان ڪري ملڪ کي هُن جي ضرورت آهي؟ هن (بش) جو حوالو جي اڄ به اچي ٿو ته اهو هن ۽ سندس مک اتحادي ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ جو اهو 21 هين صدي جو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ يعني Weapons of mass destruction جي حوالي کان اچي ٿو... يا محض تحقيقي ڪتابي ريفرنسز ۾.
ٽوني بليئر جنهن طرح بش جي وڪيٽن تي کيڏيو ۽ ائين کيڏيو جو چيو وڃي ٿو ته ڪو به برطانوي وزيراعظم نه کيڏيو آهي پر هو به هاڻي برطانوي سياسي تاريخ جو حوالو ٿي رهجي ويو آهي خاص طور نائين اليون کانپوءِ واري ’دهشتگردي خلاف جنگ‘ جي نسبت ۾ ياد ڪيو ويندو ۽ بنهه بُري ياد طور. ٽوني بليئر (جنهن کي رابرٽ فسڪ پورا 8 سال ’لارڊ بليئر‘ لکندو رهيو) اوهان کي ڏهه ڊائوننگ اسٽريٽ تي بيٺل نظر نه ايندو. ڪنهن مارچ جي اڳواڻي ڪندي نظر نه ايندو ۽ نه ٽي وي اسٽوڊيوز ۾ اوهان کي ڪنهن ڀيانڪ منظر جيان نظر ايندو.
اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي جو سارڪوزي ايلس پئليس مان ٻاهر نڪتو آهي. سارڪوزي پنهنجي حڪومتي مُدي کان گهٽ پر پنهنجي انتهائي خوبصورت ماڊل گهر واريءَ ڪارلا برونيءَ ڪري سڃاتو /ياد ڪيو وڃي ٿو.... ائين لڳي ٿو ته سارڪوزيءَ کي فرانس جي صدر طور اسان ڊي گال جي دؤر ۾ ٻڌو هو... وقت ڪيترو نه تيزيءَ سان شين ۽ شخصيتن کي مٽائيندو ٿو وڃي....
پر پاڪستان ۾ ائين نه ٿو ٿئي. ڀر واري عظيم جمهوريت انڊيا جو مثال وٺو. اٽل بهاري واجپائي ڪنهن کي ياد آهي؟ مطلب ته هو انڊيا جي پاليٽڪس ۾ ضرور هڪ نالو آهي پر هن موجوده وزيراعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه جو جيئڻ جنجال نه ڪيو آهي جيئن اسان وٽ ڪيو وڃي ٿو. احتجاج ۽ اسڪرين تي زنده رهڻ وارو غلبو رڳو اسان جو خلاصو آهي.
ٻيو ته ٺهيو پر جنرل مشرف ذري گهٽ 5 سال گذرڻ (۽ موجوده دؤر جي سياست ۾ پنج سال نپولين جي جنگين جيان طويل ٿين ٿا) باوجود اسان جي زندگيءَ تي مسلط آهي... هو ٽي وي اسڪرين تي هر ٻئي ڏينهن ڇڙيون هڻي رهيو آهي ۽ جنرل صاحب جا خير سان فيس بوڪ تي ساڍا 4 لک فالوور (چاهيندڙ) آهن. معنيٰ ملڪ ۾ هن جي مقبوليت جو گراف اڃا وڌي رهيو آهي.
 ڪجهه ڏينهن اڳ ٽي وي چئنل تي هن جي انٽرويوءَ مان فيض پرائڻ جو موقعو مليو. جنرل صاحب جو چوڻ هو ته هو اسلام آباد، پنڊي ۽ ڪراچيءَ ۾ ته مقبول ئي مقبول آهي پر ٻهراڙيءَ ۾ هن جي حڪومت دوران جيڪي ڀلائي ۽ خير وارا ڪم ٿيا ان تي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کان سروي ڪري ڏسبي ته معلوم ٿي ويندو ته اتي به هو مقبول آهي يا قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.
۽ ڇا شيخ رشيد عرف شيدا ٽليءَ جي زبان تي ڪا روڪ آهي؟ جي زبان درازي ڪنهن انسان جي اسڪيچ ۾ ظاهر ڪئي وڃي ته اهو شيخ رشيد آهي. هن جي به هڪ ڪانسٽيٽيونسي هئي، جيڪا هو هارائيندو رهيو آهي. هڪ ماڻهوءَ تي مشتمل هن جي پارٽي آهي. پر هن کي به ٽي وي اينڪر ۽ ٽي وي اسٽوڊيوز مهيا ٿي وڃن ٿا ۽ هو قوم جي سماعتن سان مذاق ۽ بيحد بُرو مذاق ڪندو ٿو رهي.
ٻيو ته ٻيو پر ڇا قوم جي محسن، ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي رٽائرمينٽ ممڪن آهي؟ جنرل مشرف ڇا به آهي پر هن کان به ڪڏهن چڱي ڳالهه جي توقع ڪري سگهجي ٿي جيئن هن چيو ته ائٽمي بم واري صلاحيت تي غلبو رڳو اي ڪيو خان جو نه پر ڪيترن ۽ سون جي تعداد ۾ سائنسدانن جو آهي ۽ ان اعزاز جو حقدار رڳو اي ڪيو خان نه آهي.
پر اي ڪيو خان جي ذهن تي به سياسي ڀوت سوار آهي ۽ هن به سياسي جماعت جو اعلان ڪيو آهي. ان قسم جي ڊرائينگ رومي سياسي جماعتن جو تعداد نامعلوم آهي ۽ ان کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي ته اهو تجربو ڪنهن ناول کان گهٽ نه ٿيندو... پر اي ڪيو خان کي به اهڙا پليٽ فارم ملي وڃن ٿا جتي هو پنهنجو تماشو برملا پيش ڪري سگهي.
اصل ۾ اسان وٽ سياست ٿئي ڪا نه ٿي. سياست جي نالي تي مشڪري ٿي رهي آهي. ڪجهه روايتي سياسي جماعتون آهن جيڪي پارلياماني شڪل ۾ اسان جي سامهون آهن. پارليامينٽ کان ٻاهر سياسي ڌريون آهن اهي پنهنجي الڳ ڪرت ۾ مصروف آهن. سول سوسائٽي آهي جنهن جو وڏو اسٽيڪ آهي پر اهي سڀ ٻارهوئي باهه جي ماتم ۾ مصروف آهن ۽ ’ڊليور‘ ڪرڻ وارو آپشن خالي آهي.
حد کان وڌيڪ Self- righteousness ڪنهن جي به ڪارج تي منڌيئڙو ڦيري ڇڏيندي آهي پر جيڏانهن به پرک ڪيو؛ آنءُ صحيح آنءُ صحيح واري يلغار سان هيانءُ ٻوساٽجڻ لڳي ٿو. هر شيءِ هتي بهتر آهي پر دعويٰ ۽ فتويٰ جي حد تائين. پاڻ پڏائپ اصل ۾ ڪنهن به چڱي عمل جو موت هجي ٿي. تبليغ مقصد جو روح ڪڍي ڇڏي ٿي ۽ حد کان وڌيڪ تبليغ مورڳو counter –effect ٿي وڃي ٿي.
مُلان ۽ صوفيءَ جو جهيڙو به اهو ئي آهي. صوفي جڏهن تبليغي انداز اپنائي ٿو ته اهو اصل ۾ پنهنجي روح جي خانقاهه مان نڪري مُلان جي هجري جو حصيدار بڻجي ٿو. مُلا ان ڪري ئي اسان جي صوفي روايتن ۾ ملامت هيٺ اچي ٿو جو هو رڳو پاڻ کي صحيح يا پاڻ پڏائپ (Self- righteousness) جو شڪار رهي ٿو.ناياب مقصد پروپئگنڊا جو شڪار ٿي وڃن ته ٽڪو نه ٿا لهن.
ڪڏهن توهان هتي آرٽس (Arts) جو ذڪر نه ٻڌندؤ. هر بهترين محفل، ڪچهري ۽ ڊائلاگ جو پليٽ فارم تازي ٿيل طوفان بدتميزيءَ سان پاليوٽ (آلوده) هوندو پر آرٽس کان بي بهرا هوندو. ويجهي ڇڪ ۾ اوهان پوري ملڪ ۾ ڪنهن چڱي آيل ڪتاب جو ذڪر ٻڌو آهي يا ڪنهن ميوزڪ البم جي باري ۾ ٻڌو آهي؟ سنڌ ۾ کوڙ ڪتاب اچي رهيا آهن. ڪنهن چڱي ڪتاب لاءِ اوهان جا ڪن ترسندا هوندا؛ واجهائڻ باوجود اهڙي ڪنهن موضوع کان اوهان کي مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه نه ملندو.
دنيا ۾ بهترين اطلاع ڪڏهن به ختم نه ٿا ٿين. تڪراري ليکڪ سلمان رشدي يادگيرين جو ڪتاب لکي رهيو آهي؛ آرٽ بڪوالڊ جي آخري نوٽس جو ڇا ٿيو؟ مارڪئيز هاڻ ڪهڙي ڪتاب تي ڪم ڪري رهيو آهي؟ جاز جي دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي نئين دنيا ۾ ڪهڙا ڀونچال آيل آهن؟ ’برفي‘ بالي ووڊ ۾ آيل تازي چڱي فلم آهي. اي آر رحمان ڪهڙي نئين ميوزڪ البم تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ شهزادي هيري جي نيوڊ (اگهاڙين) تصويرن وارو اشو ڪٿي پهتو وغيره وغيره.
اسان وٽ ان قسم جي موضوعن کان هٽي موضوع آهن ۽ اهڙي ٻوڏ رڳو سانوڻين ۾ نه پر ٻارهوئي سنڌوءَ جي ڪنارن سان ٽڪرايل آهي. ممڪن آهي ته ڪالم نگاريءَ ۾ توهان کي ٻه ٽي پڙهڻ جوڳا نالا ملي وڃن پر اسان وٽ ان جي ڳولا تهائين مشڪل ڪم آهي. هر ڪالم هر تحرير اوهان جو مذاق اڏائيندي محسوس ٿيندي ۽ اڪثر ڪري Sense of humor کان خالي هوندي. ان جو انداز تبليغي هوندو ۽ اصل ۾ هر ليک/ڪالم `Self- righteousness` جو پٽڙو اظهار هوندو.
پاڻ-پروجيڪشن کان خالي تنقيد، اظهار، غير جانبدار ڳالهه ۽ ڪڏهن ڪڏهن آرٽس جي روشنيءَ سان ڀريل تحرير جو مها ڪال آيل آهي. اهڙي ۾ ماڻهو ڇا ڪري جڏهن هر شيءِ محض ڏيکاءُ (Exhibition) جو شڪار ٿي وڃي.
ڪجهه اظهارڻ ۽ ويهڻ لاءِ هتي پبلڪ پليس جو نالو نه آهي، ان ڪري recreation لاءِ ’ترڪ‘ واحد حل لڳي ٿو... پر ڇا گهرن، ڪلبن ۽ آفيسن جي کولين کي ڇڏي اهڙي نيوٽرل/ ڪمرشل جڳهه، ڪيفيز/ريسٽورنٽس ۽ شام جي اداسيءَ کي هلڪو يا اجاگر ڪرڻ واري سامان جي فيضيابي ۽ دستيابيءَ وارا مقام جوڙي نه ٿا سگهجن؟ مملڪت خداداد پاڪستان ان ڏس ۾ اليٽ طبقي تائين ته موقعا ۽ ماحول آڇي ٿي پر روايتي مڊل ڪلاس ۽ عام شهريءَ لاءِ ان قسم جو موقعو توڻي ماحول اڻلڀ بڻيل آهي.
۽ جڏهن شام جا پاڇا سرءُ جي پوياڙيءَ ۾ ڊگها ٿيڻ لڳن ٿا ته دل ٻڏندي ٿي وڃي؛ اظهار جي بي ٽوڪ ماحول ۽ پنهنجي پاڻ سان رهاڻ ڪرڻ لاءِ... ۽ ڇا لطيف اهڙي ڪيفيت محسوس ڪندي صديون اڳ چيو هو: ’اندر روح رهيام سڄڻ اوطاقون ڪري‘ ۽ شايد ماحول جي بي رحميءَ ڪري اسان جو جينئس شاعر سڄڻ کي روح جي اوطاق مان ٻاهر ڪڍي نه سگهيو...
ٽيل پيس: رمشا واري ڪيس تي مون کي ڪازانت زاڪس جو ڪي سال اڳ پڙهيل ناول Christ Re-crucified (جڏهن يسوع ٻيهر مصلوب ٿيو) ياد اچي ويو.. ۽ حيدرآباد ۾ يارهين جماعت جي شاگرد جو ٽين ايج محبت هٿان مجبور ٿي پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ ٻن جوان سال ڀينرن کي مارڻ کانپوءِ رات جو لاڪپ ۾ ننڊ ستل فوٽو ڏسي دوستووسڪيءَ جو ناول ”ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ“ (جرم ۽ سزا) ياد اچي ويو... ٻنهي واقعن تي لکڻ لاءِ پاڻ وٽ ڪو ڪازانت زاڪس، ڪو دوستووسڪي آهي؟ ڪيتري نه محرومي آهي؛ ڪيترو نه مها ڪال آهي...
iamdadsoomro@gmail.com

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔