Wednesday, 3 December 2014
ننڍي کنڊ جو وڏو ماڻهو عبرت پروفائيل
خالد ڪنڀار
سمنڊ
ڪناري تي ڪاٺياواڙ ۾ بمبئي ۽ ڪراچي جي وچ تي سمنڊ جي ڌيمين ڌيمين ڇولين
جي آواز هن جي ڪنن ڪائنات ۾ ايندي پهرين پهرين ٻڌو هو هو پور بندر تي ڄائو
هو .هن جو ڏاڏو اتمچند پوربندر رياست جو وڏو وزير هو انهي کانپوءِ اتمچند
جو پٽ ڪرمچند انهي بندر جو وڏو وزير ٿيو هو ۽ پوءِ ساڳي عهدو سندس ڀاءِ
تلسيداس کي مليو اهو هنن جي خاندان جي موروثي ملڪيت هو. پر گانڌي انهي عهدي
جي غلامي کان محفوظ رهيو.هن جو وهانءِ هن جي ٻاروتڻ ۾ 13 سالن جي عمر ۾
ڪستوري ٻائي سان چونري جا ڦيرا کائي ٿيو.هو طبعت ۾ شرميلو هو . پنهنجو پاڻ
تي اعتماد واري هٿيار کان هو شروع ۾ محروم رهيوهو پاڻ چوندو هو تـ مونکي ڊپ
ٿو ٿئي متان ڪير موتي چرچو نـ ڪري ، هن کي ٻارهن سالن جي عمرکان ٻيڙيون
ڇڪڻ جي هير هئي انهي ڪري هو پئسا پيءِ ۽ ڀاءِ جي کيسن مان چوري ڪندو هو هن
پاڻ لکيو آهي تـ مان ننڍپڻ ۾ چورن ڀوتن ۽ بلائن کان ڊڄندو هئس. قد جو ننڍڙو
۽ هاٺي ۾ سنهڙو،هن جا وار ڪارا ٿلها هئا،ساڃي پاسي سينڌ ڪڌندو هو هن جا ڪن
وڏا ۽ نڪ نوڪدار هو .هن جا چپ ۽ اکيون اثر رکندڙ هئا. گانڌي ٻاهر کليل
هوءِ ۾ پنڌ ڪرڻ جو عادي هو او هو آخر تائين ڪندو هو پنڌ ڪرڻ مهل هو پنهنجي
ٻانهن جو سهارو يا نوجوان ڇوڪرن جي ڪلهن کي بڻائيندو هو يا نوجوان نينگرين
جي ڪلهن کي هن ڪيترا ئي ميل پنڌ نوجوان ڇوڪرن ۽ نينگرين جي ڪلهن تي ٻاهون
رکي ڪيو هوندو هن مذهب جي غلامي تـ تڏهين ئي ادولي ڇڏي هئي جڏهن هن ندي جي
ڪناري تي نويڪلائي ۾ ويهي شيخ مهتاب سان گڏجي گوشت کاڌو هو ۽ انهي رات هن
ڪيترا ئي ڀيرا خواب ۾ ڏٺو هو تـ هن جي پيٽ ۾ زنده ٻڪرو رڙي رهيو آهي پهرين
تـ هو لڪي گوشت کائيندو هو پر ماءِ پي جي موت بعد هو کلم کليو گوشت کائيندو
هو . هن کي مندرن جو دٻدٻو تـ ڪونـ وڻندو هو پر هن جو خدا ۾ ايمان بـ
ڪمزور هو ، هن کي انهن سوالن جا ڪوبـ تسلي بخش جواب ڏئي نـ سگهيو تـ دنيان
ڪنهن پئدا ڪئي ۽ انهي کي ڪير هلائي رهيو آهي گانڌي ماڌ واڻيا برادري جو هو ۽
هن برادري جو ڪوبـ شخص هيل تائين ولايت نـ ويو هو هن ولايت بئريسٽر ٿيڻ
لئـ وڃڻ واري فيصلي جي هن جي چاچي مخالفت ڪئي تـ ولايت مان جيڪو پڙهي ايندو
اهو گورن جهڙو بي حيا ٿيندو نيٺ هن کان قسم کڻايو ويو تـ هو اتي وڃي شراب
ڇوڪرين ۽ گوشت کي ويجهو نـ ويندو انهي شرط سان هن کي ولايت لنڊن وڃڻ جي
اجازت ملي هن جي ولايت وڃڻ واري فيصلي جي هنن جي برادري مخالفت ڪئي پر هي
پنهنجي ارادي تي بيٺو رهيو نتيجن هن کي برادري مان نيڪالي ڏني وئي انهن
ڏينهن ۾ گانڌي جي عمر 19 سال هئي گانڌي انگلينڊ ۾ راڳ۽ ساز وڄائڻ جي سکيا
وٺڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي هئي .هن انگلينڊ ۾ ماءِ جي ڏنل وچن کي پاڙڻ لئـ گوشت جي
ٻوٽي بـ وات ۾ ڪونـ وڌي مائيٽن کي بـ منع ڪيائين تـ هو انهي کي مٺايو
موڪليندا هئا هن چيو ذائقي جو مرڪز دل آهي نـ دماغ هن اتي پنهنجو پاڻ کاڌو
پچائڻ سکي ورتو هو، انگلينڊ وارن ڏينهن ۾ هو لکي ٿو تـ جڏهن آئو مايوس
ٿيندو هئس يا ڪا ناڪامي اچي ورائيندي هئي تـ منهنجي اميد جو آخري ڪنارو
گيتا جو ڪتاب هو جتان مون ۾ وري اميد جو سورج مکي ٽڙي پوندا هئا .هو اتان
وري ڀاڃي خور بڻجي پيو .10 جون 1891 تي هن کي بئريسٽري جي سند ملي ۽ 12 جو
تي هو بمبئي ڏانهن رونو ٿيوهن جي انگلينڊ وڃڻ کانپوءِ هن جو ڄايل پٽ هري
لعل هن جي واپسي تائين چار سالن جو ٿي چڪو هو هن جي ماءِ مري چڪي هئي هن جي
زال ڪستور ٻائي ڦوه جواني کي پهتي هئي ۽هن جو حسن جواني نکاري ڇڏيو هو
انهي حسن جي نکرڻ ڪري گانڌي جي هن سان رقابت بـ وڌي وئي هئي هڪ دفعي انهن
جو اهڙو جهيڙو ٿيو جو هن ڪستوري ٻائي کي گهران ڪڌي ڇڏيو هو ۽ هو پور بندر
هلي وئي هئي .. هڪڙي وڪيل جي حيثيت ۾ هن راجڪوٽ ۽ بمبئي ۾ پنهنجي قسمت
آزمائي پر ٻنهي هندن تي مڪمل ناڪام ويو بمبئي ۾ هن کي هڪرو 30 روپين وارو
ڪيس مليو پر هن کي ڳالهائڻ جي همٿ ئي ڪونـ ٿي انهي ڪري هن اهو ڪيس بـ هڪ
دوست جي حوالي ڪري اچي پور بندر ۾ اچي اتي جي راجڪمار جو قانوني مسئلن ۾
مدد ڪرڻ لڳو . گانڌي هڪڙو ناڪام وڪيل ڊڄڻو احساس محرومي جو بيمار ساڙيلو
پنهنجي زال تي بـ شڪ ڪندڙ هو . هڪڙي پوليٽيڪل ايجنٽ کي ڀاءِ جي سفارش ڪرڻ
ويو تـ هن کي پور بندر جو وڏو وزير ڪري هن جي پي ۽ ڏاڏي وانگر پر انهي
ايجنٽ اها ڳالهـ نـ مڃي تـ بـ هن بحث جاري رکيو انهي تي انهي پوليٽيڪل
ايجنٽ چپراسي جي هٿان هن کي ٺيلها ڏئي ٻاهر ڪڍهيو. اها هن جي پهرين تذليل
هئي جيڪا انگريزن ڪئي..
انهي کانپوءِ
پوربندر جي ڪجهـ مسلمان واپارين هن کي پنهنجي وڪيل جي حيثيت سان آفريڪا
وڃڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن قبو ڪئي اتي وري آفريڪا ۾ هن سان انهي قسم جو ٻيو
واقعو پيش آيو هن ريل ۾ چڙهڻ لئـ فرسٽ ڪلاس جو ٽڪيٽ ورتو ۽ هو انهي ڏٻي ۾
ويٺو هو جو مارٽز برگ اسٽيشن وٽ هڪڙو گورو ڏٻي ۾ چڙهي آيو اتي هڪڙي سانوري
کي ويٺل ڏسي باه ٿي ويو هو ويو ۽ ريل جي هڪ عملدار کي وٺي آيو انهي عملدار
گانڌي کي حڪم ڪيو تـ هو هن ڏٻي مان لهي وڃي ٿرڊ ڪلاس ۾ چڙهي گانڌي اعتراض
ڪيو تـ هن وٽ فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ آهي پو هو ڇو نـ اتي ويٺو رهي ، هو ويٺو
رهيو هو ويا هڪ سپاهي کي وٺي آيا .جنهن گانڌي جو سامان پليٽ فارم تي اچلايو
۽ هن کي ٺيلها ڏئي لاهي ڇڏيو. هو ٿرڊ ڪلاس ڏٻي ۾ چڙهي ٿي سگهيو پر هن اهين
نڪيو ۽ اتي انتظار گاه ۾ ويٺو رهيو هو سياري جي اها سڃي رات انهي انتظار
گاه ۾ ويٺو رهيو ۽ ڪوٽ بـ نـ پاتائين جيڪو هن وٽ پيو بـ هو اهو سڃي رات هو
سوچيندو رهيو. انهن ٻن واقعن هن ماڻهو کي اندران ئي اندران سڃو تبديل ڪري
ڇڏيو اهو هن جو ٽٽڻ چئجي يا ٺهڻ پر اتان کان گانڌي جيڪو مهاتما وارو اندر
جو سفر شروع ٿيو هو هڪڙي ڀاڙئي مان بهادر ۽ ناڪام مان ڪامياب ٿيو اهو هن جو
ٻيو جنم هو .هو آفريڪا آيو تـ هڪ سال لئـ هو پر پوءِ يڪو ساريکو 21 سال
1893کان 1914 تائين اتي رهيو .هي اتي ئي ٽٽو ۽ اتي ئي ٺهيو اتي هي مڪمل
وڪيل بڻجي ويو. انهي وقعي کانپوءِ هن هڪ هفتي اندر ئي هندستانين جي ميٽنگ
ڪوٺائي.اتي ئي هن پهرين تقرير ڪئي هن جو ميڙ ۾ تقرير ڪرڻ جو پهريو تجربو هو
هن جي ساري هٻڪ غائب ٿي وئي،هن پنهنجي آپ بيتي تلاش حق م لکيو آهي تـ ڪئين
هڪڙو انسان ٻي انسان کي آزارڻ ۽ بي عزتي ڪرڻ ۾ پنهنجي عزت ٿو سمجهي
.هندستاني 1860 کان آفريڪا ۾ اچن شروع ٿيا هنن انهن ٻنين تي مزوري ٿي ڪئي
جن تي شيدي مزوري ڪرڻ لئـ تيار ڪونـ هئا هنن جي اتي حيثيت غلامن واري هئي
.انهن غلامن جي نجات واري مقصد جي حاصلات لئـ هي هندستان ٻاروٺڻ ويو ۽ اتي
هو هندستانين کي آفريڪا ۾ رهندڙ هندستانين جا سور بـ سڻائي آيو.آفريڪا
ورندي جڏهن گانڌي وارو جهاز ڊرين پهتو، انهي وقت ٻيو بـ هندستانين سان ڀريل
جهاز اتي پهتو هو انهي تي گانڌي تي اهو الزام لڳو تـ هو بيڪار هندستانين
سان آفريڪا کي ڀري رهيو آهي .گورن گهر ڪئي تـ ٻنهي جهازن کي واپس هندستان
اماڻيو وڃي هڪڙي ليکي آفريڪا وارن جي اها گهر ٺيڪ بـ هئي ڪير پنهنجي وطن ۾
بي وطن ٿيڻ قبول ڪندو . پر اهي هندستاني نيٺ اتي ئي لٿا تـ گورن گانڌي تي
سروٽن جتين ۽ بيضن سان حملو ڪري ڏنو، هن جو پٽڪو وڃي پري ڪريو، هن کي هجوم
مڪون ۽ لتون اهڙيو هيون جو هو نيم بي هوش ٿي ويو.انهي وقت پوليس سپرٽيدنٽ
جي زال اچي اتان گذري جيڪا هن هجوم ۽ گانڌي جي وچ ۾ ٿي بيٺي رتورت گانڌي
ٻارن کي هڪ هندستاني جي گهر پهچايو ويو انهي هجوم انهي گهر جو اچي گهيراءِ
ڪيو تـ هن کي ٻاهر ڪڌو تـ ماريون پوءِ پوليس هڪڙي حڪمت عملي تحت هن کي اتان
پوليس جا ڪپڙا پهرائي ٿاڻي تي وٺي آئي جتي هو ٽي ڏينهن رهيو. پر گانڌي
انهن حملي آورن تي فرياد ڪرڻ کان نابري واري. توڙي جو گانڌي هنن کي سڃاتو
بـ هو.بوئر جنگ ۾ هندستانين انگريزن جي مڪمل مدد ڪئي ڦٽيلن جي ٽهل ٽڪور ڪئي
جنهن تي انهن ئي گورن گانڌي کي تمغو ڏنو،هو انهن ڏينهن ۾ انهي خيال جو بـ
هو تـ دنيان ۾ رڳو انگريز ئي امن قائم رکي سگهن ٿا انهن سان وفاداري ڏيکارڻ
سٺي ڳالهـ آهي .ڏکن آفريڪا ۾ گانڌي انگريزي لباس پهريندو هو۽ رهڻي ڪهڻي ۾
انگريزن جو نقل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندو هو.ڊربن ۾ انگريز طرز تي ٺهيل بنگلي ۾
رهندو هو آفريڪا هن ۾ وڏيون تبديليو آنديون. وڪالت مان هن جي هاڻ اپت منو
لک ساليانو هئي.چوٿون پٽ هن کي آفريڪا ۾ ڄائو تـ انهي جو ويم هن پاڻ
ڪرايوهن چيو تـ اهو ويم ڪرائڻ وقت آئون وڏو گهٻرايل هئس. هو پنهنجي زال لئـ
پاڻ سدريون سبندو هو هو اتي جي عورتن جي جهڳڙن جا فيصلا بـ ڪندو هو،هي
پنهنجي زال لئـ وڏو عذاب هو.انهن ڏينهن ۾ ڪاڪوس ڪونـ هئا انهي ڪري انهن
ڏينهن ۾ ڪاڪوس لئـ هر ڪمري ۾ ٺڪر جا پاٽولا رکيل هوندا هئا اهي صفا ڪرڻ لئـ
گانڌي ڪنهن ڀنگي رکڻ کان انڪار ڪيو . اهي هو پاڻ صفا ڪندو هو يا وڏن پٽن ۽
زال کي اهو صفا ڪرڻ تي مجبو ڪندو هو هڪڙي دفعي گانڌي جو هڪڙو ڪلارڪ اچي
وٽن رهيو جيڪو هندستاني اڇوت هو جيڪو اوچ ذات جي ذيادتين کان پچڻ لئـ
عيسائي ٿيو هو .ڪستوري انهي جو پاٽولو صاف ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي گانڌي
چيو مونکي گهر ۾ اهڙي هلت قبول ناهي ڪستوري روئي اکيون سڃايون ۽ چيو اهڙو
گهر پاڻ وٽ رک مونکي ڇڏ تـ وڃان گانڌي هن گهلي گهر کان ٻاهر ٺيهلو ڏيڻ وارو
هو جو انهي تي هو ڌاڌون ڪري روئڻ لڳي ۽ هن کي چيائين شرم نٿو اچي هتي
منهنجو ڪير ويٺو آهي تڏهن وڃي هن کي هوش آيو.1901 ۾ جڏهن هو واپس هندستان
وڃڻ وارو ٿيو تڏهن هن کي قيمتي تحفا ڏنا ويا جن ۾ هيرا موتي ،سونا زيور ۽
هار هئا.جيڪي ڪستوري ٻائي واسطي هئا انهي رات هو ننڊ ڪري نـ سگهيو.خوف اچي
ورايس ڪو چوري نـ ڪري وڃي ڪوڦري نـ وڃي.هن کي انهي رات سمجهـ ۾ آيو تـ
انسان وٽ پنهنجي ملڪيت گهٽ هوندي تـ هن کي دلي سڪونـ حاصل ٿيندو. صبوح
ٿيندي سڀ تحفا اتي ئي سڌاري واري فنڊ ۾ ڏئي ڇڏيائين ڪستوري ٻائي گهڻيون ئي
رڙيون ڪيائين پر گانڌي هڪ بـ نـ ٻڌي. هي هندستان جي مٽي مان ڳوهيل آلو گهڙو
جيڪو ڇنڊ بـ برداشت ڪري نـ سگهندو هو اهو سڪو بـ آفريڪا ۾ ۽ پچي راس بـ
اتي ٿيو.هو جيڪو چڱي ڳالهـ تي عمل ڪرڻ جو عادي هو ۽ بري ڳالهـ وساري ڇڏيندو
هو،هو جنهن جو پوءِ پنهنجي خواهشن پنهنجي طبيعت ۽ پنهنجي جسم تي پورو
ضابطو هو.هن پنهنجو پاڻ کي 42 سال جنسي ميلاپ کان پري رکيو 1906 کان 1948
تائين 1906 ۾ هي 37 سالن جو تڏهن کان مرڻ گهڙي تائين جنس کان پري رهيو چون
ٿا تـ انهي جو هڪڙو سبب اهو هو جو هو هڪڙي رات پنهنجي پيءِ کي زور ڏئي
رهيو هو اچي جنس جي لذت جي ٻاڙ لڳي هو پنهنجي چاچي کي زور ڏيئڻ تي لڳائي
پاڻ زال وٽ ويو ٿوري دير ۾ نوڪر اچي در جو ڪڙو وڃايو گانڌي پيءِ وٽ پهتو تـ
هن جي پيءِ جا پساه پورا ٿي چڪا هئا.گانڌي ۾ جنسي خواهش ڪجهـ ذياده هئي
قسم کڻڻ کانپوءِ بـ عورتن ڏانهن ڏاڍي ڪشش ٿيندي هئي پر هي ۽ ڪستور ٻائي
جدا جدا کٽن تي سمهندا هئا هن جو اهو بـ خيال هو تـ جسماني ميلاپ حد اندر
هجڻ گهرجي. هن چيو منهنجي زندگي جي بدترين گهڙي اها هئي جڏهن هڪ رات مان
ننڊ مان جاڳي پيس عورت لئـ بي پناه خواهش محسوس ڪيم مون جنهن چاليهـ سال
انهي خيال کان ڪناري ڪشي تنهن لئـ اهڙو خيال اچڻ حيرت ناڪ هو مان پنهنجي
جذبن تي غالب تـي پئجي ويس. گانڌي جڏهن ڪم ڪري ڪري ٿڪ کان چڪنا چور ٿي
پوندو هو تـ وڃي بستري تي ليٽيندو هو جئين بنا دير ننڊ اچي وڃي ماڻهون چون
ٿا تـ مان سنت آهيان ۽ سياست ۾ پيو ٿاڦوڙا هڻان پر حقيقت ۾ مان سياستدان
آهيان ۽ سنت ٿيڻ لئـ پيو جتن ڪريان.آفريڪا ۾ ئي رجسٽريشن تان هڪڙي پنهنجي
ئي ديس واسي سرحدي پٺاڻ مير عالم گانڌي جي مٿي ۾ زورائتي لٺ هئين هئي. گڏيل
تعليم ڏيئڻ لئـ گانڌي جا خيال نرالا هئا هو سمايل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي گڏ
ترڻ تي همٿائيندو هو هو چوندو هو ترڻ وقت منهنجون نگاهون ڇوڪرين جي
نگهباني اهڙي طرح ڪنديون هيون جهڙي طرح ماءِ جون نگاهون ڌي جي نظرداري
ڪنديو آهن ،ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گانڌي جي چوڌاري ٽالسٽاءِ کيت ۾ کليل وراندي ۾
فقط ٽن ٽن فٽن جي فاصلي تي سمهندا هئا، پر گانڌي چوندو هو هنن کي منهنجي
پيار جو ايترو يقين هو جيترو اولاد کي ماءِ جو ضابطي جو سبق بـ پيو ڏيندو
هئس،نيٺ هڪ ڏيننهن واقعو ٿيو انهي ۾ ٻـ ڇوڪرا ۽ هڪ ڇوڪري شامل هئا ،ٻي
ڏينهن صبوح جو گانڌي انهي ڇوڪري جا وار سزا طور پاڻ ڪوڙيا .اتي ئي هڪ جلسي
۾ هو هڙتال ۾ قتل ٿيلن جي ڏک ۾ مغربي پوشاڪ ترڪ ڪري هڪ جلسي ۾ پاکڙي ڌوتي ۽
پهراڻ پائي آيو. 1914 ۾ هي انگلينڊ ڏانهن آفريڪا مان روانو ٿيو هن هڪ
سپاٽو جنرل سمٽس کي سوکڙي طور موڪليو 1939 تائين اهو سمٽس پريٽوريا م
پنهنجي ٻني ۾ پائيندو هو، انهي وقت اهو گانڌي کي واپس ڪري موڪليائين هن
لکيو آئون اهو ڪيترا سال پائيندو رهيو آهيان .پر اهو سدائين محسوس ڪيو اٿم
تـ مان اهڙي عظيم انسان جي جتي ۾ پير پائڻ جي لائق ناهيان سمٽس جڳ مشهور
مدبر جنهن چيو هو هي خطرناڪ ۽ بي صبر دشمن آهي هن جو جسم تـ فتح ڪري
سگهجي ٿو پر هن جو روح فتح ڪرڻ ناممڪن آهي.. 1915 ۾ هي هندستان موٽيو جلسي
۾ هن تقرير ڪئي انهي جلسي ۾ هن کي ماڻهن پهريون دفعو مهاتما ڪوٺيو انهي
کانپوءِ جلد ئي رابندرناٿ ٽئگور هن کي مهاتما جو لقب ڏنو ٽئگور چيو گانڌي
غريبن جي روپ ۾ عظيم روح آهي هن هندستان ۾ سابرمتي ندي جي ڪناري تي پنهنجو
آشرم ٺاهيو هو چوندو هو منهنجو رايو ساڳيون سمجهڻ نـ گهرجي ٻي وقت ٻيو ٿي
سگهي ٿو، هو چوندو هو جيڪي ڦٽيلن کي سنڀالين ٿا سي بـ پنهنجو پاڻ کي جنگ جي
جرم کان آجو نـ سمجهن توڙي جو اهو جرم هن پاڻ آفريڪا ۾ ڪيو هو،1920 ۾ هن
انگريزن جو بائڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۽ هن آفريڪا ۾ مليل ٻئي تمعا واپس ڪيا.
ماڻهو گانڌي جي جلسن ۾ لکن کان مٿي هوندا هئا جيڪي هن جو آواز ٻڌي بـ ڪونـ
سگهندا هئا بس درشن لئـ ايندا هئا ،هن جو کاڌو اهو ئي ساڳيون هوندو هو هڪ
سير ٻڪري جو کير ٽي ڦلڪا ٻـ نارنگيون ۽ ڪشمش انگور جا ٻـ ٽي ڇڳا گانڌي
چوندو هو اوهانکي مغربي لباس نـ پهرڻ کپي تڏهن ماڻهون هن جي چوڻ تي انگريزي
ڪپڙا لاهي هن جي اڳيان ڌير ڪندا هئا ، پوءِ گانڌي پاڻ پنهنجي هٿ سان انهي
کي تيلي لڳائيندو هو، چرخو ڪتيو پنهنجا ڪپڙا پاڻ ٺاهيو،هن ينگ انڊيا ۽ نوا
جيون اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو هو جڏهن 22 مهينن لاءِ جيل ويو تـ هن جا
ڪيترائي ساٿي وڃي پنهنجي پنهنجي ڌنڌن کي لڳا،هن هڪڙي خط ۾ لکيو جنهن گهڙي
هندستان اخلاقي طرح لائق ٿيو تـ هنن کي آزادي ملي ويندي.هن چيو انسان نيڪ
ضرور آهي پر جيستائين هن ۾ نيڪي جو جذبو نٿو جاڳايو وڃي اوستائين بدي جو
جذبو پيو استعمال ٿيندو،هن جي پيغام رسائڻ جا عجيب طريقا هئا ڪڏهن لکن
ماڻهن جي وچ ۾ پلٿي هڻي ويهي رهندو هو پوءِ مرڪي آخر ۾ روئي پوندو هو ،ڪڏهن
ورت رکندو هو،ڪڏهن پيادو ڪوهن جا ڪوه پنڌ ڪندو هو هو جڏهن ورت کوليندو هو
تـ ٿورو جشن ملهايو ويندو هو امام قران جو ٽڪرو ٻڌايو ايڊ ورڊ اچي انجيل
ٻڌايو ۽ پنڊت ڀڳوت گيتا مان ڪجهـ، هو چوندو هو جڏهن انگريز ڳئو ٿا ڪوهن تـ
ڪجهـ نٿو چيو وڃي مسلمان ڪوهن ٿا تـ باه ٿي ٿا وڃو اهي هندو ئي تـ آهن جيڪي
پنهنجون ڳئو وڪرو ڪن ٿا ڪوهڻ لئـ،سابرمتي آشرم واري جهڳي انڊيا جو وائيٽ
هائوس بنجي چڪي هئي جڏهن دوري تي نڪرندو تـ هر جاتي ۽ مذهب جا ماڻهو اچي
خانابدوشن سميت هن چرن ڇهندا هئا رات جو هو پنهنجي پيرن تي ڪيتريون ئي روڙو
ڏسندو جيڪي هن جي چاهيندڙن جي هٿن سان لڳنديون هيون،هو ديوتا بنجي ويو هو
گونڊ ذات جا ماڻهو هن جي عبادت ڪندا هئا توڙي جو چوندو هو تـ مونکي انهي
قسم جي بت پرستي مان وهشت ٿئي ٿي،ماڻهو هن جامعجزا بيان ڪندا هئا پڙهيا
لکيا ماڻهو هن جامريد هئاهن جو چرخي ڪتڻ ۾ ايتري اميد هئي جو ڪانگريس جي
جهنڊي ۾ ان جو نشاب ڏنو ويو،جتي ويندو هو اتان چندا گڏ ڪندو هو جنهن مان هن
هاري لئـ چرخا ٿي ورتا هو ميڙ ۾ کاڌي جو ڪپڙو وڪڻندو هو ڪيترن ماين هن کي
پنهنجي تن جي زيور لاهي چندي ۾ ڏنا،هو ڪارخانن جو مخالف هو چوندو اهين ڪرڻ
سان ڪم هڪ هٿ ۾ هليو ويندو آئون هڪ هٺي جو مخالف آهيان،هو ترقي جو اندازو
ماڻهن جو دولت نـ پر هنن جي اخلاق مان لڳائيندو هو لوڻ واري تحريڪ ۾ هو
پيادو سمنڊ تائين ويو ۽ اتان لوڻ جو ٻڪ ڀريانئين هي هن جي وڏي بغاوت هئي ،
هو جڏهن گرفتار ٿيو تـ هن کي جيل ۾ ٻڪري ڏني وئي ڇو جو هو ٻڪري جو ئي کير
پئيندو هو .انگلينڊ جي حڪومت طرفان اسڪالينڊ جا ٻـ جاسوس هن جي حفاظت لئـ
رکيا ويا جن کي پوءِ گانڌي جي وڻندو هو آخر ۾ هن گهر ڪئي تـ اٽلي واري بندر
تائين هو هن سان گڏ هلن پوءِ هن انهن لئـ انڊيا مان ٻـ گهڙيون سوکڙي طور
موڪليون انسان جي فطرت هر ملڪ ۾ هڪجهڙي آهي توهان پنهنجو پيار ڏيکاريو موٽ ۾
توهانکي ڏهوڻو پيار ملندو ،هن سابر متي آشرم اڇوتن کي ڏنو ۽ پاڻ وڃِي
وارڌا وسايائين، هن جو خيال هو تـ جسماني ميلاپ حد اندر هجڻ گهرجي، هو
پنهنجي اولاد کي چڳي طرح سنڀالي ڪونـ سگهيو هو هن چاهيو تـ هو هن جا پٽ
سنت بڻجن،پر هن جو پٽ هيرالال تـ وڃي رنڊي بازي ڪئي ۽ شراب جون بوتلون
ڏوگهيائين پنهنجي زال ۽ ٻارن کي بـ ڇڏي ويو نـفقط ايترو پر وڃي مسلمان ٿيو
نالو رکيائين عبدالله مني لال پيءِ جو فرمانبردار هو، هنجي نقش قدم تي هليو
،رامداس وڃي دڪان کوليو ،ننڍو ديوداس سپوٽ هو پي سان گڏ رهيو ۽ هن جو
سيڪريٽري بـ ٿيو گانڌي چوندو هو ٻار پويتر ٿين ٿا ناپاڪي هن جي عمر وڌڻ سان
پئدا ٿئي ٿي .هو اهو بـ چوندو هو مان عيسئ آهيان مان هندو آهيان مان
مسلمان آهيان مان يهودي آهيان انهي ڪري ڪيترائي عيسائي اچي هن جي پيرن ۾
وهندا هئا، آفريڪا وارن ڏينهن ۾ هو عيسائي ٿيو ٿي پر هن کي پنهنجي سوالن جا
جواب نـ مليا هن جا سوال هئا خدا کي صرف هڪ پٽ ڇو هو،مان صرف ڇو ڪرستان ٿي
ئي جنت ۾ وڃي سگهانٿو، هن چيو منهنجو عقيدو آهي جنت ۾ نـ ڪو هندو هوندو نـ
عيسائي نـ ٻيوڪو مذهب، هن هڪڙي انگريز کي چيو اسان انب کي نپوڙي هن جي
چوٽي ۾ ٽنگ ڪري چوسيندا آهيون جڏهن اهو انگريز انب کل لاهي رهيو هو،. ڪستور
ٻائي 1944 م هن جي گود ۾ دم ڏنو هو هر سال انهي ڏينهن کي ماتم طور
ملهائيندو هو.هي جيلن ۾ ڪل هندستان ۾ 2089 ڏينهن ڪاٽيا ۽ آفريڪا جي جيلن
۾249 ڏينهن رهيو.وڏن وڏن سرمائدارن کان چندا وٺن جو ڪاريگر هو،انهي ڪري ئي
مس ننڊو چيو هو تـ گانڌي کي غريب رکڻ لئـ تمام گهڻي دولت جي ضرورت آهي هن
چيو هو منهنجو جانشين جواهر لعل نهرو آهي نـ رجگوپال آچاريا هن چيو هئير هو
منهنجي ٻولي نٿو سمجهي پر جڏهن مان نـ هوندس تـ هو منهنجي ئي ٻولي
ٻوليندو،هن هندو مسلم فساد روڪرائڻ لئـ وڏيو ڪوششون ورتيون ڳوٺ ڳوٺ گهر گهر
ويو هو جتي هندو مسلم فسادن جو ٻڌندو تـ پهچي ويندو هو هن چيو مان هندن
جي عيبن تي پردو وجهڻ کان هندو مذهب ڇڏڻ پسند ڪريانٿو،هو چوندو يا مان هندن
۽ مسلمانن کي هڪ ڪري ڇڏيندس يا پنهنجي جان ڏيندس لارڊ مانئونٽبيٽن چيو
گانڌي اڄ ڪانگريس مونسان آهي چيو پر هندستان مونسان آهي انهي کانپوءِ هن
هڪڙي تقرير ۾ چيو هن قسم جي هندستان ۾ مون واسطي ڪا جڳهـ ناهي مو سوا سئو
سال جيئن جي اميد ترڪ ڪري ڇڏي آهي باقي سال ٻـ مس جيئندس. هن چيو جي رڳو
هندو ئي منهنجي پٺيان هجن ها تـ بـ مان هندستان جو ورهاڱو روڪي وڃان ها .15
آگسٽ 1947 تي هندستان آزاد ٿيو پر هن اهو ڏينهن ملاهڻ کان انڪار ڪيو .31
آگسٽ تي خد انهي گهر تي حمل ٿيو جنهن ۾ گانڌي رهيل هو هندن جو وڏو لشڪر
نعارا هڻي رهيو هو هو ڪنهن هندو جولاش کڻي آيا هئا جنهن کي ڪنهن مسلمان
ماريو هو اتي گانڌي جي چوڻ تي هندو ڪونـ مڙيا پوءِ مسلمانن هن حفاظت ڪئي،هو
پنهنجي پوڄا ۾ قران جون آيتون پڙهي ٻڌائيندو هو،هن نهرو تي اهو زور رکيو
تـ هو گڏيل هندستان جي خزاني مان پاڪستان جو حصو ڏي جڏهن پٽيل هن جي راءِ
جي مخالفت ۾ دليل ڏنا تـ هي روئي پيو ۽ چيائين پٽيل تون اڳيو پتيل ناهي
رهيو.پوءِ نهرو اهو حصو ڏنو خزاني جو.هڪڙي جلسي ۾ گانڌي ۽ جلسي وارن تي
دستي بم اڇليا ويا هن چيو ڪجهـ نـ ٿيندو اوهين مونکي ٻڌو 30 جنوري 5 بجي
جئين هو پوڄا واري آسرم ڏانهن آيو رش گهڻي هئي گوڊسي اڳتي وڌي آيو هن ڇوڪري
منو کي ٺيلهو ڏئي ماتما کي ٽي گوليون هيون جيڪو انتها پسند هندو هن انهي
ڪري تـ هتي مسلمانن کي ڇو ٿو وٺي اچي ۽ هتي قران جو آيتو ڇو ٿو پڙهي . اهين
هي 19 صدي جو عظيم روح هر مذهب کي هڪڙي اک سان ڏسندڙ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي
جو مخالف اهنسا ۽ عدم تششدد جو پيروڪار مخالفن سان ساري عمر وڙهندڙ پنهنجن
هٿان شهيد ٿي ويو هندستان جو ابو گولي سان گيان ۽ ڌيان ڇڏي وڃي آخر سفر تي
روانو ٿيو 78 سالن جي عمر ۾ پساه پورا ٿيا روس کانسوءِ سڀني حڪومتن ۽ مذهبي
پيسوائن هن جي موت تي افسوس ڪيو ۽ پنهنجي ملڪن جا جهنڊا جهڪايا .
Jogee_khalid@yahoo.com .
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
منهنجا ۽ سنڌ جي سڃاڻ سخصتين جا ليک
Subscribe to:
Post Comments (Atom)













رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔