Wednesday, 3 December 2014
فقيري ۾ اميري نصير ڪنڀر
فقيري ۾ اميري نصير ڪنڀر
جيتوڻيڪ
وقت جو ڊوڙندڙ بي لغام گهوڙو ڏاڍي تيزي سان هڻڪارون ڪندو پنهنجي
منزل طرف روان آهي ۽ انهيءَ ڊوڙ ۾ ڪير ڪٿي پيو موڪلائيندو وڃي خبر
ئي ڪانه ٿي پوي، پر انهي سفر ۾ ڪي مسافر موڪلاڻي جي هٿ جوڙ ڪن ٿا
ته هوند انهيءَ موڪلاڻي تي اعتبار ئي نه ٿو اچي. جي ها اهڙي
موڪلاڻي جنهن کي اڄ چاليهه ڏينهن ٿي چڪا آهن، پر حواس انهيءَ
ڳالهه کي قبولڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. حقيقتن سچائي کان منهن
موڙي نه ٿو سگهجي. ذهن مڃي ئي نه ٿو ته موڪلاڻي ٿي چڪي آهي ۽ ڪيئن
چئجي ”اکيون پاڻي پاڻي، مٺا موڪلاڻي“.
مون انهيءَ عرصي دوران جڏهن به فقير مقيم بابت سوچيو ته
منهنجي ذهن تي نوبل انعام يافتا ناول نگار ارنيسٽ هيمنگوي جي ناول
”پوڙهو ۽ سمنڊ“ جي پڄاڻي تري ٿي آئي. ”ماڻهو ته مري سگهي ٿو پر
جدوجهد ختم نٿي ٿي سگهي“. فقير مقيم جي وڇوڙي پڄاڻان منهنجو انهن
سٽن تي ويتر ويساهه وڌي ويو آهي. ”دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس“.
هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جو صرف ڪردار رهي ٿو. جيڪر اوهان جي
ڪردار جي سفيد چادر تي ڪوبه داغ نه آهي ته دنيا اوهان کي جيءَ ۾
جايون ڏئي سگهي ٿي. فقير مقيم هميشه پنهنجي ڪردار جي اڇڙي چادر کي
داغدار ٿيڻ نه ڏنو. اڇي ويس ۽ اڇي ڏاڙهي سان هر اسٽيج تي حق سچ جي
ڳالهه ڪندڙ هي ماڻهو سچ جو سچو پوڄاري هو، هر ڪنهن کي نياز نوڙت
سان ملندڙ هي فقيري رنگ ۾ رڱيل هو.
خميسو ڪنڀار جي گهر جنم وٺندڙ ”فقيرو“ ماءُ پيءَ جو اڪيلو پٽ
هو. سندس وڏا چار پيڙهيون اڳ اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ جوڳي مڙهي
مان لڏي اچي آباد ٿيا هئا. جڏهن نهٽو به شهر هو، خميسو ڪنڀار سٺو
درزي هئڻ ڪري آسپاس جا رهاڪو توڙي ڳوٺاڻا ڏاڍي عزت ڪندا هئا، ٿر
مان جيڪي قافلا پنڌ جهاڳي نهٽي رستي سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن ايندا
هئا، انهن ۾ ڪنڀار برادري جو وڏو ٺڪاڻو خميسو هوندو هو، پر
فقير محمد عرف مقيم کي حبيباڻي حال تحت خدمت چاڪري ڪندڙ خميسو
ڪنڀر جي ڇانوَ گهڻو وقت نصيب ڪونه ٿي ۽ ننڍي عمر ۾ ئي يتيم ٿي ويو.
ڪنهن ٿي ڄاتو ته پهرين گڏهه تي دلا وجهي وڪڻندڙ ۽ پوءِ اڳتي
هلي گاڏيون ڀري مٽي ۾ ”ٺيڪري“ جو دڪان هلائيندڙ فقير محمد مقيم
هن نڌڻڪي ديس جي مالڪي لاءِ هر فورم تي بي ڌڙڪ ڳالهائيندو. ڪنهن ٿي
ڄاتو ته ڪوريئڙي جو ڄار بڻيل ٿر جي روينيو قانون کي سلجهائي ٿر جي
اٻوجهه ماڻهن لاءِ ڀرجهلو ٿيندڙ هي فقير منش ماڻهو سنڌ جي ساڃاهه
وند هر اک آلي ڪري ويندو. روينيو جا اِهي گر سکڻ لاءِ هن
ٿر جا پنڌ جهاڳيا هئا. روينيو جا گر پيچ هن ماهر تپيدارن سانگيڌان
سنگهه ۽ ابوبڪر راهمون کان سکيا هئا.
فقير مقيم جي گهاريل زندگي جو پيرو اسين اتان کڻون ٿا، جڏهن
هن مٺي شهر ۾ ٿانوَ وڪڻڻ جو دڪان کوليو، پر فقير مقيم جي زندگي
جون تلخ حقيقتون ته ان کان اڳ جون آهن. جنهن ۾ هن ڪيترو پنهنجو پاڻ
ولوڙيو آهي. نه ڄاڻ ڪيترا ڌنڌا ڪيائين، پر ڪنهن وڏيري جاگيردار جو
هارپو ڪونه ڪيائين. بقول خالد جوڳي ”مٺي اچڻ کان اڳ واري بابا جي
زندگي مسلسل گهاٽي واري هئي، جنهن تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي
ٿو.“ هن ارڏي ماڻهو ڪيترا ڌنڌا ڪيا، مزدوريون ڪيائين، پر هارپو نه
ڪيائين. انهيءَ ڪري ڪيتريون تڪليفون سهڻيون پيون. 1988ع جي اليڪشن ۾
جڏهن ڄام ساقي اميدوار هو ته پاڻ ڪيئن به ڪري ڄام کي ست ووٽ
ڏياريائين. خبر هئس ته ڄام ڪونه کٽندو، پر پاڻ پنهنجي ضمير کي
مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪيائين. بدلي ۾ ڪيتري رسوائي ۽ تهمتون سهڻيون
پيون، بوهه جون ٽرڪون ڀري وڪيائين، ماڻهو پئسا کائي ويا، کنڊ جا
ڊيپو کنيائين وڏيرن جي ناجائزين/ ارهه زوراين تي احتجاجن ڇڏي
ڏنائين. دڪان کوليائين وڏيرا ۽ ڇاڙتا پئسا کائي ويا، اهڙا ڪيئي
گهاٽي جا سودا ڪندو رهيو، پر ڪاڻ ڪونه ڪڍيائين. فقير جي انهيءَ
تڪليف دهه زندگي تي ٽالهي جو الف ڪنڀار ڳالهائي سگهي ٿو، جنهن
هٿين خالي فقير مقيم کي ٿانون جي گاڏي ڀري ڏني ۽ فقير مٺي جو
رخ ڪيو. جتان هن جي زندگي ۾ ”بريڪ ٿرو“ آيو. فقير مقيم جي شخصيت هڪ
چمڪندڙ هيري وانگر هئي، جنهن جو رنگ هرطرف کان نرالو هو. هو سياست
جي داءُ پيچ کان پري چٽي ڳالهه ڪندڙ ڪميٽيڊ ڪارڪن هو، جنهن سان
نينهن لاتائين انهيءَ سان نڀايائين. ڳالهه سچي ۽ سڌي ڪرڻ ڪير
فقير کان سکي. کوکڙا پار ريلوي اشو تي سڀني قومپرست ڌرين کوکڙا
پار بارڊر کلڻ جي مخالفت ڪئي. پر فقير مقيم انهيءَ جي حق ۾ هو. پاڻ
وڏي واڪ چوندو هو، ڪيسو ٻاءِ جي قرب ۾ ڪٺل ٺڪراڻي جو درد ۽ ڪڇ ڀڄ ۾
پرڻايل نياڻي جي ماءُ جي سڪ کي اهي ڪامريڊ ڪٿي ٿا سمجهي سگهن. پاڻ
انهيءَ وقت جي سنڌ نيشنل فرنٽ جي سينٽرل ڪاميٽي ۾ اها
ڳالهه رکيائين. چوڻ هو ته اسين پنهنجين پارٽين جا ڪارڪن آهيون،
غلام ڪونه آهيون، راءِ رکڻ منهنجو جمهوري حق آهي ۽ فيصلو اڪثريت
راءِ جو مڃبو، اها جمهوري روايت آهي.“ جڏهن ته اسان جي ڪيتري سنگت
پنهنجين انقلابي پارٽين ۾ اختلاف راءِ رکڻ جي بنياد تي ائين نڪري
وئي، جيئن مکڻ مان وار ڪڍبو آهي.
2001ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ هڪ بلدياتي ووٽ سندس ڀيڻ جو هو.
پنهنجو اخلاقي قرض سمجهي ڳوٺ جي وڏيري کان پڇيائين ته ووٽ ڪنهن
کي ڏجي. تنهن تي هن سندس مرضي تي ڇڏيو ته پاڻ ارباب خاندان سان
واعدو ڪري ويٺو، پر آخري ڏينهن تي انهيءَ وڏيري چيو ته ووٽ لاٽ کي
ڏيڻو آهي. انهي تي فقير پڙ ڪڍي بيهي رهيو، جنهن تي ڳوٺ مان لڏڻ جو
الٽيميٽم مليو ۽ اهو سمورو معاملو پريس ۾ هليو، پر پاڻ آڻ
ڪونه مڃيائين.
هيليڪاپٽر جي ٺهڻ کان وٺي پولٽري فارم جي فائدن تائين ڪالم لکندڙ
هڪ ٿر جي مهان ڪالم نگار لکيو ته فقير مقيم فرنٽ جو (ن) ليگ ۾ ضم
ٿيڻ جو صدمو نه سهي سگهيو، پر فقير مقيم هميشه چوندو هو ته هن جو
ممتاز ڀٽو سان پارٽي/ سياسي رشتي کان وڌيڪ محبت جو رشتو آهي، تنهن
ڪري جيڏانهن هو ويندو اوڏانهن آئون ويندس، اهو ئي سبب هو
جو 26 سالن جي ڊگهي سفر ۾ هو انهيءَ ليڊر سان گڏ رهيو.
سماجي حوالي سان فقير مقيم اهو پهريون ماڻهو آهي جنهن ٿر جي
سماجي سينوريل تلاءُ ۾ پهريون پٿر اڇلايو. ٿر هسٽاريڪل ايندڙ
ريسرچ ڪائونسل ٺاهي ٿر ۾ سماجي ڪمن جي شروعات ڪيائين. ڪيترن دوستن
کي پروموٽ ڪري اسٽيجن تي آندائين. جيڪر اڄ انهن جي ڪردار ۽ قول کي
ڏسجي ته فقير جي شاگردي جا دعويدار اهي ”معتبر ماڻهو“ لکن ۽ ڪروڙن
جا فنڊ ٿر جي نالي ۾ هڙپ ڪندڙن ۾ نظر ايندا، پر فقير مقيم
پنهنجو پانڌ بچائيندي پنهنجو پاڻ کي اڇي ”هرک“ جهڙو اڇو اجرو رکيو ۽
انهن کي محسوس به ڪونه ڪرايائين، جيڪي نالي ۾ نهال ٿيو پيا هلن.
فقير مقيم جي قلم ۾ قدرت طاقت رکي هئي. هو لکڻ جو ڏانءُ
ڄاڻيندو هو. هن فقير محمد لاشاري جي دؤر واري جاڳو ۾ ڪيترائي ڪالم
لکيا، جيڪي ٿر جي جهنگلي جيوت، ڪارونجهر جو جبل، گرينائيٽ لاءِ
ٿيندڙ ڌماڪا، ڏڪار ۽ روينيو جون ڏاڍايون وغيره تي آهن. انهن ڪالمن ۾
ٿر جي ڏک ۽ پيڙاءَ کي بهتر نموني بيان ڪيو آهي. اهي سڀ پيڙائون هن
پاڻ به سٺيون هيون. انهيءَ ڪري جڏهن اسٽيج تي ايندو هو ته
انهيءَ درد کي ويتر بهتر نموني بيان ڪندو هو. منهنجو هڪڙو دوست
هميشه ايستائين پروگرام ۾ ويٺو هوندو هو جيستائين فقير تقرير نه
ڪندو هو. چوندو هو ته ”فقير مقيم، عليءَ جو حبدار آهي، انهيءَ ڪري
انهيءَ جي تقرير ۾ اهڙو درد آهي.“ حقيقت ۾ فقير مقيم جي دل ۾ غمِ
حسين کانپوءِ وڏو غم ٿر ۽ انهيءَ جي مسڪين ماڻهن جو هو ۽
مٿان وري قدرت تقرير جو فن ۽ لفظن جو ذخيرو اهڙو عطا ڪيو هوس جو
سندس لفظن جي جڙاوت ۽ مؤقف بيان ڪرڻ وارو انداز هر ڪنهن کي موهي
وجهندو هو.
سنڌ جي تاريخ تي دسترس حاصل هئس. خاص ڪري ٿر جو خطو، انهيءَ
جي فلورا فانا، ماڳ مڪان، تاريخي هنڌ، تڙ تيرٿ، پکي پکڻ سڀني جي
عادتن، مزاجن ۽ موسمن تي هو دسترس رکندڙ هو. هو انهن جي سماجياتي
اثرن ۽ پهلوئن تي ڳالهائيندو هو. خاص ڪري تاريخ جهڙي خشڪ موضوع کي
ائين بيان ڪندو هو، ڄڻ ٻار ٻڪيءَ جو کوڙو پڙهي هجي، انهيءَ ڪري هر
ٻڌندڙ انهيءَ کان متاثر ٿي پوندو هو.
گهريلو زندگي ۾ هو اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو هو. ڪڏهن ڪنهن
دوست جي سڏ تي ڪڏهن ڪنهن ڪامريڊ سان گڏ پيو پنڌ جهاڳيندو هو، پر
ڳوٺ هر هفتي ضرور ايندو هو. هٿ ۾ ايترو ڪو گهڻو ڏوڪڙ ڪونه هو، پوءِ
به سڀني پٽن ۽ نياڻين کي تعليم ڏياريائين. اڄ سمورو اولاد معاشري
جا فرد نه بلڪه ذميوار فرد آهن. هن جي شخصيت جا سمورا رنگ
پٽن ۾ آهن. سندس وڏو پٽ سليم برادري ۽ ڳوٺاڻي رنگ ۾ رڱيل آهي.
شاعراڻي خوبي خليل ۾ آهي ۽ فقيري جو سمورو رنگ خالد ۾ آهي، جيڪو
بهترين ڪالمسٽ به آهي. سياسي جانشين ارشاد آهي. ذهانت ۽ شرافت جا
سمورا رنگ نياز ۾ آهن ۽ حيدر هٺ ۽ ارڏائي جو مجسمو آهي. جڏهن ته
مٿيون سڀ خوبيون اسان جي ڀيڻ پارسا عرف پٺاڻي ۾ آهن. جنهن
سماجي سيڪٽر ۾ ڪم ڪندي پوري پاڪستان ۾ ”فاطمه جناح ايوارڊ“ حاصل
ڪيو آهي. مون جڏهن فقير صاحب کي فون تي ادي پٺاڻي جي ايوارڊ جون
مبارڪون ڏنيون ته پاڻ چيو هئائين ”مونکي هن نياڻي تي اڳي به ناز
هو، پر اڄ منهنجو ڪنڌ ويتر مٿي ٿي ويو آهي، انهن طعنن کان آجو ٿي
ويو آهيان، جيڪي مون کي ”پٺو“ جي نوڪري ڪرڻ تي مليا هئا!!
هو پنهنجن پٽن سان عشق ڪندو هو ۽ پٽن جو به ساڻس اهڙو ئي رشتو هو.
انهيءَ ڪري پٽ هن تي انگل ڪندا هئا ۽ هو انهن تي انگل ڪندو هو، پر
ادي انهن سڀني کان وڌيڪ فقير کي ڀائيندي هئي.
فقير مقيم دوستي جي رشتي کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو هو. ڪهڙي
به مڪتبِ فڪر جو ماڻهو هجي، جيڪر انهيءَ سان دوستيءَ جو رشتو
رکيائين ته خوب نڀايائين. پوءِ اهو ڀل ڪيترو پري رهندڙ هجي. مٺي ۾
فقير جي سنگت کينراج جاڙيجي ۽ ملوڪ نهڙي واري ٻاري سان هئي، جيڪي
هن جي هر سڏ تي لبيڪ ته چوندا هئا، پر طنزيه جملا هڪٻئي تي اهڙا
هڻندا هئا، جيڪي ٻڌڻ وٽان هوندا هئا. هڪٻئي سان گوڏو گڏي
ويهندا هئا ته هڪٻئي جي اوڻائين تي تنقيد ڪندي ائين چٿر لائيندا
هئا، جيئن ڪاسائي ڪٺل جانور جي کل لاهيندو آهي. هن جي سنگت ۾ وقت
جا وڏا پارکو، امير به هوندا هئا ته اخبارون وڪڻندڙ نواز حيدري به
ويٺل هوندو هو، فقير جو اڱڻ هر ڪنهن لاءِ ڪشادو هوندو هو.
مون فقير مقيم ۾ جيڪا سڀ کان وڏي ڳالهه ڏٺي اُها هن ۾ ذاتيات
پرستي نه هئي. سال اڳ ذاتيات جي بنياد تي جڏهن اليڪشني
”تروٽين“ اچي رڻ ٻاريو ۽ ماڻهن کي قوميت مان ڪڍي ذات پرستي ڏانهن
گهليو ته فقير انهيءَ جي سخت مخالفت ڪئي. هو ذات پرستي کان نفرت
ڪندڙ انسانيت جو علمبردار هو. انهيءَ ڪري منهنجو اڪثر ٺڪاڻو سندس
آفيس/ دڪان هوندو هو. فقير سان واسطي جي ئي ڪري منهنجي دوستي خليل،
خالد ۽ ارشاد سان ٿي. فقير مقيم جي اڇي پٽڪي جي ور ۾ ٿر جي
سچائي ۽ سورهيائي نظر ايندي هئي ۽ نرڙ جي گهنج ۾ سموري ٿر جو درد
سمايل هو. پنهنجي سموري زندگي جي جدوجهد ٿر ۽ ٿر جي نالي کي
ارپيندڙ هن ماڻهوءَ جي سچائيءَ جو احساس انهيءَ ڏينهن ٿيو، جڏهن
سموري سنڌ نهٽي جي دڙي تي اٿلي پئي هئي. مون کي انهيءَ ڳالهه تي
يقين ٿيڻ لڳو ته هو جسماني طور ته جدا ٿي سگهي ٿو، پر هن جون
ڳالهيون، خيال ۽ جدوجهد اسان لاءِ مشعلِ راهه آهن.
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
منهنجا ۽ سنڌ جي سڃاڻ سخصتين جا ليک
Subscribe to:
Post Comments (Atom)













رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔