جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Thursday, 4 December 2014

خيال جي خانابدوشي اڄ ڳاءِ اسان لاءِ ته برسات وسي پئي. علي زاهد


اتر جي لُڪ ۽ جهولا هانوَ ئي هيڻا ڪري وجهندا آهن، لاڙڪاڻي جي شيخ زيد چوڪ جي هڪ فوٽ پاٿ تي هُو جهونو حجم گذريل پنجويهن سالن کان ان لُڪ ۽ جهولي سان مهاڏو اٽڪائيندو، پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو پيو اچي، اڄ هُو ڏاڍو بيچين آهي، گرميءَ وگهين اڄ وٽس ڪو به گراهڪ نه پيو اچي، سندس ويهن سالن جي يار به اڄ وٽس ڀيرو ناهي ڀڳو. اڄ سندس چهري تي گراهڪن ۽ پنهنجي يار جي اوسيئڙي جي آثارن بجاءِ گرميءَ کان بيزاريءَ جا آثار نمايان آهن. مان اڪثر هتان گذرندو آهيان ته کن پل لاءِ ان جهوني وٽ ضرور ترسندو آهيان، اڄ سندس حالت ڏسي سندس ئي ڀر ۾ پيل بينچ تي ويهي رهيس ۽ سندس چهري ۾ هڪ نهار وجهي پوءِ سامهون چوواٽي سان گڏجندڙ سمورن رستن تي نظر ڦيريم جتي گاڏيون ۽ ماڻهو ڌوڙ اڏائيندا، ماحول کي گرد آلود ڪندا لاپرواهيءَ مان اچي وڃي رهيا هئا.
ڏينهن ته سخت گرم هيو، جهولو به لڳو پئي پر هوا ۾ ڪو سنديش هيو، ڪا خوشبوءِ هئي جيڪا مون کي اتساهي رهي هئي ته مان ان جهوني حجم کي دلجاءِ ڏيان ته “چاچا فڪر نه ڪر هو ڏس پريان اولھ کان اڇا، ڀورا ۽ ناسي ڪڪر پيا جهاتيون پائين، اجهو ڪي اجهو مينهن آيو.” ان ويل مون ڄاڻي ورتو هيو ته جي اڄ نينهن وسي نه سگهيو ته مينهن ضرور وسندو.
هر ڀيري مون سان ايئن ئي ٿيندو آهي، مينهن وسڻ کان اڳ ئي منُ مينهوڳيءَ جي واس ۾ وڪوڙجي ويندو آهي، اندر ۾ اُٺي جي هوا گهلڻ لڳندي آهي، مينهن ۾ ڀڳل مٽيءَ جو هڳاءُ من جي پوري واديءَ تي ڇانئجي ويندو آهي، آسمان ۾ ڪي هيڪڙ ٻيڪڙ ڪڪر مس اڀرندا ئي آهن ته من ۾ وسڻ جو سنيهو اچي واسو ڪندو آهي. ۽ پوءِ وسڻ کان اڳ ئي وڏڦڙو اندر ۾ اوڙڪون ڪري وسڻ لڳندو آهي ۽ پوءِ اندر جي موسم ڀٽائيءَ جي هن بيت واري ٿي پوندي آهي:
اندر جهُڙ جهُورَ وهي، ٻهر ڪڪرُ نه ڪوءِ،
وسائيندي وڄُڙي، حب جنين کي هوءِ،
لالنُ جنين لوءِ، تن اوڪاڻين نه اکيون.
اندر جي پڌر تي ايترو ته ساروڻين ۽ ڏات جو وسڪارو ٿيندو آهي جو تل ترايون ۽ من جي ڪنڊ جي ڪراڙ به ڀرجي ويندي آهي. پوءِ لفظ ۽ خيال رولاڪين جا سانباها ڪرڻ شروع ڪندا آهن، من جي بستيءَ مان ڪاڳر جي کيرورني ميدان تي خانابدوشي ڪرڻ لاءِ بيچين ٿي پوندا آهن ۽ پوءِ لفظن ۽ خيالن جي خانابدوشي شروع ٿي ويندي آهي.
ان ويل به منهنجي اندر ۾ خيال کي همسفر ڪري لفظن خانابدوشي شروع ڪئي، لفظن جي ان خانابدوشي جو ڪو به طئي ٿيل ماڳ، مڪان، ڪا واٽ ڪو پيچرو نه هيو، خيال رٿ بڻجي ويا هئا جيڪي مونکي اڄاتا سير ڪرائڻ لاءِ کڻي ويا. خانابدوشيءَ ڪراڙ جي ٻن ڪنڌين تي وسرام ڪرڻ چاهيو، آشيرواد وٺڻ لاءِ، پهرين هڪ ڪنڌيءَ تي لطيف سرڪار جي پيرن تي هٿ رکي رولاڪين جي اجازت ورتي ته ڀٽائيءَ آشيرواد ڏيندي مسڪرائيندي ٻاهر دنبوري جي تارن کي ڇيڙي روح کي بيچين ڪري ڇڏيندڙ فقيرن جي سر ۽ آلاپ طرف اشارو ڪيو ڄڻ ڪو پيغام ڏيندو هجي. فقير پنهنجي ڌن ۾ مگن ڳائي رهيا هئا:
سارنگَ سائي سِٽَ، جهڙي لالي لاک جي،
ائن سي اُٻُنِ انگيا، جئن سي چُنيءَ چِٽَ،
برسيو پاسي ڀٽ، ڀريائين ڪُنَ ڪراڙ جا.
ڀٽائي سرڪار کان سارنگ جي وسڻ ۽ ڪراڙ جا ڪُن ڀرجڻ جو سنيهو پسي خانابدوشي مونکي ساڻ ڪري ڪراڙ جي ٻيءَ ڪنڌيءَ جو رخ ڪيو، اياز جي آڳنڌ تي منهن مونن ۾ هڻي ويهي رهيا سين، اياز مسڪرائي، منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي پيشاني چمي چيو ته:
بٺ تي بوند اُٺي،
او مٺڙا! بٺ تي بوند اٺي،
تارا ڪڻ ڪڻ، وڻ وڻ ڇڻ ڇڻ،
پرتِي رات رٺي،
او مٺڙا! بٺ تي بوند اٺي،
اياز جو پهرين بوند وارو پيغام پسي، لفظن ۽ خيال جي خانابدوشيءَ مون ۾ بيچيني ڀري ڇڏي، ۽ پوءِ نڪري پئي ڪاڳر جي ميدان تي رولاڪيون ڪرڻ، ڏات اندر ۾ اوڙڪون ڪري وسڻ لڳي، لفظ رقص ڪندا، ڊوڙندا رهيا، چوڏس آواز اڀا ٿيا، هر منظر موسيقي ڏيڻ شروع ڪئي، مون ڪارونجهر کي مخاطب ٿي چيو ته:
اڄ ڳاءِ اسان لاءِ ته برسات وسي پئي،
ماحول کي مهڪاءِ ته برسات وسي پئي.
ڪارونجهر آرس ڀڃي جاڳي پيو، مور ۽ ڊيلون سندس هنج مان ڀڙڪو ڏئي اڏامڻ لڳا، ڪارونجهر هڪ نظر ڪجلاسر تي وڌي، ٻي نظر ڪاسبي تي وڌي ۽ ٽين نهار رڻ تي کُپائي ڳائڻ شروع ڪيو:
بنسي به وڄي، مور نچي، ڊيل ڪا ڊوڙي،
گهنگهور گهٽا گهاءِ ته برسات وسي پئي.
ٻاهر هلڪي ڦڙ ڦڙ پر اندر ۾ اوڙڪون! عجيب ڪيفيت آهي، دل گهريو ته اندر جيان ٻاهر به ڇو نه ٿو وسي؟ ڪارونجهر جي خواهش ڇو نه پئي پوري ٿئي؟ پريان سڄو ٿر سراپا اڃ..... ڳاٽ کڻي واجهائي پيو، سندس چپ سڪل ٺوٺ.... کيس مينهن سان نينهن آهي، ڪونڀٽ ڄڻ دعا لاءِ کڄيل هٿ ٿا ڀاسن، ڀٽون ڄڻ ٿر جون اڃاريون اکيون هجن، اميدن ۽ اوسيئڙن سان ٽٻٽار، پاڻيءَ کان خالي، پر روئڻ ٿيون چاهين... خوشيءَ جو روئڻ.... تڏهن جڏهن وسيو وڏڦڙو.....
مٺيءَ جي گڊي ڀِٽَ تي صادق فقير ۽ روحل واءِ جي ڀِٽَ تي شفيع فقير هڪ ئي وقت سر آلاپن ٿا، ڳائن ٿا:
گوديءَ ۾ رسالو ۽ رسالي ۾ آ سارنگ،
درويش اٿي ڳاءِ ته برسات وسي پئي.
اهي سر، اهي آلاپ ٻڌي اندر ۾ درويش به جاڳي پوي ٿو ۽ سارنگ جهونگارڻ شروع ڪري ٿو. اسان سان هو به گڏجي پوي ٿو، منظر موسيقي ڏيڻ ۾ مگن، ڪاڳر رڻ جو سفر بڻجي پوي ٿو، رڻ جي جهاڳ ڏکي پر خانابدوشي ۽ درويشي رمتي وانگر رمنديون وڃن ٿيون، وڌينديون وڃن ٿيون، جتان جتان به گذرن ٿيون، وڏڦڙو وسندو وڃي ٿو، رڻ ريجهندو وڃي ٿو، ٿر سائو ۽ ڪارونجهر مستيءَ ۾ ريٽو ٿيندو وڃي ٿو، ڪراڙ ڀربي وڃي ٿي، تل ترائين جي تاس اجهندي وڃي ٿي، ڪونڀٽن کان دعائون وسري وڃن ٿيون ۽ اهي جهومڻ لڳن ٿا، مينهن پن پن ۽ ماڻهوءَ ماڻهوءَ من ڌوئي ٿو ڇڏي، ٿڌڙي هير پنن کي ۽ ماڻهن جي منن کي نچائڻ، جهومائڻ لڳي ٿي. وڏ ڦڙي جي هڪ ڦڙي امالڪ منهنجي ڳل تي چمي ڏئي مون کي ڇرڪائي ڇڏيو، مون خيال جي رٿ تان لهي هڪ نظر آسمان کي ڏٺو جتي موجود ڪڪر ڄڻ ڪجلاسر مان ٽٻيون ڏئي ڪارا ڪجلا بڻجي سنورجي، سنبرجي آيا هئا ۽ موج مان وسڻ شروع ڪري ڏنائون. ٻي نظر مون لاڙڪاڻي جي رستن تي وڌي جتي نه هاڻ اها شديد اُس رقص ۾ هئي نه ئي ماڻهن جو انبوھ، وڏڦڙو ايترو ته شديد هيو جو هوريان هوريان رستا خالي ٿي رهيا هئا، جي هئا ته اهي نوجوان هئا جيڪي مينهن ۾ ڀِڄي پنهنجا نينهن ساري ۽ نڀائي رهيا هئا، مون هن جهوني حجم ڏانهن ڏٺو جنهن کان سڀ ڪجھ وسري ويو هو، هو به مون جيان مينهن ۾ ڀڄي رهيو هو ۽ انهن نوجوانن جي مستيءَ کي ڏسي شايد پنهنجو جوڀن ساري رهيو هو، منهنجي چپن تي بي اختيار مرڪ تري آئي، مون ڀٽائيءَ کي ياد ڪيو جنهن منهنجي ڪَن ۾ سڙٻاٽ ڪيو:
اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا برجن سين،
ساز، سارنگيون، سُرندا، وڄائي بَرُ چَنگ،
صراحيون سارنگَ، پلٽيون رات پڌام تي.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔