جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Wednesday, 3 December 2014

ٿر تعليم کان ڇو محروم آهھ؟؟؟؟؟؟؟؟!!!!!!



ٿر تعليم کان ڇو محروم آهھ؟؟؟؟؟؟؟؟!!!!!!
““سائل مهراڻ””

ڪنهن، ڪنهن کان پڇيو آهي تھ ٿر تعليم کان ڇو محروم آهي؟ هڪڙا اچن ٿا هڪڙا وڃن ٿا . بس! هرڪو پنهنجي ۾ پورو آهي ڪي تھ ويچارا انصاف لاءِ درد ڀريون دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن . معصوم ويچارا ٿيهلي ۽ قلم جي بدران ڪي تھ وڃي وڏيرن وٽ مجبوري تحت وڪاڻا آهن ،ڪي تھ وڃي سيٺن جي کڏين (غاليچن جو ڪم) ۾ ڦاٿا آهن ،ڪي تھ ولر وارڻ وري ڪرت سان ڳنڍيل آهن ۽ ڪي تھ شهرن جي گلين ۾  بکئي  پيٽ جي باهھ اجهائڻ لاءِ گند ڪچرو گڏ ڪري پنهنجو توڙي پنهنجن مائٽن جي بک اجهائندا آهن، باقي بچن ٿا اهي آهن وڏيرن ۽ آفيسرن جو اولاد جيڪو پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٿاپڙهن، باقي وچولي طبقي وارن جا ٻار اسڪول تھ وڃن ٿا پر انهن کي اها خبر ڪونهي تھ الف ب ۾ گهڻا اکر آهن؟  بس ! باقي استاد سڳورا اهي آهن ايماندار “ڪير ٿو پڙهائي اسان کي مهيني تھ پگهار ملي ويندو ٻيو ڇا گهرجي اسان جو اولاد پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهايون ٿا” ڪن تھ اسڪول جو دروازو بھ ڪونھ ڏٺو آهي باقي بچن ٿا اهي آهن پڙهائڻ وارا، تن کي تھ سياست وڪوڙي وئي آهي ، ۽انهن کي تھ جنهن جو دور هجي ٿو اهو انهن مان پئيسا ڪڍائڻ خاطر هڪ ڏينهن هڪ هنڌ ٻئي ڏينهن ٻئي هنڌ بدلي ڪري موڪلن، اسان جي ڳوٺ  ۾ هڪ اهڙو استاد هو جنهن جي بدلي ٿي وئي اهو منهنجي سوٽ جو استاد هو، مون پنهنجي سوٽ کان پڇيو تھ ڏي خبر اسڪول ۾ پڙهائي ڪيئن آهي؟ .چيائين ماٺ ڪري ويهھ  مون پڇيو  ڇو؟ چيائين پڙهائي جو نالو نھ وٺ  جيڪو استاد اسان کي پڙهائندو اهو بدلي ٿي ويو آهي  باقي ويٺا آهن اهي صرف وات هڻڻ لاءِ،  هر ٿر واسي اهو ٿو سوچي تھ ڇا ايندڙ نسل ترقي ڪري سگهندو يا نھ ڇو تھ تعليم  کي انسان جي ٽئي اک چيو ويو آهي ۽ هاڻ هن دور ۾ تعليم جو ڏيئو وسامڻ جي برابر رهيو آهي ، مٿان وري ٿر ۾ ڪوئلي نڪرڻ جي ڪري ڌارين کي اهميت ڏني پئي وڃي ان جو سبب بھ تعليم ٿي سگهي ٿو ، ڇا اسان وٽ تعليم کي ايتري اهميت ڪونهي جيتري ٻاهرين ملڪن ۾ آهي؟ ڇا ايندڙ نسل تعليم جي زيور سان سينگاريل هوندو يا نھ؟ اهي اهڙا سوال آهن جن جو  جواب اين جي اوز NGOS)) ڏئي سگهن ٿا ڇو تھ اهي پنهنجي ذاتي اسڪولن مان ٻارن کي مفت تعليم ڏئي رهيا آهن ۽ اڄ بھ اهو سوچن ٿا تھ ڪنهن غريب جو  ٻار تعليم جي روشني سان سينگاريل هجي باقي گورنمينٽ  اها آهي وڏيرن جي ور چڙهيل ،هرڪو پنهنجي ڪرسي بچائڻ  ۾ پورو ۽ پنهنجا کيسا ڀرڻ ۾ پورو انهن کي ڪهڙي پرواهھ اهي ويٺا آهن  اي سي ڪمرن ۾ مزا ماڻن پنهنجا ڇوڪرا پرائيويٽ ادارن ۽ اسڪولن  داخل ڪاش!  اهي حڪمران پنهنجي پٽن ڌيئن سان جيتروپيارڪن ٿا۽تعليم لاءِ پئسا خرچ ڪن ٿا اوترو هن سڄي ديش جي غريب توڙي اميرجي ٻارن سان پيار ڪري هن جي تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ تھ هي ملڪ پهنجي ترقي جون منزلون طئھ ڪري هڪ طاقتور ملڪ بڻجي وڃي.

آخر ۾ اچو تھ سڀ ڌڻي در اها دعا گهرون تھ اسان جي ملڪ ۾ تعليم جي روشني
 کي وسامڻ کان بچائي ان جي لاٽ کي اڃان بھ اونچو ڪري.”آمين”

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔