جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Wednesday, 3 December 2014

ڪارونجهر جي ڪور تي ٽهوڪا ڪندڙ مورن جهڙو ماڻهون سائين مقيم ڪنڀر






ڪارونجهر جي ڪور تي ٽهوڪا ڪندڙ مورن جهڙو ماڻهون سائين مقيم ڪنڀر

جت لڪ لڳي جت لڪ تپن سو ديس مسافر منهنجوڙي

سيخ اياز جي هن سٽن تي اچي ڪو بيهي ٿو  ته ان اڳيان ٿر جو سارو وجود اکين ۾ اچي وسي ٿو ان ۾ ڪڏهن ڏڪر وارو ٿر جتي رڳو رنڃ واڪا ڪندي نظر ايندي ڀٽن جي پاساڙن، ڳئونچرن،ٻڪڙن، مندرين ۽ پوڇاڊن تي رڳو مئل جانور ن جي هڏن جا پڃرا نظر ايندا، جتي انهاري جو جڏهن واهوندي جو واءُ لڳي ٿو تڏهن سج به فلڪ تان پنهنجي روشني ڪنهن باهه جي ڀنڀٽ جيان وسائڻ شروع ٿو ڪري ۽ ان سان جيڪا لنڱن کي باهه جي شعلن جهڙي هوا ۾ ماروئڙن جا لنڱ لوساٽي ٿي ڇڏي تڏهن به ماروئڙا بنا چپل جي مڙهن (جهنگ) مان ڪنڊين ڄارين جي پنن جون ڀريون مٿي تي رکيل نظر ايندا. جڏهن وسڪاري واري ٿر جو منظر اکين اڳيان اچي ٿو ته انسان بهست کان وڌيڪ ٿر کي ترجيح ڏيندو. جتي وسڪاري جي ساوڪ ڪونڀٽن ۽ لوهيڙن ۽ هر وڻ ۽ ٻوٽي کي ساوو بڻائي ٿي ڇڏي،جتي گاهه جا انيڪ قسم اڏرندڙ واري تي ائين اچي ٿا ڦٽن ڄڻ ڌرتي سائي ساڙهي پهري هجي،اتي وري تترن جي تنوار،مورن جا ٽهوڪا، گيرن جي گهوگهو، جهرڪين جي چون چون روح کي هڪ عجيب راحت لڳندي آهي ۽ وري شام ٽاڻي مال جي واپسي ورڻ جو قطارون ڌنارن جون هونگرون شام جي سانت کي ٽوڙي ٿر جي ماحول کي هڪ عجيب وادي جيان بڻائي ڇڏين ٿيون، وري ڏينهن جو ڌنارن جي مڙهي واري ڪچهري به عجيب ٿيندي آهي، ڪو بانسري ۾ اهڙا سر ملائندو آهي جو نانگ به ٻرن مان نڪري اچن، ته ڪو چنگ کي اهڙي چوريندو آهي ته ٻيجل کي به شهه ڏيو ڇڏي،وري بوڙيندو........... ڇا چئون؟ ڪچهري ڇڏڻ تي دل ئي نه چوندي آهي،  شيخ اياز چواڻي ته:

اڃان رنڃ مان رڙ اچي ٿي
متان سمجهين مئا مور سارا

اهڙي طرح ٿر جا مسئلا به انيڪ آهن، ۽ انهن مسئلن تي ٿر جا ڪئي اٻوجهه ماڻهون اڳتي نڪري ماروئڙن جي دردن کي دنيا جي نظرن ۾ پهچايو ان ۾ ٻه اهڙا ڪردار آهن جيڪي پارڪر جي پهاڙين سان سڏوت سارنگا جهرو پيار ڪيو انهن مان هڪ سائين مسڪين جهان خان کوسو صاحب ۽ ٻيو سائين فقير مقيم ڪنڀر صاحب .
مهراڻي جي ڪس واري پٽي سان واسطو رکندڙ تاريخي ڳوٺ نهٽي ۾ 50 واري ڏهاڪي ڪنڀار جي هڪ خاندان ۾ جنم وٺندڙ فقير مقيم ڪنڀار جيڪو ننڍپڻ کان پنهنجي والد جي سفقت سان محروم ٿي ويو ڪنهن ڄاتو ٿي اهو هڪ ٿر جو اهم ڪردار ٿي رهندو، فائينل تائين نه پڙهي سگهندڙ اهو ٻار ڪنهن ڄاتو ٿي ته اهو ٿر جي ماروئڙن جو آواز دنيا جي نظرن ۾ پهچائندو، ها انهن ڪنڀرن به ڪونه پئي ڄاتو جنهن  وٽ هي ڪم سکڻ سانگي لڳو هو، پر اهو ساڳيو مقئيو جڏهن مٺي اچي مٽي جي ٿانون جو دڪان کوليو ۽ مٺي جي ملندڙ ماحول ۽ ڪتابن جي پڙهڻ ڪري اهوا مقئي مان ڦري مقيم ڪنڀر بڻجندڙ اڄ ٿر جي ڀٽ ڀٽ ۽ ڪارونجهر جي پهاڙين ۾ نظر اچڻ لڳي ٿو، فقير صاحب ٿر جي هر مسئلي تي وڏي واڪي لکندو هو. نياڻين جي تعليم ته به زور ڏيندو هو، جنهن جو مثال پاڻ فقير جي گهر مان ٿا کڻون ته فقير  جي نياڻي پارساڪنڀر عرف پٺاڻي تعليم حاصل ڪري اڄ ڪنهن وڏي عهدي تي ڪم ڪري رهي آهي. فقير ڪارونجهر ۾ نڪرندڙ گرنائيٽ تي ٿيندڙ ڌماڪن جو وڏو مخالف هو جنهن بابت ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾ لکندو رهندو هو،1971ع واري جنگ ۾ ڪئي حب الوطني جا ڪردار به متعارف ڪرايا جنهن ۾ ڪسونٻاءِ ۽ ارجڻ سنگهه جو ذڪر پاڻ ڪندو هو، اڇو پٽڪو ٻڌندڙ ۽ پن جي ٻيڙي ڇڪندڙ ٿر جو هي امر ڪردار 17 مئي 2007 تي هن فاني کي ڇڏي وڃي پنهنجي مالڪ حقيقي سان مليو، پر فقير جي هن وڇوڙي کان پوءِ ڪارونجهر جي ڪور تي ٻولندڙ مورن ۽ ڀٽ ڀٽ  ڇورا ٿي ويا. فقير صاحب جي موت کي ميار ڏيندي شيخ اياز جي هنن سٽن سان دعا آهي ته فقير کي جنت الفردوس نصيب ٿئي (آمين)

ڇني گل گلاب جا ڪئين ڌارو ڌار
اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سنگڌ سان


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔