جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Wednesday, 3 December 2014

جتوئي، غلام مصطفيٰ خان:


جتوئي، غلام مصطفيٰ خان:
رئيس غلام مصطفيٰ خان -جتوئي- -پاڪستان- جي اهم سياسي اڳواڻن منجهان هڪ هو. هو -پاڪستان- جو نگران وزيراعظم ۽ سنڌ جو وڏو وزير به رهيو، پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن منجهان ۽ شهيد ذوالفقار علي -ڀٽي- جو ويجهو ساٿي ليکيو ويندو هو. غلام مصطفيٰ خان -جتوئي- 14 -آگسٽ- 1931ع تي ڳوٺ نوان -جتوئي-، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو ۽ سندس والد جو نالو غلام رسول خان -جتوئي- ۽ ڏاڏي جو نالو خانبهادر -امام- بخش خانصاحب -جتوئي- هو، پاڻ چئن ڀائرن منجهان سڀني کان وڏو هو. غلام مصطفيٰ خان -جتوئي- پنهنجي ابتدائي -تعليم- چار درجا سنڌي پنهنجي اباڻي ڳوٺ نوان -جتوئي- ۾، -ان- کان پوءِ نوشهروفيروز مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول ۾ -تعليم- حاصل ڪئي. -ان- کان پوءِ 1952ع ۾ ڪراچي گرامر اسڪول مان سينيئر ڪيمبرج پاس ڪيائين، -ان- کانپوءِ بار ايٽ لا جي ڊگري لاءِ انگلينڊ ويو، پر والد جي طبيعت ناساز هجڻ ڪري هڪ سال اندر واپس ملڪ موٽي آيو ۽ سياست ۽ زمينداري سنڀاليائين.
غلام مصطفيٰ خان -جتوئي- پنهنجي عملي سياست جي شروعات 1952ع کان ڪئي، هو 1952ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ نوابشاهه جو چيئرمئن چونڊجي برصغِر جي ننڍي ۾ ننڍي عمر جي چيئرمئن هئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. 1956ع ۾ اولهه -پاڪستان- جي نوابشاهه واري سيٽ -تان- ڪاميابي حاصل ڪيائين، انهيءَ سيٽ تي -پاڪستان- ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيائين. 1962ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بنيو ۽ 1966ع ۾به هو قومي -اسيمبلي- جو ميمبر منتخب ٿيو. وفاقي حڪومت ۾ مختلف کاتن تي پڻ رهيو، جن ۾ سياسي معاملا، پورٽ ۽ شپنگ، ڪميونيڪيشن، پئٽـروليــم ۽ نـيـچـرل ريـســورسـز، انـفـارميـشـن ٽيـڪــنـالاجــي، ريـلــوي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن جا کاتا به سنڀاليائين. پاڻ 1969ع ۾ ذوالفقار علي -ڀٽي- جي قائم ڪيل پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، پيپلز پارٽيءَ جي پليٽفارم -تان- 1970ع وارين چونڊن ۾ نواب شاهه ضلعي مان قومي -اسيمبلي- جو ميمبر چونڊيو ويو. 1971ع ۾ ذوالفقار علي -ڀٽي- جي حڪومت ۾ کيس مواصلات، قدرتي وسيلن، ريلوي ۽ سياسي معاملن جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو، 1973ع تائين -ان- عهدي تي رهيو، -ان- کانپوءِ صوبائي -اسيمبلي- جي چونڊ وڙهي، سنڌ جو وڏو وزير بڻيو، 1977ع تائين وڏ وزارت سنڀاليائين، 1977ع جي چونڊن ۾ قومي -اسيمبلي- جو ميمبر ٿيو ۽ صوبائي -اسيمبلي- جي سيٽ تي پڻ بنا مقابلي کٽيائين.
ضياءُ -الحق- جي مارشل لا واري زماني ۾ پاڻ پ. پ سنڌ جو صدر رهيو ۽ جمهوري تحريڪ ۾ حصو وٺندو رهيو. 1983ع ۾ مارشل لا جي خلاف ايم. -آر-. ڊي واري جمهوري تحريڪ جي سرواڻي ڪيائين. 14 -آگسٽ- 1983ع تي ڪراچي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار آڏو تاريخي خطاب ڪيائين ۽ ضياءُ -الحق- جي آمريت خلاف جمهوري جدوجهد جو آغاز ڪندي ڪراچي ۾ هزارين ماڻهن جي موجودگي ۾ گرفتاري پيش ڪيائين. پاڻ ايم. -آر-. ڊي هلچل ۾ جان وڌائين. تحريڪ ۾ نه رڳو کيس قيد ڪيو ويو پر سندس وڏي فرزند غلام مرتضيٰ خان -جتوئي- جا به گرفتاري جا آرڊر -جاري- ڪيا ويا، جنهن دوران هو روپوش رهي جمهوري جدوجهد کي اڳتي وڌائيندو رهيو. سندس -ڀاءُ- غلام مجتبيٰ خان -جتوئي- کي مچ جيل ۾ رکيو ويو ۽ سندس ڪيترائي ساٿي ۽ عزيز پڻ جيل ۽ قيد جون صعوبتون برداشت ڪندا رهيا، اها برصغير جي وڏي ۾ وڏي جمهوري تحريڪ هئي. -ان- کان پوءِ 1986ع جي جمهوري تحريڪ ۾ پڻ سرگرم رهيو، اڳتي هلي سندس پ پ جي قيادت سان اختلاف ٿي پيا، 1986ع ۾ هڪ نئين نالي سان -پارٽي- ’نيشنل پيپلز -پارٽي-‘ جو قيام عمل ۾ آندائين، پاڻ -ان- جو باني چيئرمئن ۽ سربراهه بڻيو، سندس -پارٽي- ۾ ملڪ جون ڪيتريون ئي نامياريون شخصيتون شامل ٿيون. انهن ۾ غلام مصطفيٰ کر، حنيف رامي، حامد رضا گيلاني، ڪمال اظفر، ملڪ حامد سرفراز، نواب غوث بخش رئيساڻي، ميان ساجد پرويز، نفيس صديقي، رانا محمد حنيف خان، -اختر- حسين شاهه، رباني کر، -آفتاب شاهه جيلاني- ۽ ٻيا شامل هئا. 1988ع ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون، پاڻ -ان- ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو ۽ -اسلامي جمهوري اتحاد- جي پليٽ فارم -تان- چونڊ وڙهيو، پاڻ -اسلامي جمهوري اتحاد- جو صدر پڻ چونڊيو ويو. اڳتي هلي غلام مصطفيٰ خان -جتوئي-، ڪوٽ ادو، پنجاب مان قومي -اسيمبلي- جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ قومي -اسيمبلي- ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊيو ويو. پاڻ قومي اسميبلي اندر محترمه بينظير ڀٽو خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪيائين، جيڪا ڪامياب نه وئي. -آگسٽ- 1990ع ۾ صدر اسحاق خان، بينظير ڀٽو جي حڪومت کي برطرف ڪيو ۽ 6 -آگسٽ- 1990ع کان 6 نومبر 1990ع تائين -ٽن- مهينن لاءِ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو، نومبر 1990ع ۾ عام چونڊون ٿيون، غلام مصطفيٰ خان -جتوئي- نوشهروفيروز جي موري واري -تڪ- -تان- قومي -اسيمبلي- جو ميمبر چونڊيو ويو، نواز شريف کي وزيراعظم بڻايو ويو، اڳتي هلي نوازشريف جي غير جمهوري ۽ غير مقبول فيصلن خلاف محترمه بينظير ڀٽو سان گڏجي لانگ مارچ ۽ جدوجهد ڪيائين، نتيجي ۾ نوازشريف حڪومت جو خاتمو ٿيو. 1996ع تائين محترمه بينظير ڀٽو سان قومي -اسيمبلي- ۽ صوبائي -اسيمبلي- ۾ -اتحاد- برقرار رکيائين. رئيس غلام مصطفيٰ خان -جتوئي- اڳتي هلي پنهنجي عملي سياست جون واڳون پنهنجي وڏي پٽ غلام مرتضيٰ خان -جتوئي- جي حوالي ڪيون.
رئيس غلام مصطفيٰ خان -جتوئي- سياست ۾ شرافت، انصاف ۽ -جمهوريت- جي پاسداري ڪئي ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين هڪ لبرل، روشن خيال سياستدان جي حيثيت سان عوام جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهروفيروز جي علائقن ۾ -تعليم-، صحت ۽ سماجي ڀلائي جا ڪم ڪيا، جنهن جو مثال نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج، نوابشاهه انجنيئرنگ ڪاليج، مورو- دادو پل ۽ ضلعي اندر ڪيترائي هاءِ اسڪول، اسپتالون، روڊ، رستا، سوئي گئس، -ٽيليفون- ۽ ٻيا اهم پراجيڪٽ آهن، جيڪي غلام مصطفيٰ خان -جتوئي- جي ڪوششن سان تڪميل تائين پهتا.
پاڻ زندگي جي آخري عمر ۾ بيمار ٿيو ۽ پرڏيهه مان علاج ڪرايائين، پر 20 نومبر 2009ع تي لنڊن ۾ وفات ڪيائين، جتان مڙهه سندس ملڪ آندو ويو ۽ کيس وصيت موجب ڳوٺ نوان -جتوئي- ويجهو اباڻي قبرستان ’صابر شاهه‘ جي مقام ۾ ڪرڙ فقير جي ويجهو دفنايو ويو. سندس جنازي نماز ۽ -تدفين- ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي .
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔