Wednesday, 3 December 2014
دولت کتري روزانـ عبرت
دولت کتري روزانـ عبرت
ٿر جي
راڄ ڀاڳ ۾ هن جو نالو ايترو مشهور هوندو هو جو پريان کان ايندي ماڻهو کيس
سڃاڻي ويندا هئا ته ”فقير مقيم ڪنڀار“ پيو اچي. ٿر جي الستي ڪردار مقيم
ڪنڀار کي ٿر جو اڪثر ماڻهو انهيءَ ڪري به سڃاڻندو هو ڇاڪاڻ جو هُن جي مزاج
۾ پنهنجائپ هئي. هو محبتون وکيريندڙ، ملنسار ماڻهو هو، جنهن هڪ ”ٿريي“
وانگر پنهنجي زندگي ڀرپور نموني گذاري. ٿر جي لوڪ ادب ۽ تاريخ جو ساکي هن
فقير منش ماڻهو، پنهنجي زندگي ٿر جي ماڻهن جي خدمتگاري ۾ گذاري، هو ڪو
فرشتو نه هو پر هُن جي الستي (کاهوڙي) ڪردار هُن کي سماجي اڳواڻ بڻايو.
هُن فقير منش ماڻهو مقيم ڪنڀار جي وڇوڙي کي هڪ سال گذري ويو آهي، پر هُن
جون يادون ذهن جي ڪينواس تي اڄ به تري رهيون آهن. خميسو ڪنڀار جي گهر ۾ جنم
وٺندڙ مقيم ڪنڀار جو تعلق ٿر جي تاريخي ڳوٺ ”نهٽي“ سان هو. پنهنجي ٻارن
جي بهترين تعليم ۽ پرورش لاءِ جڏهن هو مٺي لڏي آيو تڏهن انهي وقت ٿر جي
صحافي ۽ ليکڪ ڪرشن شرما کيس جيءَ ۾ جايون ڏئي فقير سان روحاني رشتو جوڙيو.
مٺي جي بازار ۾ دلا وڪڻي، بعد ۾ اسٽامپ وينڊري جو دڪان کولي پنهنجي ٻارن
جي تعليم جو اونو رکندڙ هُن شخص پنهنجي محبتن جو محور ”ٿر“ کي بڻايو. ٿر
جي هر اشو تي بردباري سان لکڻ ۽ ٿر جي هر اشو تي دليلن سان ڳالهائڻ، توڙي
عملي جدوجهد ۾ هو هميشه اڳڀرو هوندو هو. 1980 واري ڏهاڪي دوران جڏهن هُن
مٺي شهر کي مستقل رهائشگاه بڻائي، ته فقير ان وقت کان مختلف سياسي سماجي
پليٽ فارمن تان ٿر جي اشوز تي عملي جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي، ٿر ۾ پاڻي جو
مسئلو هجي يا ڪوئلي جو اشو هجي، هُن پنهنجي آواز کي بلند ڪيو ۽ ٿر جو ڪيس
وڙهندو رهيو. هو مختلف وقتن تي ٿر ۾ ڪارونجھر ڊئم ٺاهڻ جا مطالبا ڪندو
رهندو هو. مقيم جي وڇوڙي کان پوءِ سندس پُٽن پاران ڇپرائيل مقيم جي پهرين
ڪتاب ”فقير“ ۾ مقيم ڪنڀار پنهنجي هڪ ڪالم (مضمون) ۾ لکيو آهي ته ”انگريزي
جي زماني ۾ جڏهن سنڌ بمبئي سان گڏ هئي، اُن زماني ۾ ڪنٺي جا سمان ڍڳن جي
واپار سانگي گجرات ويندا هئا ته گجراتي لوڪ چوندا هئا ته جي ڪارونجهر جو
پاڻي ڪٺو ڪجي ته سمورو پارڪر آباد ٿي سگهي ٿو“ مقيم ڪنڀار انگن اکرن سان ۽
پنهنجي دليلن سان وقت جي حاڪمن کي اها ڳالهه سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته
ڪارونجھر جو پاڻي گڏ ڪري ڊئم ٺاهي سگهجي ٿو پر افسوس جو مقيم جي هُن
منصوبي کي ڪنهن به حڪومت عملي جامون پهرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
مقيم
ٿر جي تاريخ جو نرالو ماڻهو هو، جيڪو ٿر جي لوڪ ادب تي به دسترس رکندڙ
هو، ته هو ٿر جي تاريخ جو ڄاڻو به هو. سماج سان عشق ڪرڻ سان گڏ هو پنهنجي
سياسي پارٽي سان وفادار ۽ سچو پچو ماڻهو هوندو هو ۽ آخري وقت تائين هو
پنهنجي سياسي پارٽي سان ثابت قدم رهيو. مقيم ٿر ۾ رهي ٿر جي راڄ ڀاڳ واري
سياست جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو. ٿر جي نوجوانن کي هو اڪثر ڪيسوٻائي، روپلو
ڪولهي ۽ سوڍن جي سورهٻائي جا قصا ٻڌائيندو هو ته ساڳي وقت هو پنهنجي هم
عمر دوستن سان بحث مباحثا ڪندي نظر ايندو هو. چاچو سبحان سنگراسي، ملوڪ
نهڙي، ڀورو مل ڪولهي، الهرکيو کوسو وقت جا اُهي دوست هوندا هئا جن سان مقيم
اڪثر ڪچهريون ڪندي نظر ايندو هو. هي اهي دوست آهن جن فقير مقيم کي ويجهي
کان ڏٺو ۽ پرکيو. فقير مقيم وٽ اڪثر دوستن جا ديرا ڄميل هوندا هئا. ڪچهري
جو ڪوڏيو هي ماڻهو هميشه محفلن جو مور هوندو هو، ٿر جي ثقافت، لوڪ ادب ۽
ٿر جي سياسي صورتحال تي بحث مباحثا ڪندڙ فقير مقيم ڪڏهن ڪڏهن وڏا وڏا ٽهڪ
ڏيئي کلندي نظر ايندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ٿر جي ڏکن ڏولارن جو ذڪر ڪندي هُن
جون اکيون پاڻي سان ڀرجي اينديون هيون. هو سياسي ميڙاڪن توڙي سماجي
پروگرامن ۾ سنڌ جي ڪنهن به اشو تي ڳالهائڻ دوران پنهنجو موقف چٽو ۽ واضع
رکندو هو. هن وٽ تقرير ڪرڻ جو نرالو فن هوندو هئس، لفظن جي خوبصورت سٽاءَ ۽
نج سنڌي ٻولي جي لهجي ۾ جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته پنڊال ۾ ويٺل ماڻهو
خاموشي سان هُن کي ٻڌي داد ڏيندا هئا. مقيم ڪنڀار ڪارونجھر جي قتلام تي
خاموش ڪو نه ويٺو، ٿر جي جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي تي هن جو قلم جنبش ۾ آيو.
ٿر ۾ ڪوئلي واري اشو کي ميڊيا تي آڻڻ ۽ انهي کي پذيراڻي ڏيارڻ ۾ مقيم جو
هٿ هو. جڏهن سنڌ ۾ کوکرا پار مونا ٻائو جو بارڊر کلڻ جون خبرون ميڊيا تي
آيون ته هن شخص جي دل باغ بهار ٿي وئي ۽ انهي وقت هن اخبارن ۾ ” کوکرا پار
سرحد ۽ دلين کي ڌار ڪندڙ خاردار تارون“ جي عنوان سان مضمون لکي سنڌ واسين
کي اهو پيغام ڏنو ته کوکرا پار مونو ٻائو بارڊر کلڻ سان وڇوڙي جا وڍ ختم
ٿي سگهن ٿا، هند ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين ۽ مٽن مائٽن
سان ملڻ جو هڪ موقعيو فراهم ٿي سگهي ٿو.
مقيم
جي لکڻين ۾ هڪڙي سگهه هوندي هئي ۽ هو پنهنجي ڳالهه کي اهڙي نموني پيش
ڪندو هو جو عام ماڻهو به هُن جي ڳالهين کي آساني سان سمجھي ويندو هو. مقيم
جي وفات کان پوءِ سندس سپوت پٽن خليل ڪنڀار ۽ خالد ڪنڀار، فقير جي مضمونن
تي مشتمل هڪ ڪتاب ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندو آهي، هن ڪتاب جو عنوان به ”فقير“
آهي، جنهن ۾ ٻه حصا آهن. هڪڙي حصي ۾ مقيم جا مضمون، انٽرويو ۽ خط شامل آهن
ته ٻي حصي ۾ مقيم جي وفات جي مناسبت سان تعزيت نامو شامل آهي، جنهن ۾
مختلف دوستن جا مقيم تي لکيل مضمون شامل آهن. مقيم ڪنڀار جي هن ڪتاب ۾
گھڻا مضمون اهڙا به آهن جيڪي ٿر جي اشوز تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ ڪارونجھر
ڊئم ڇو نه، ٿر جا خواب ٿر جون حسرتون، ٿر نه ٿاني ڪو اڃان، ٿر جي
لينڊگرانٽ پاليسي، ٿر ماضي ۽ هاڻوڪا ميمبر، ٿر ٿڌا ساهه کڻي ٿو، هي اهڙا
مضمون آهن جن کي پڙهي تمام گھڻي معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي. هن ڪتاب ۾ فقير
مقيم ڪنڀار پنهنجي لڻين ۾ ٿر جي مسئلن جي اُپٽار ڪئي آهي ته گڏوگڏ ٿري
ماڻهن جي درد جي عڪاسي به ڪئي آهي. اڄ جڏهن مقيم ڪنڀار جي پهرين ورسي مٺي
جي گڍي واري ڀٽ تي ملاهجي رهي آهي ته اسان کي تصور ۾ ائين محسوس ٿي رهيو
آهي ته مٺي جي گڍي واري ڀٽ جي اوٽ ۾ مدفون سنڌ جي امر راڳي موهن ڀڳت کي
سندس دوست مقيم ڪنڀار ائين چئي رهيو هجي ته ”ڏس موهن! اڄ تنهنجي شهر جا
ماڙهو، مون کي محبت جا گل نڇاور ڪرڻ آيا آهن، پاڻ ته ٻئي پرلوڪ ۾ آهيون پر
هي ماڙهو جيڪي پاڻ کي ياد ڪن ٿا ڄڻ انهن پاڻ کي امرتا بخشي آهي.“
مقيم
ڪنڀار کي حقيقي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو هڪڙو طريقو هي به آهي ته اسان هن
جي اصولن ۽ آدرشن تي هلي هن جي آدرشي زندگي (اصولي زندگي) جي واٽ وٺون. هن
ٿر جي ثقافت ۽ شاندار روايتن کي جيڪا مهانتا ڏني، انهن روايتن کي قائم
رکون. هن ٿر ۾ شعور جي جيڪا لاٽ ٻاري هن کي هرگز اُجهامن نه ڏيون. هن ٿر
جي اشوز تي جيڪا جدوجهد ڪئي، انهي آواز کي ماٺو ٿيڻ نه ڏيون. مقيم ڪنڀار
وڏو آدرش انسان دوست هو. هن جو صوفياڻي مزاج ۾ انسان دوستي وارو ڪردار نظر
ايندو هو. هن جي فقيري رنگ ۾ مذهبي رواداري ڀائپي نظر ايندي هئي. اچو ته
اسان فقير جي انسان دوستي، مذهبي رواداري ۽ ڀائپي واري ڪردار کي اپنائي
پنهنجي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جي وارثي ڪيون.
مقيم
جو ڪردار اسان نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب آهي، انهي ڪري هن ڪردار کي ياد
ڪندي هن جي لکڻين مان اتساهه وٺي پنهنجي سنڌ ڌرتي سان حقيقي عشق جو اظهار
ڪريون. مقيم ٿر جي مٽيءَ جو مڻيادار ماڻهو هو، جنهن پنهنجي سموري زندگي
ٿر جي نالي ارپي پنهنجو پاڻ ملهايو. ٿر جي هن موجود صورتحال ۾ ٿر کي فقير
جهڙن آدرشي ۽ کاهوڙي ڪردارن جي ضرورت آهي، جيڪي امن ۽ انسانيت جا علم
بردار آهن.
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
منهنجا ۽ سنڌ جي سڃاڻ سخصتين جا ليک
Subscribe to:
Post Comments (Atom)













رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔