جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Wednesday, 3 December 2014

شڪار جي چوس هرڻيون ۽ شڪاري خالد ڪنڀار

شڪار جي چوس هرڻيون ۽ شڪاري  خالد ڪنڀار
 واري وارن دڙن ۾ هڪڙي شڪاري لئـ هرڻ جو پير سڃاڻڻ ايترو اولو بـ ڪونهي . جيڪڏهن هو شڪاري آهي تـ هزار رڍ ۽ هزار ٻڪري جي پيرن مان هرڻ جو پير ڪڍي ڏيندو او هي آهي هرڻ جو پير،  جيڪڏهن ڪنهن شڪاري ڪو هرڻ اڳئين ڏينهن ڊوڙايو هجي ۽ انهي هرڻ ڪنهن بـ هيلي بهاني سان وجهـ نـ ڏنو هجي ۽ ڀڃي ويو هجي ٻي ڏينهن انهي ئي هرڻ جو پير جيڪڏهن ڪو شڪاري پنجهاه هرڻن جي پير سان ڏسندو تـ بـ ڌڪ سان سڃاڻي وٺندو تـ جيڪو هرڻ ڪالهـ مون ڀڃايو هو انهي جو پير هي آهي.جيڪڏهن شڪاري جو ڊوڙايل هرڻ جو پير هن پنج مهينن کانپوءِ ڏٺو تـ بـ سڃاڻي ويندو . هڪڙي هرڻ ۽ ٻي هرڻ جي پير ۾ بـ اهو وار جيترو فرق هوندو آهي جئين هر جناور جي پير ۾ فرق هوندو آهي. گهڻا شڪاري واري تي هرڻ جو پير ڏسي اهو بـ ٻڌائي ڏيندا تـ اهو پير ڪيترو پراڻو آهي .هرڻي جو پير هو بـ هو رڍ ٻڪري جي پير جهڙو ئي هوندو آهي  بس زرو فرق هوندو آهي جيڪو هر ڪو لکي بـ ڪونـ سگهندو. اڳيان ٿورڙيون چونهبڙيون هونديون. اهو صرف ۽ صرف شڪاري ئي سڃاڻي سگهي ٿو . وڏي عصور جو اٿي هرڻ جا پير اهاڙيندڙ شڪاري هرڻ جي پيرن جي اهاڙڻ واري خفت ۾ پيا ويندا آهن هنن جو سمورو خيال هرڻ جي پير واري نشان تي هوندو آهي انهي وچ ۾ هنن کي لٿي اڀري جي ڪا سڌه ئي ڪو نـ هوندي آهي بس منهن انڌاري ۾ ڪڏهن ڪنهن ڀٽ تي ڪڏهن ڪنهن ڀٽ تي ڪا وسندي تـ قسمت سان نصيب ۾ هوندي تـ هوندي رات ٽڪڻ لئـ نـ تـ سيڌو سامان ۽ سانداري پاڻي جي ڪلهن تي اهي هرڻن جا پير اهاڙڻ اهي ڪوهن جا ڪوه پنڌ، هرڻ جا پير اهاڙڻ لئـ چاڙهيڪو ڏبو آهي چاڙهيڪو اهين هوندو آهي جو هڪڙي ڀٽ تان چڙهندي سامهين ڀٽ کي نظر ۾ رکڻو آهي جئين هن ڀٽ تان چڙهبو وڃبو اهين سامهين ڀٽ کي نظر ۾ رکبو وڃي ٽونڪ تي چڙهبوايستائين ٻنهين ڀٽن ۽ ڏهرن کي هڪڙي ڀٽ چڙهڻ سان اک مان ڪڌي وڃبو. هرڻ جي شڪار ۽ پير اهاڙڻ لئـ گهٽ ۾ گهٽ تڏهن بـ ٻـ ڄڻا لازمي آهن هڪڙو سامان کڻندو ٻيو اهاڙ ڏيندو ويندو جنهن کي بندوق وارو چئبو آهي .سامان پاڻي کڻڻ وارو بـ پڪو پيري هجڻ کپجي . اهو بـ پير اهاڙيندو ويندو.ڪڏهن ڪڏهن اهين ٿيندو آهي جوسامان يعنئ پاڻي وارو پوئتي رهجي ويندو ۽ بندوق وارو اڳتي نڪري ويندو آهي . بس اهڙي آهي هرڻ جي شڪار ۽ پير اهاڙڻ جي چوس جو ساٿي ئي ٽٽيو وڃي تـ بـ چوس ۾ پيو وڃبو. بندوق وارو اشارڪندو ويهي ره تـ ويهي رهندو جي چوندو هل تـ هلندو بس شڪارين جي سموري ڳالهـ ٻولهـ اشارن ۾ ٿيندي آهي ڪڏهن ڪڏهن پير تي ٻـ ڄڻا هوندا آهن. هڪڙي پڪي عمر جي شڪاري چيو بس انهي شوق کي ڪئين ٻڌايان تـ شڪار جي شوق ۾ آهي ڇا ؟ ياري چوري ۽ شڪاري اهڙا شوق آهن جن تخت جي ڌڻين کان وٺي ٻاون وير ڏاهن جي عقل کي تاڪ ڏياري ڇڏيا آهين سمجهـ  تـ ڪل ئي ٿڙي ٿي وڃي سئو هيلا بهانا ڪر پنهنجا پورا وس لڳايو هٿين پيرين سوگهو ڪري ڇڏيو پر زرو ويڇي ملي نـ آهي تـ چور چوري ڪندو شڪاري شڪار ڪندو ۽ يار وڃي محبوب جو ملڪ جهليندو آهي ڇا انهي جي ڪا خبر ڪونهي بس انهي ئي خفت ۾ شڪارين کي رات جو خواب ۾ بـ هرڻن جا پير کڻندي ڏسندين.هنن کي رات جو خواب ۾ بـ هرڻيون نظر اينديون آهن. شڪاري جي نِيشاني جي ڪري ناموس ذات شڪاري تائين هوندي آهي. بس نالو کڻ تـ شڪاري انهي جي ڪاريگري ۽ ڪمال جا ڪارنامان ٻڌائڻ شروع ڪندو حليم پلي ڊيٻي واري تـ چوڏهن سئوايڪڙ ٻني جا بندوق جي نال مان ڪڌي ڇڏيا.هن تـ پنهنجي زال جي بولي مان بندوق جي گولي مٽائي هئي. اميد علي لاشاري بـ پنهنجي دور جو وڏو شڪاري هو اميد علي لاشاري ۽ ممتاز ڀٽي جو ياراڻو بـ شڪار جي ڪري هو. حاجي محسن پنهور جنهن دوربني واري بندوق سان  هرڻ ماريا هئا ست هرڻ ماريا ۽ ستنين هرڻن جي ٽنگ ۾ ڌڪ هئيو هئيائين چيائين مٿي ڌڪ هڻندس تـ گوشت خراب ٿي ويندو.جلال ڇڇر بـ پنهنجي ٽائيم جو وڏو شڪاري هو. باقي ڇٽي آريسر ۽ سوڀاري آريسر جي ڪهڙي ڳالهـ ڪجي اهي تـ وڏا شڪاري هئا انهن جهڙو ٿيو نڪو ٿيندو سوڀارو عربن کي شڪار ڪرائيندو هو.هو پهرين چوندو هو وڃي سير وجهو پوءِ سير وجهڻ وارو روانو ٿيندو هو هي پٺيان ڌڪ هڻندو هوهوڏانهن سير وجهڻ وارو پهچندو هو ۽ سوڀاري جي بندوق مان ڪارتوس نڪروندو هو جيڪو هرڻ کي ڪيرائيندو هو . هن کي پنهنجي نشاني تي ايترو بانور هو . ڊانسو ڪندو ڪندو ڌڪ هڻندو هو.
هڪڙي هرڻن جي شڪاري جي استاد ٻلي آهي جي لڪ سکڻي اٿئي تـ ٻلي کان سک ، ڀلا ٻلي کي ڪڏهن ڪوئي جو شڪار ڪندي ڏٺو اٿئي جي ڪوئو ڊوڙندو تـ ٻلي بـ ڊوڙندي جي ڪوئو بيهندو تـ ٻلي بـ بيهـ رهندي پوءِ جئين ئي ڪوئو ٻلي جي جهٽ ۾ ايندو تـ هو جهٽ هڻندي دير ئي ڪونـ ڪندي . اهين ئي آهي ڊوڙندي هرڻ جو شڪار ڪرڻ جي هرڻ ڊوڙندي تـ شڪاري بـ ٻلي وانگر ڊوڙندو جي هرڻ بيهـ رهي تـ شڪاري بـ بيهـ رهندو وري هرڻ ڊوڙندي تـ شڪاري بـ ڊوڙندو جئين ڌڪ ۾ ايندي تـ جهٽ ڪري وٺبو جي آهي نيشاني جو چٽو تـ نوڙئي ڪاتوس جا ڇير وڃي هرڻ جا ڦڦر جهليندا ۽ ڪاتي مس رسندي .اهو آهي ڊوڙندي هرڻ جو شڪار ڪرڻ ٻيو وري چرندي هرڻ جو شڪار ڪرڻ اوهين ڏسو ٿا اوهان کان گهڻو پر ڀرو هرڻ ڪنڌ هيٺ ڪري چري پيو ۽ اوهان تي اک ڪونـ پئي آهيس .پوءِ تـ اهين ڪندا جو بندوق جي نال ۾ سڻ يا ٻوه ڏئي پاڻ لڪائيندا ٺونٺن ۽ پيٽ ڀر گسڪندا گسڪندا وڃي جي بندوق ۾ آهي پلاسٽڪ جي ڪور وارو ڪارتوس تـ پنجاه وکن تي ۽ جي گتي جي ڪور وارو ڪارتوس  تـ ستر وکن تي هاڻ تـ گتي وارو ڪارتوس اچي ئي ڪونـ ٿو پر ايتري پنڌ تي بندوق مار ڪندي ۽ رڳو گهوڙو دٻائبو تـ هرڻ پٽ تي ، هرڻ جي شڪار جو ٽيو طريقو اهو آهي جو اوهان هرڻ ڏٺي ئي ڪونهي پير پيا اهاڙيندا وڃو پر پير اهاڙيندي اهاڙيندي جي آهيو شڪاري تـ پير ڏسي اوهانکي خبر پئجي ويندي تـ هن ٻوڙي ۾ هرڻ آهي وڏن شڪارين کي تـ ويهـ پنجويهـ وکن تان خبر پئجي ويندي تـ هن ٻوڙي يا ٻٿ ۾ هرڻ آهي پوءِ کڙڪو تـ پرتي رهيو ساه کڻڻ بـ وساري ڇڏڻون آهي ۽ ٺا  وڃي ويٺل هرڻ کي بندوق هڻجي پر شڪارين جو اصول چوي ٿو تـ هرڻ ويٺل کي بندوق نـ هڻجي پر ڊوڙائي بندوق هڻجي .جي آهي شڪاري تـ اهو هرڻ جو شڪار ڏينهن جو ڪندو ۽ اهي طريقا ڏينهن جي شڪار جا آهن باقي جي شڪاري ئي ناهي مڙئي هلڪو ڦلڪو شڪاري ۽ وڏو سرياند آهي تـ پوءِ رات جو شڪار ڪندو انهي کي شڪاري تـ چور شڪاري چوندا هرڻ رات سڃي چرندو آهي ۽ ڏينهن جو ويٺل هوندو آهي هي وري ڊسڪو شڪاري ڇا ڪندا آهن جو رات جو گاڏي جي آواز ۽ سرچ لائيٽن تي شڪار ڪندا آهن هرڻ وري اهڙو تـ ڊڄڻو آهي جو گاڏي جي آواز ۽ سرچ لائيٽن تي هو وک بـ ڊوڙي ڪونـ سگهندو ۽ ڊپ ۾ هن جون ٽنگون پيون رڦنديون پوءِ تـ هڪڙي ڌڪ ۾ ٽي ٽي چار چار هرڻ پٽ تي هڪڙي ڌڪ ۾ ڪم ٿيو وڃي. پر اهي شڪاري تـ ڪونـ چئبا . شڪاري چوندا آهن تـ هرڻ جو شڪار ايترو سولو ڪونهي ڪلو رت چوسي پاٰءِ گوشت جو ملي ٿو، انهي جو رات وارو ٻيو طريقو وري اهو آهي جو چار پنج ڪلو واري ٽامي جي لوٽي ۾ پنڌرنهن ويهـ بلور وجهي اهي گهمائبا ۽ سرچ لائيٽ هڻبي تـ هرڻ جتي هوندا اتي بيٺا رڦندا پوءِ کپي جيترا مار ۽ گهڻا خفتي تـ وري اهين ڪندا آهن جو هڪڙو اهو لوٽي پيو گهمائيندو ۽ ٻـ ڄڻا اهين ڪندا جو آهستي آهستي ڪندي وڃي هرڻ جي پوئن ٻنهي ٽنگن ۾ جهليندا هرڻ ڌو پٽ تي اهو بـ انڌاري راتين ۾ چور شڪاري اهو طريقو بـ استعمال ڪندا آهن. ڏينهن جا شڪاري وڌ ۾ وڌ هڪڙي ڌڪ ۾ ٻـ هرڻ ڪيرائي سگهن ٿا ۽ هڪڙي ڏينهن ۾ وڏي ۾ وڏو شڪاري بـ وڌ ۾ وڌ چار هرڻ ماري سگهي ٿو باقي چور شڪارين جي ڳالهـ نٿا ڪريون. هرڻ کي پيٽ ۾ نوڙئي ڪارتوس جا ڪيترا بـ ڇيرا لڳن پر ڪرندو ڪونـ ڀلين آنڊا اوجهريون ڪري وڃن ٻٽ ڀڃي ويندي جيستائين انهي کي ڦڦڙ ڪرنگهي ٽنگ يا دماغ ۾ ڌڪ نٿو لڳي .  باقي جي هرڻ کي هڪڙو ڇيرو بـ لڳو ۽ هن رات جو تارن ۾ ڏٺو تـ هن جو ساه نڪري ويندو وڃي پساه پورا ٿيندس . هرڻ جو  بندوق جي ٺڪا سان ساه دماغ کي چڙهي ويندو آهي  هنن جو چوڻ آهي ،جي هرڻ کي ڌڪ لڳي ويو ۽ اها گهڻي ويڇي تي آهي پر جيڪڏهن شڪاري ڪنهن سان بـ نـ ڳالهائي ۽ سڌي وڃي بسم الله ڪري سير وجهي تـ اهو هرڻ حلال آهي.هرڻ جي شڪارين جو اهو بـ چوڻ آهي تـ ماڻهو جي خوشبو ايندي آهي ۽ هن کي ماڻهو جي خوشبو ايندي هرڻ اتي ڇڪون ڏيئڻ شروع ڪندو ڦونگار پئي پوندي شڪاري انهي خيال جا بـ آهن تـ هرڻ کي بندوق جي خوشبو بـ ايندي آهي انهي ڪري هو ڪڏهن بـ هواءِ کي پٺيرا شڪار تي ناهين ويندا جي واءِ ڪاڇي هوندو تـ شڪار ي واءِ کي سامهون ڏکڻ ويندا ۽ جي واهوندي هوندي تـ هي شڪار تي الهندي ويندا جي اگتيو واءِ هوندو تـ اڀرندي شڪار تي ويندا جيڪو هوا هوندي انهي کي سامهون شڪار تي وايندا اهو شڪار جو اصول آهي . شڪار جو ٻيو اصول اهو آهي تـ هو صبوح جو الهندي ۽ شام جو اڀرندي شڪار کي ويندا . هوا کي سامهون ويندڙ شڪاري سج کي سامهون شڪار تي نـ ويندا ڇو جو جيڪڏهن سج سامهون هوندو تـ هنن جي نگاه پري پري تائين نـ ويندي ۽ يقنن هرڻ تـ سج کي پٺيري هوندي انهي ڪري هي تـ هرڻ کي ڪونـ ڏسي سگهندا پر هرڻ هنن کان پهرين هنن کي ڏسي وٺندي . هون شڪار جي موسم سيارو آهي پر هتي تـ ٻارنهن ئي مهينا شڪار ٿئي ٿو انهي ڪري جو سياري جو ڏينهن ٿڌو ٿئي ٿو انهي ۾ پير کڻڻ ۽ پنڌ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي ۽ گوشت کائڻ جو بـ سياري جو پنهنجو مزو آهي .هرڻ جي آهي ئي شيخ اتي ئي ماريو اتي ئي ، ڪٺو اتي ئي شيخون ٺاهي اتي ئي کاڌيو پوءِ آهي مزو شڪاري رڳو شڪار واري چوس پوري ڪندو آهي باقي کائيندي دنيان آهي. شڪاري ڪڏهن بـ سوئا هرڻ کي ڌڪ نـ هڻندو جي هن سڃآڻي ورتو تـ ۽ نـ وري ڍڪي هرڻ کي ڌڪ هڻندو اهو شڪار جو اصول آهي  بس هڪ نالي جو ڪارتوس هڪڙو هوندو آهي دو نالي ٻـ ڪارتوس پون ٿا هڪڙو گٿو تـ ٺا وري ٻيو.
هرڻ رات جو چرندو آهي ۽ ڏينهن جو وڃي ويهي رهندو آهي هو هڪڙي هڪڙي رات ۾ ڏه ڏه ميل پنڌ ڪندو آهي سانوڻي جي مهيني ۾ هن جي ٿانڪ هڪڙي هوندي آهي چرڻ لئـ ڀلين ڏه جا پنڌرنهن ڪوهـ پرتي وڃي پر رات سڃي چري چري وري اچي انهي ٿانڪ تي ويهندو آهي . اتي ڪنهن ٻوڙي ۾ کڏ هڻي ويهندو آهي ڇو جو سانوڻي جي مهيني ۾ هن کي مک تنگ ڪندي آهي . اها کڏ هو گهاٽي ٻوڙي ۾ هڻي ويهندو آهي . ٻڪري ٽيهـ وڻ کائي ٿي پر هي انهي کان ٻـ وڻ مٿي ٻٽيهـ وڻ کائي ٿو . هرڻ جي اوجهري کاري زهر آهي انهي ڪري جو هي سال جا ٻارنهن مهينا سوءِ برساتي پاڻي جي ٻيو ناهي پئيندو اهو بـ گاه تي ڪريل پاڻي ۽ اڪ جي پنن تي پيل پاڻي ڪٿي ڪٿي ننڍي ننڍي ڇلرن کي زبان سان چٽيندو آهي پر وڏي پاڻي کي ويجهو ئي ڪونـ وڃي . اهي هرڻ جيڪي گهر ۾ پالين ٿا اهي آهستي آهستي انهن کي پاڻي پيارڻ سيکاري ڇڏين ٿا پر اهو هرڻ جيڪو عام جام پاڻي پئي ٿو اهو هن جهنگلي هرڻ وانگر ڀڃي ڪونـ سگهندو آَهي.اهي جيڪي هرڻ جا ٻچا پاليندا آهن اهي انهن ٻچن کي ٻڪري جي هيٺان هن جي ٿڻن مان کير بـ پياريندا آهن پر اهو هرڻ اهڙو نٿو هجي جهڙا جهنگلي هرڻ هوندا آهن اهو رڳو نالي جو هرڻ ۽ گهر جي سونهن هجي ٿو گهر وارو هرڻ جهنگلي هرڻ وانگر ڀڃي ڪونـ سگهندو ٿورڙو ڊوڙندو ۽ ڪري پوندو.گش ٿي ويندو. هرڻن جا ٽي قسم تـ هتي پڪا پڪا آهن هڪڙا چانورا جنهن جي منهن تي اکين وٽان ليڪا آهن. هرڻ جو ٻيو قسم جنهن جي مٿي تي اڇ ٽڪو هوندو آهي ۽ قد جو ڊگهو هجي ٿو . ٽيو برڙو هرڻ جيڪو بدن ۾ ڳرو ۽ قد ۾ برڙي ٻڪري وانگر ڇوٽو هجي ٿو. ڪاريل هرڻ هتي پاڻ واري ٿر ۾ ڪڏهن ڏساڻو ڪونهي پر اهو باڊر پار چون ٿا تـ آهي . اڇو هرڻ بـ ٿئي ٿو . نر هرڻ جا سڱ وڏا ڊگها ۽ ٿلها ٿين ٿا مادي هرڻ جا سڱ ننڍڙا ٿين ٿا .  هڪڙا چون ٿا ڍڪي هرڻ جي مٽ مان اها خبر پوي ٿي تـ هو ڪيترن ڪلاڪن يا ڏينهن ۾ ويامندي ٻيا وري انهي ڳالهـ تي چون ٿا تـ اها ڪوڙي آهي مٽ مان ڪئين خبر پوندي اها صرف اوه کي ڏسي ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو تـ هو ڪيتري ٽائيم ۾ ويامندي پوءِ شڪاري اوه مان اندازو ڪري انهي هرڻ جي پٺيان پيا هلندا آهن ڪڏهن ٿي ويامي ڪڏهن انهي جا ٻچا کڻجن هرڻ جو ٻچو ويامڻ کانپوءِ چوويهـ ڪلاڪن ۾ اٿي ويندو آهي ۽ جي هرڻ جو ٻچو اٿي ويو تـ پوءِ جهلڻ ڪونـ ڏيندو . جي اڃان ٽن ڏينهن جو ٿي ويو پوءِ ٿيا ست خير پيو ڊوڙ پٺيان پر جهلائيندو ڪونـ ڀلين ڪجهـ بـ ڪري ڇڏينس. پر شڪاري ڇا ڇڏين انهي ٻچي کي بـ جهليندا هرڻ جي ٻچي جي ماءِ ڪڏهن بـ هن سان گڏ ڪونـ ويهندي پنڌرنهن ويهـ وکون پرتي سدائين پرتي ويهندي آهي اڃان اهو هرڻي جو ٻچيو پنڌرنهن ڏينهن جو ٿيو پوءِ صفا وڃي پري ويهي رهندي ڇو جو ويجهي ٿي ويهـ تـ شڪاري هن جا پير اهاڙي هن جا ٻچيا ٿا کڻي وڃن جي اٿي ويل ٻچيا جهلڻ نـ ڏيندا تـ شڪاري وري مڇي وارو رڇ لانگهي ۾ ڦاسائي رڇ ۾ جهليندا آهن ڇو جو هرڻ جو ٻچيو جيڪو گس جهلي ويندو آهي جيڪڏهن هن جي اڳ جهلبي تـ اهو ئي گس جهلي واپس ورندو سو  اتي ڄار ۾ ڦاسي پوندو. هون تـ هرڻ جي ٻچن جي جوڙي ٽيهـ هزار ۾ وڃي ٿي انهي ڪري هي چور شڪاري هرڻ جا ٻچا جهلين ٿا نـ تـ شڪار جي اصول ۾ ٻچا جهلڻ پاپ آهي .هڪڙو جانور آهي پڙنگ اهو هرڻ کي ماري ٿو انهي جو هڪڙو پاسو ٻلي جو آهي ۽ هڪڙو پاسو هرڻ جو گهڻن شڪارن پڙنگ جانور ڏٺو بـ آهي اهو پڙنگ ٽل سان هرڻ کي ماري ٿو اهو ڇا ڪندو آهي جو هرڻ کي پري کان ڏسندو آهي تـ رڳو هرڻ وارو پاسو هرڻ ڏانهن ڪندو آهي تـ هرڻ اهو سمجهندو آهي تـ ڪو هرڻ آهي جئين هرڻ ويجهو ايندو آهي تـ هي سٽ ڏئي هرڻ جي پينڊي ۾ چڪ هڻندو آهي . هن جي ڏندن ۾ ڪو اهڙو زهر آهي جو هرڻ پڙنگ جو چڪ بـ سهي ناهي سگهندو. گهڻا هرڻ اڇڙي ٿر ۾ ٿين ٿا. هرڻ هر موسم ۾ ويامندو آهي ڦر ٻڪري وانگر هڪڙو يا ٻـ ڏيندو آهي .هرڻ جي اوجهري سڪائي پوءِ لهٽي گهوٽي رکبي آهي پوءِ دم جي مريص کي کارائبي آهي ۽ هرڻ جي سڱ جي اندرين هڏي ڪڌي گهوٽي جيڪڏهن ڪنهن نر لٿل کي کارائبي تـ اهو ٺيڪ ٿي ويندو  چون تـ اهو ٿا تـ سڱ واري هڏي چيل جي سور ۽ گوڏن جي سور لئـ بـ سٺي آهي . پر اه سڱ کٽ واڻيندڙ کي سانکا اڳتي پوئتي ۽ ساريکا ڪرڻ ۾ ڪم زرور ايندو آهي  
هڪڙي شڪاري جي پڇاڙي بڇڙي آهي جڏهن پساه پورا ٿيڻ تي هوندا آهن تـ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي هڪڙي شڪاري ٻڌايو تـ شڪارپور واري پاسي جو هڪڙو تترن جو شڪاري پڇاڙي آئي تـ تترن جون ٻوليون ڪرڻ لڳو .جڏهن شڪاري کٽ تي ڪرندو آهي تـ رڙيون ڪندو آهي گهوڙا ڙي گهوڙا پکي ٿا مارن هرڻ ٿا مارن جئين محبت علي شاه جي ڳوٺ وارو لونگ خاصخيلي پڃاڙي جو ڪو ڪون ڪندو هو تـ تلور ٿا مارن جيڪو ڪارتوس بـ پاڻ ٺاهيندو هو اهو رڙيون تـ پاڻ بـ هنن گناه گار ڪنن سان ٻڌيون هيون .بس اهي آهن هرڻ ۽ انهن جي شڪارين جا شوق.
Jogee_khalid@yahoo.com

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔