جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Wednesday, 3 December 2014

ايندڙ برساتون ۽ سرڪاري حڪمت عملي جو حال خالد ڪنڀار

جڏهن کان ڌراڙ ۽ ڌڻ جي وچ وارو رابطو ٽٽو آهي ۽ آدم جي ٻچڙي وڻ ٽڻ پکي پکڻ جيت جناور کي سمجهڻ بدران نظر انداز ڪرڻ شروع ڪيو آهي. تڏهن کان موسم جا سماچار انٽر نيٽ ۽ اخبار واري خبرن مان ورتا وڃن ٿا ۽ اهي سائنسي سماچار هاڻ وانڊ وٿاڻ وٺي ريڊيو جي مهربانين سان پاڻ واري ٿر جي ڀٽن ۾ به پهچن ٿا سو اسان وارا ٿريا به سوچ ويچار سان ڌڻ ۽ وڻ ٽڻ کي سمجهڻ وساري ڪن ريڊيو تي ڏيو ويٺا خبرون ٻڌندا آهن يا لاري مان اخبار اچڻ جي انتظار ۾ ويٺا ڪنڊي هيٺان ڪانڀ ٻڌي پن جي ٻيڙي دکائي اوٻاسيون ڏيندا آهن هاڻ ٿرين کي چانهه جي ٻاڙ کان وڌيڪ اخبار جي ٻاڙ ستائيندي آهي پوءِ ڀلي اخبار ٻيو ڪير پڙهي ٻڌائي انهي اخباري خبرن جي مهربانين سان ٿريا سياست تي به وڏا تبصرا ڪندا ملندا . انهن ٿرين سان پرسال وڏي ٿي. هنن اهو پئي سمجهيو ته هيل وسڪارو ڀلو ٿيندو ڇو جو پرسال پهريان مينهن اهڙا پيا جو وڻ ٽڻ نه صرف ڌوپاڻا پر ريج وڃي ريج سان مليو هو. سو ٿريا پنهنجي کل ۾ نٿي ماپيا  پر ته ٿي ٿرين سان به اهڙي جو ٻئي هٿ مٿي تي مينهن اهڙو اچي کنيو جو انهن لئه ريڊيو ۽ اخبارون اهي خبرون کڻي آيون ته ٿر جي تاريخ ۾ اهڙا مينهن ڪنهنجي به يادگيري ۾ ڪونه پيا هئا پوءِ پهرئين مينهن تي جيڪا ٿوري گهڻي مرڪ اڀڙي هئي اها به برسات هڻي ڀينگ ڪئي ٿرين جا ٻئي هٿ پر سال مٿي تي هئا وري جو ٿرين جي ڀاڳ ٺڪا ڏنو ته اهو گوار جيڪو هزار ٻارانهن سئو ۾ وڪرو ٿيندو هو وڃي ٻارنهن هزار رپيا مڻ تي پهتو پر جيستائين گوار ٻارنهن هزار تي پهتو اوستائين گهڻا همراه کرو ڀيلاڙ ڪري چڪا هئا پر ٿرين سان اهي جٺون ٿيون هيون پرسال اهين کڻي چئجي ته ٿريا گهڙي ڀري ۾ ته گهر ڀاڪر ۾ هئا ذات ڪچو چونرو نه بچيو رڳو چونري جا ملهه ۽ ڇاڄو وڃي بچيو هو پر هيون ريٽ جون ڀٽون سو همراه هئا بي کٽڪا .پروڪي وسڪاري کانپوءِ ڍوڍاري واري ارباب جي مهربانين سان ٺهرايل هڪڙو ڪوه روڊ به سلامت ڪونه رهيو سڀ نئين روڙي وڃي ڪي ڏهرن ۾ اڇليا ته ڪي وڃي تراين ۾ پيا نئين جي ڌڌڪي سان ريتي بجري واري ۾ ملي گم ٿي وئي ٿريا جهڙا اڳي هئا اهڙا ئي رهجي ويا پر پنهنجي هئين جي ڳالهه ڪن ته ڪنهن سان ڪن؟ ڪو هجي سڃاڻون ته ٿڌو ساهه ڀري پيرائتي ڳالهه ڪن سو پروڪو ٿرين جو هئين جو سور هئين ۾ رهجي ويو مٿان وري انهي ئي پروڪي مينهن جيڪي مهراڻي واري ڪس ۾ رانڱا ڪيا انهن جون خبرون ته خير واريون ڪو نه هيون ذات ماڻهو جا ٻچا وات ۾ اچي ويا ڪس ٻڏو ته عمرڪوٽ کان وٺي ونگي تائين هيٺ ويندي بديني، ميرپور ۽ سانگهڙ جي ماڻهن ٻي ڪا واهه نه ڏسي اچي ڀٽون وسايون، اهي مينهن جا ماريل ماڻهو مهراڻي واري ڪس ۾ ته ڀٽون ڀرجي ويون ونگي کان عمرڪوٽ تائين تر ڇٽڻ جي جڳهه ڪو نه هئي بس ڪاري قيامت هئي ڪير ڪيمپ ۾ مئو ٿي ته انهي کي ڪير پار ڪڍي روئڻ وارو ته گهوريو پر ڇاڙڪي ڪفن جي ملڻ مشڪل هئي. ڪي ڪيترا ڏينهن ويچارا ماڻهو ڀٽن تي بي ڌڻياتا پيا هئا ڏينهن جو وڻن هيٺان رات جو کليل آسمان هيٺان پو جي رات جو ڇنڊون ٿي ڪريون ته وڻن ۾ ٻارن جي ڪيهو ڪيهه هئي. پروڪي ٻوڏ ۾ نهٽو ئي وڏي ۾ وڏي ڪيمپ هئي ماڻهو ويچارو قدرت جي مهاندان بي وس بڻيل هو پروڪي مينهن ۾ هاڪڙي به اچي ڌوڙهيا ڪرايا پراڻ به پيٽ ڀر گسڪڻ شروع ڪيو ته ڪس جا ٻه وڏا شهر پورو ٻه مهينا اهڙا بند ٿيا جو ڪو هٽ نه کليو ماڻهو پنهنجون ملڪتيون ڇڏي سر بچائي وٺي منهن ڪري ڀڳا بس پروڪي ٻوڏ ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪونه ڪئي پر ڀڃي ڇڏي ماڻهن جي ڪا شئي نه رهي بس پڪل فصل مال گهر سڀ ڪجهه ناس ٿي ويو ايستائين جو ڪيترا ئي ماڻهو هيلا بهانا ڪري  پنهنجو سر به ڪونه بچائي سگهيا ڳوٺن جا ڳوٺ دڙا ٿي ويا اهي منظر ٿا اکين اڳيان اچن ته اڄ به دليون چون ٿيون ڍاڍون ڪري روئجي  انهن ٻوڏ جي ماريل علائقن ۾ هيل ته چيٽ جو فصل به ڪونه ٿيو اڃان ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي ٿي ته اهو به سگهي ٿو اڳئين ڪتي به نه ٿئي پوءِ جيڪا رب جي رضا پروڪي ٻوڏ ۾ چڱا خاشا سرياند ماڻهو به امداد پٺيان ڌڪا کائيندا رهيا  مٿان وري پر پاڻ واري سرڪار ڇاتي تي هٿ هڻي بيهي رهي ته اسانکي ڪنهن جي مدد جي ضرورت ناهي اسين پاڻ ئي منهن ڏينداسين ڀلا ڀلي ڪري منهن اهو ڏنائون جو ڪنهن ٻوڏ متاثر کي منهن به ڪونه ڏيکاريائون تان جو ماڻهن جي ڳالهين جي اچي ميڊيا تي هاءِ گهوڙا ٿي رڙو رڙ ٿي وئي تڏهن ڀاڱ ڀريا وڃي جاڳيا ۽ يواين کي اپيل ڪيائون تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي وري به يواين وارن جي مڙسي کي مڃبو دير سوير اچي پهتا پر آيا ته آيا اهڙي طريقي سان جو وڃي ٿيا ست خير ڪوبه مقامي اين جي او نه سڀ پٺاڻ اچي پهتا جهڙو وانا ۾ آيا هجن پوءِ هٿيارن تي هيسائي هيسائي پئي ٽوڪن ڏنائون ايترو هيسايائون جو پوءِ اهي ٽوڪن پٿوري ڍوري ناري ۽ ٻي پاسي وڪرو به ٿيا پاڻ واري سماجي ڪارڪنن کي مليا رڳو واش تي پروجيڪٽ سو ويٺي ڪيمپن ۾ ڪاڪوس ٺهرايائون هاڻ ٻهراڙي جا ماڻهو وڃن ڪاڪوس لئه جهنگ ۾ هنن پاڻ وارن همراهن خيمي وٽ ڪاڪوس ٺاهي هڻي هڻي مس وڃي ڪاغذن جا پيٽ ڀري پروجيڪٽن جا پئسا پورا ڪيا مال ويا پٺاڻ کائي هي اهين ئي گهوڙا گهوڙا ڪندا رهجي ويا جهڙي ٻوڏ آئي ئي هنن تي هئي. مٿان جيڪو پاڻ واري سرڪار سڳوري هتان هُتان ڪري مال موڪليو اهو به ويا شودا کائي سرڪاري مال سان اهو ٿيو جيڪو ٻين سرڪاري شين سان ٿئي ٿو، ٿيو اهين جو راتين جو ٽيڪٽر ٽالا وڏيرن جا آيا راتو رات لڪ چوري ۾ ڀرجي روانا ٿيا اهو مال ته ڪٿي نطر ئي ڪونه آيو ٻيا ٿيا خير هر ڪنهن ننڍي وڏي وڏيري پنهنجي ڪک سائي ڪري ڀڀ ڀريا ماڻهن کي جي ايتري نقصان جي باوجود سرڪار سار لڌي ته اُها اها لڌي جو بينظير ڪارڊ مليا جنهن ۾ گهر ڏٺ ڏهه هزار رپيا هئا اهي به وڏي ذلالت کانپوءِ مليا پر مليا سهي اها ڳالهه سرڪار جي به مڃبي رڳو گهوڙا گهوڙا ڪونه ڪبي باقي گذريل ٻوڏ ۾ رهي ڪا شئي ڪونه نه رهيو ڪو روڊ نه رهي ڪا بلڊنگ نه رهيو ڪنهن جي فصل جو تيلو نه رهيو ڪنهن جو مال سلامت سڀ ڪجهه لڙهي ويو ماڻهن تي گذريل ٻوڏ جا وڏا نفسياتي اثر پيا جن مان هي آدم جو ٻچڙو ڪي ڪيترا ڏينهن ڪونه نڪري سگهندو ۽ تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر اڃان تائين انهي حال ۾ آهي ڪنهن انهي جي سار ڪونه لڌي اهي علائقا الاهي ته ڪيترا سال پوئتي ويا هليا ماڻهن جي دماغن ته ايستائين جو سوچڻ ڇڏي ڏنو هو اهي ڳالهيون انهي ڪري پيا ڪريون جو پاڻ ته انهن جا اکين ڏٺا شاهد آهيون  اڃان تائين نهٽي ۾ پروڪي ٻوڏ جا ماريل گهر ويٺا آهن واپس ئي ڪونه وڃن ڇا هنن جا گهر ئي ڪونه رهيا . انهي ٻوڏ کان ٻه چار مهينا پوءِ پاڻ واري سرڪار سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ٻوڏ متاثرين ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي بحالي لئه اٺ ارب رپيا رکيا هئا پر وري جو مڙسي ڪيائين ته هڪڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري اهي اٺ ارب رپين جا فنڊ اسيمبلي ميمبرن ۽ پاڻ واري وڏي وزير جي ترقياتي فنڊ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا انهن اٺ ارب رپين مان پهرين ئي ٻه ارب رپيا ڪراچي واري سنگت کي ڏئي ويٺا هئا اهي ٻه ارب رپيا جوڙ ڪجن ٿا ته هنن رڳو ڪراچي کي ترقياتي فنڊ مان هن سال پوڻا چار ارب رپيا ڏنا آهن هاڻ سنگت جو دماغ خراب ٿئي يا نه ٿئي هاڻ ڪراچي جا ڪم ڪئين نه ٿين انهن اٺ ارب رپين ۾ ٻه ارب رپيا اهڙا هئا جن سان گذريل سال جي ٻوڏ جي ستايل تباه ٿيل 200 ڳوٺن جي 40هزار گهراڻن کي گهر اڏائي ڏيئڻا هئا انهن جو لسٽون تيار ٿي ضلعي انتظاميا وٽ پهتل هيون بخت جو ڦيرو انهن ۾ ٻه ارب رپيا ٻيا وري اهڙا هئا جو انهن پئسن مان ٻوڏ جي تباه حال ٿيل علائقن ۾ننڍن شهرن ۾ بنيادي سهوليتن مثال طور صحت تعليم پاڻي وغيره جي بحالي ڪرڻي هئي اهي انڌيون منديون سهوليتون جيڪي هيلوڪي ٻوڏ کان اڳ۾ هيون ۽ پوءِ برساتن تباه ڪري برباد ڪيون ، اهي مرمت ڪري استعمال لائق بڻائجن ها روڊ جي مرمت ٿئي ها باقي چار ارب رپيا نئون اسڪيمون هئا پر وس وارن تي ڪنهن جو ٿو وس هلي انهن ائين ڪيو جو انهن اٺ ارب رپين مان ٽي ارب ڇٽيهه ڪروڙ رپيا هنن مڙسي ڪري صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي ترقياتي رٿائن ترجيحي ترقياتي پروگرام ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته انهي پروگرام لئه هلندڙ مالي سال  جي اي ڊي پي ۾ اڳي ئي ست ارب ٻاهتر ڪروڙ رپيا رکيل آهن هي وري اسان وارن ميمبرن جي بجيٽ وڌائي وئي آهي جئين ٻوڏ متاثر بجاءِ سموري صوبي ۾ سيڙپ ڪجي جئين سڀ راضي رهن ڇا ضرورت ٻوڏ متاثرن جي ٻيهر آبادڪاري جي آهي يا ٻين علائقن ۾ ترقياتي ڪم جي؟ پهرين ترجيح ڪهڙي هجڻ کپي ٻوڏ متاثر يا نوان پروجيڪٽ. اڳي ئي هر ايم پي اي کي چار ڪروڙ جون رٿائون مليل هيون اهي رٿائون هاڻ وڌي 6 ڪروڙ جون ٿي ويون آهن گذريل سال ٻوڏ اچڻ سان فائدو ٿيو يا نقصان پر اسان واري صوبي جي ايم پي ايز کي ضرور  ٻه ڪروڙ واڌو اسڪيمن جو فائدو رسيو  اهين کڻي چئون ته هنن جي بجيٽ 50 سيڪڙو وڌي وئي جنهن سان هي وڌيڪ ويهه وڏيرن کي ڪجهه عرصي لئه راضي ڪري پنهنجا ووٽ پڪا ڪري سگهندا . انهي کانسواءِ ٺيڪيدارن ۽ انجنيئرن کي به حصو پتي ملندو انهن پئسن مان رڳو ايم پي ايز کي حصو پتي ناهي مليو پر ايم اين ايز کي به ونڊ ڪرائي وئي آهي 75 ايم اين ايز کي في ايم اين اي کي چار ڪروڙ رپيا مليا آهن جيڪي ايم پي اي کان ٻيڻا آهن هنن جا به ٺٺ ٿي ويا آهن پر انهن پئسن جو وڏو حصو وڏي وزير پاڻ رکيو آهي  جنهن کي ٻوڏ متاثرين واري بجيٽ مان هڪ ارب64 ڪروڙ رپيا مليا آهن اهي پئسا وڏي وزير جي هدايتن سان خرچ ٿيندا ۽ ها سچ ڪراچي جي هر ايم پي اي کي به ٻه ٻه ڪروڙ رپيا مليا آهن هاڻ ٻڌو ٻوڏ متاثرن جو پئسو سهي استعمال ٿيو يا نه؟ اصل ٻوڏ متاثر ته اسانجا چونڊيل نمائيندا آهن. هاڻ اهي اٺ ارب رپيا جيڪي ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لئه رکيل هئا اهي چار چار ڪروڙ ٿي پوري سنڌ ۾ ورهائجي ويا سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي جي انهن پئسن جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ استعمال ٿئي ها ته حڪومت جي ناماچاري به ٿئي ها ۽ هي ماڻهون حڪومت جي اهڙي آٿت ملڻ تي ڪجهه سک جو ساه ضرور کڻن ها جيڪڏهن چاليهه هزار گهر 200 ڳوٺن ۾ ٺهن ها ته ڳالهه پئي ڳائجي ها پر سوڀ به سڀ ڪنهن کي لکيل ناهي هوندي سو هنن حڪمرانن کي لڳي ٿو سوڀ لکيل ڪونهي.
بهرحال اهي ڳالهيون آيون ويون ٿيون هاڻ مٿي ڪٽڻ سان ڇا ورندو؟ ڪجهه الٽو پنهنجي ئي مٿي ۾ سور پوندو پر انهن ڳالهين جي يادگيري  انهي ڪري پئي ڪرائي سون جو اٺ تڏهن تي رڙيا جڏهن ٻورا ٿي سباڻا پروڪي وسندڙ مينهن ۾ به اهي ڳالهيون هليون پئي ته هاڻ موسم تبديل ٿي آهي هر سال اهڙا ئي مينهن پوندا پوءِ ڪن چيو اهڙا مينهن پنج سال آهن ڪن چيو ست سال پر چوڻ جو مقصد جيترا هئا وات اوترون هيون ڳالهيون پر هاڻ ته پاڻ وارو وڏو وزير به هيل ڪجهه وقت کان اڳ جاڳيو آهي الله سڻائي ڪندو هاڻ ڳالهه ڪري پيو ته امڪان اهي آهن ته اهڙي موسم ايندڙ ويهارو سال رهندي جي ويهه سال ٿا اهڙا مينهن پون ته ٻيو گهوريو ماڻهن کي انگ تي اوڌڻ لئه اڳڙي به ڪونه ملندي هاڻ ٿا بندو بست ٿين سڃي سال سرڪار سڳوري رڳو پراڻن وهڪرن تي ڪم ڪرڻ جون هدايتون ۽ صلاحون ڪندي رهي ڪيائين ڪک ڀڃي ٻه به ڪونه هاڪڙي جا اهي ئي حال آهن پراڻ جو پيٽ اهڙو جو اهڙو پيو آهي ڪنهن ڪوڏر جو لپو به هئيو ڪونهي جي گذريل ٻوڏ کان ئي ڪم انهن پراڻن وهڪرن هاڪڙي ۽ پراڻ تي ٿئي ها ته اها ڪم جي ڳالهه هئي پر ائين ٿيو ڪونه هاڪڙو درياهه جي ٻوڏ يا ڏکڻ سنڌ جي برساتي ٻوڏ ٻنهي جو جهلو ڪري وڃي ها ڳالهه  ورجاءُ جو شڪار ٿئي ٿي پر ٿيڻ ڏيو هاڪڙو سڄي ڏکڻ سنڌ جو پاڻي هڪڙو ته روڙي وڃي شڪور ڍنڍ ۽ سمنڊ ۾ اڇلي ها پر پهرين اڇڙي ٿر جي ڍيهن وارن ڀٽن جو ڀر جهلي ها سو نڪو اڇڙي ٿر وارين ڍنڍن ڏانهن ويندڙ ڇنڊڻن تي ڪم ٿيو نڪو ٿي ڍوري جي کوٽائي نڪو ٿيو گذريل سال جو پاڻي نيڪال نڪو حددخليون هٽيون نئون ڪوٽِ جو پورو شهر ڌوري هاڪڙي جي پيٽ ۾ آهي جهڏو پراڻ جي پيٽ ۾ سامارو ڍنڍ جي پيٽ ۾ مٺي جو اڌ شهر سراڻ ترائي ۾ هاڻ ڪئين ڪم هلندو؟ هاڪڙي جي پيٽ جي به کوٽائي پرتي رهي هن جي پيٽ ۾ به ڪوڏر جو هڪڙو لپو ڪونهي لڳو ڪو روڊ ڪونه ٺهيو ڪنهن ڀڳل اسپتال اسڪول تي ٽڪي هڪڙي جو ڪم ڪونه ٿيو هي الاهي ڪئين پيا چون ته ڪم هلندڙ آهي  بحالي واري کاتي جي سيڪريٽري  سهيل اڪبر شاهه وڏي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي  ته 2011 جي ٻوڏ ۾ 16 ضلعا شديد متاثر ٿيا جتي 212 پاڻي فراهم ڪرڻ ۽پاڻي نيڪال ڪرڻ جي وارين اسڪيمن کي نقصان ٿيو  اهي ته سرڪاري انگ اکر آهن جن جي بحالي لئه 2246.510 جي لاڳت سان ڪم جاري آهي پر اهو ڪونه ٻڌايو آهيس ته اهو ڪهڙن اسڪيمن ۽ ڪهڙن ايرياز ۾ جاري آهي ۽ اهو ڪم هن وقت ڪهڙي مرحلي ۾ آهي اڳتي؟ شاهه صاحب ٻڌائي ٿو ته 958.30 ڪلو مينٽر روڊ کي مڪمل طور تي نقصان ٿيو ۽ ڪٿي ڪٿي جزوي نقصان ٿيو انهن روڊن جي مرمت لئه هنن جو چوڻ آهي ته3773.855 ملين رپين جي لاڳت سان ڪم هلندڙ آهي انهي ئي اجلاس ۾ اها ڳالهه پڻ ڪئي وئي ته برساتن دوران  امدادي ڪارواين لئه 22.050.118 ملين رپيا جاري ڪيا ويا هئا جن مان 390.258 ملين رپيا سنڌ حڪومت جي سالياني بجيٽ 2011 ۽ 20.159.860 رپيا سنڌ حڪومت جي آئوٽ سائيڊ بجيٽ مان جڏهن ته 1500.000 ملين رپيا وفاقي حڪومت کان منتقل ٿيا آهن اهي فنڊ رليف ڪمشنر سنڌ پي ڊي ايم اي  پاڪستان ڪارڊ جاري ڪرڻ لئه بئنڪن آبپاشي ورڪس ايڊ سروسز، پبلڪ هيلٿ، صحت ۽ زراعت جي کاتن کي جاري ڪيا هئا هاڻ اهي انگ اکر ته ٻڌايا ويا ته گذريل ٻوڏ ۾ ڪيترو نقصان ٿيو ۽ انهي نقصان جي پورائي لئه ڪيترا ڪيترا پئسا جاري ڪيا ويا پر انهي بريفنگ جا اها ڳالهه ڪٿي به رپوٽ نه ٿي آهي ته ايترا ملين جاري ڪرڻ کانپوءِ ڪيترو ڪم ٿي سگهيو آهي انهي اجلاس ۾ اها ڳالهه به ٿي آهي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري  سنڌ جي ندي نالن ۾ طغياني، تيز برسات، ايل بي او ڊي جي ذريعي ٻوڏ ۽ شهري علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي هنن جو وڌيڪ چوڻ اهو به آهي ته مون سون جي برساتن جو گهڻو زور ڏکڻ سنڌ يعني بدين، ميرپور، سانگهڙ، ٺٽو، عمرڪوٽ، ٿر ۽ باقي ٻي ڏکڻ سنڏ تي هوندو ۽ چوڻ وارا ته اهو پيا چون ته گذريل سال کان هيل وڏا مينهن طوفان سان ايندا ايل بي اوڊي جي ڊيگهه 133 ميل آهي جڏهن ته انهي ۾ پاڻي جي گنجائش 4 هزار ڪيوسڪس آهي  جيڪا شهيد بينظير آباد بدين ۽ سانگهڙ مان گذرن ٿا هنن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 50 کان وڌيڪ هيٺيان علائقا آهن اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ کپي. هاڻ همراهه جاڳيا آهن چون ٿا ته 2012 جي متوقه شديد ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لئه اعليٰ سطحي اجلاس ڪوٺائي ڪو جامع پلان ٺاهيو ويندو هاڻ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي هي حڪومت سڳوري جهٽ ڪري هنگامي بنيادن تي پراڻن وهڪرن تي ڪم شروع ڪري ڪجهه ٻوڏ جو جهلو ڪري نه ته بريفنگن ۽ ميٽنگن تائين ۽ اعليٰ سطحي اجلاس جي ڳالهين تائين رهي ته هيل وري ڀونگي ڀٽ تي هوندي ۽ مٿان ٽڙ ڦڙ نه پر مينهن ڌوڙهيا ڪري پيو وسندو پوءِ وڻ به جهلو ڪري ڪونه سگهندا وڌيڪ جيڪو وس وارن جي مرضي. پنهنجو ڪم آهي خلق جي ڪن کڙا ڪرڻ سو ڪري ڇڏيا.
jogee_khalid@yahoo.com

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔